نثارابڙو
نائب منتظم
گذارش؛ هيٺ ڏنل ڪهاڻي هڪ دوست موڪلي هئي جا اردو ۾ لکيل هئي ... مونکي نصيحت ڀري لڳي ۽ ادي رشيد جي وقت بابت لکيل هڪ ليک جي حمايت ۾ پڻ آهي، مناسب لڳو ته اوهان دوستن سان ونڊ ڪجي ...
نثار ابڙو
مڪو پاڪ
________________________________________
هي وقت به لنگهي ويندو
ڪنهن زماني جي بادشاهه پنهنجي ملڪ جي پڙهيل لکيل، سياڻن، ڏاهن ۽ عالمن کي دعوت ڏئي ڪٺي ڪري سوال ڪيو ته، ڇا ڪو اهڙو مشورو، منتر يا چوڻي آهي جا هر وقت ۽ هر حالت ۾ ڪم ڏئي، ڪو اهڙو مشورو جو جڏهن آءُ اڪيلو هجان ۽ ڪو مونسان صلاح ڪرڻ وارو نه هجي تڏهن به اهو منتر ڪم اچي؟
بادشاهه جي اها خواهش ٻڌي، سڀ ڏاها حيران ۽ پريشان ٿي ويا ... لڳي ويا ڳوٽَ ڀڄڻ ۾ ته آخر اهڙي ڪهڙي صلاح يا منتر آهي جا هر حال ۾ ۽ هر وقت ڪارگر ثابت ٿئي! خوشي هجي يا غم، تڪليف هجي يا راحت، جنگ هجي يا امن، هار هجي يا سوڀ مطلب ته هر جڳهه ۾ سمائجي وڃي؟
ڪيتري دير پاڻ ۾ تقرار ۽ بحث ڪندا رهيا، آخر هڪ پوڙهي ڏاهي هڪ تجويز ڏني، جا مڙني ڏاهن کي پسند آئي ۽ اها تجويز کڻي بادشاه جي دربار ۾ آيا ...
بادشاه سلامت جي خدمت ۾ هڪ ڪاغذ پيش ڪندي چيائون ته هن ۾ هڪ اهڙو منتر موجود آهي، جنهنجي اوهان خواهش ڪئي هئي ... شَرطُ اهو آهي ته هن منتر کي اوهين ان وقت کولي پڙهندا جڏهن اوهان اڪيلا هجو ۽ اوهانکي ڪنهن مدد يا مشوري جي گهرج هجي ... بادشاه کي ڳالهه پسند آئي ۽ ڪاغذ کي قبول ڪندي پاڻ وٽ سنڀالي ڇڏيو ...
ڪو عرصو گذري ويو ... اوچتو پاڙيسري ملڪ جي ڪٽڪ، ڄاڻايل بادشاه جي ملڪ تي چڙهائي ڪئي، حملو ايترو ته اوچتو ۽ ڳوڙهو هو جو بادشاه ۽ سندس ڪٽڪ کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ... هُنَ ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ملڪ جو بچاءُ ڪري پر آخرڪار سندن پير اکڙي ويا ۽ لشڪر ۾ ڀاڄ پئجي وئي ... دشمن جا جوڌا بادشاه کي پڪڙڻ لاءِ پويان لڳي پيا ۽ بادشاه پنهنجي جان بچائي گهوڙو ساڻ ڪري وٺي ڀڳو ... ڀڄندي ڀڄندي هو ڪنهن جبل جي ڪنهن اهڙي جڳهه تي اچي پهتو جت اڳتي اونهي کاهي ته پويان وري دشمن جو لشڪر سندس ڳولها ۾ ويجهو ٿيندو ٿي ويو ...
اهڙي حال ۾ کيس اوچتو ڏاهن وارو منتر ياد آيو ... تڪڙ ۾ منتر ڪڍي پڙهڻ لڳو ... ڪاغذ تي لکيل هو ” هي پَلُ به لنگهي ويندو“
بادشاه حيران ٿي ويو ۽ ان ڪاغذ کي ٻه ٽي دفعا غور سان پڙهي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو ... آخر کيس خيال آيو ته ڳالهه ته بلڪل صحيح لکيل آهي ... ڪجه پل اڳ هو پنهنجي بادشاهيءَ ۾ سڪون جي زندگي گهاري رهيو هو ۽ هر قسم جو عيش ۽ آرام ميسر هو ۽ هاڻ هو دشمن کان پاڻ بچائڻ لاءِ ڊڪندو پيو وتي؟، جڏهن آرام ۽ عيش جا ڏينهن لنگهي ويا ته پڪ سان هي پل به گذري ويندا ... اهو سوچي سڪون ۾ اچي ويو ۽ جبل جي اوٽ وٺي قدرتي نظارن جو مزو وٺڻ لڳو ... ٿوري دير ۾ گهوڙن جي ٽاپ ٻڌجڻ ۾ آئي، دشمن کيس ڳولهيندي ڪنهن ٻي پاسي هليا ويا ...
بادشاه بهادر ماڻهون هو، جنگ کانپوءِ هُنَ پنهنجي لشڪر جي بچيل سپاهه ۽ سپه سالارن کي ڳولهي لڌو جي پڻ آس پاس ۾ ئي لڪل هئا ... ٻيهر پنهنجو پاڻ منظم ڪري ، دشمن تي حملو ڪيائون ۽ کيس شڪست ڏئي سرخرو ٿيا ... جڏهن فتح ٿي وئي ته پنهنجي گاديءَ واري شهر ڏانهن موٽ ڪيائون، شهر وارا سوڀ جي خوشيءَ ۾ بادشاه جي آڌرڀاءَ لاءِ اچي ڪٺي ٿيا ... پنهنجي بهادر بادشاه جي شان ۾ گيت ڳائڻ لڳا، ناچ ڪرڻ لڳا، گهر گهر، گهٽي گهٽي جشن ئي جشن هو ... ماڻهون گلن ورکا ڪري رهيا هئا ... بادشاه سلامت پنهجي لشڪر سميت قوم جي وچ ۾ شان ۽ شوڪت سان ماڻهن جي نعرن جا جواب ڏئي رهيو هو ... ۽ سوچيائين ته ڏس ماڻهون ڪنهن بهادر بادشاه جو آڌرڀاءُ ڪيڏي شان سان ڪندا آهن ... منهنجي شان ۽ عزت ته اڳي کان به اڳري آهي ۽ ڇونه ٿئي شڪست کانپوءِ ايڏي وڏي فتح حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم ته ناهي ۽ مون اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ...
اهو سوچيندي سوچيندي کيس ساڳيو ڏاهن وار4و جملو ياد اچي ويو ته ” هي پل به لنگهي ويندو“ کيس ياد ايندي ئي منهن جو رنگ بدلجي ويو ۽ پاڻ تي آيل غرور به ختم ٿي ويو ۽ سوچيائين ته جيڪڏهن هي پل به لنگهي ويو ته پوءِ هي پل هيءَ حالت منهنجي ناهي، هي هار ۽ هي سوڀ به منهنجي ناهي، اسان ته صرف تماشائي آهيون، هر شئي کي گذري وڃڻو آهي ۽ پاڻ ته فقط بس شاهد آهيون ... “
پاڻ فقط محسوس ڪندا آهيون، زندگي ايندي ۽ هلي ويندي آهي، خوشي ۽ غم جو به اهو حال آهي ... پنهنجي حياتيءَ جون حقيقتون سڃاڻڻ گهرجن ... هن حياتي ۾ ايندڙ، خوشين، مسرتن، سوڀ ۽ هار ۽ غم جي گهڙين کي ياد ڪرڻ گهرجي ... ڇا ڪو وقت هميشه لاءِ رهيو آهي ... ڪهڙا به پل هجن، ايندا آهن ۽ هليا ويندا آهن ...
زندگي گذري ويندي آهي ... ماضيءَ جا دوست وڇڙي ويندا آهن، جي اڄ دوست آهن شايد سڀاڻي نه هجن، ماضي جا دشمن به نه رهيا آهن ته اڄ وارا به نه رهندا ... هن دنيا ۾ ڪا به شئي مستقل ۽ لازوال ناهي ...
هر شئي بدلجي ويندي آهي پر تبديلي جو اصول ناهي بدلبو ... ان ڳالهه کي پنهنجي زندگيءَ جي پسمنظر ۾ سوچجي ... اوهان ڪيترين ئي شين کي پنهنجي زندگي ۾ بدلجندي ڏٺو هوندو ... اوهانجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا غم ۽ شڪست جا لمحا آيا هوندا ۽ اهڙيطرح اوهان گهڻا ئي خوشين جا لمحا به گذاريا هوندا ... ٻنهي قسمن جا پل گذري ويندا آهن ... ڪجهه به مستقل ناهي ... ته پوءِ اسين ڇا آهيون؟ پنهنجي اصل روپ کي سڃاڻڻو پوندو ... اسانجو روپ به اسانجو ناهي انکي به وقت سان گڏ بدلجڻو آهي ... پر پوءِ به اسانجي اندر هڪ اهڙي شئي آهي جا ڪڏهن به نآهي بدلبي ۽ هميشه لاءِ هڪجهڙي آهي ...
ڪهڙي شئي آهي جا نٿي بدلجي، شايد اوهانجي اندر جو سچو انسان ... اوهين صرف ان بدلاءَ جا شاهد آهيو ۽ بس ... محسوس ڪيو ۽ سوچيو ... پنهنجي زندگيءَ جي ڪاٽو تبديلن کي محسوس ڪريو ۽ پنهنجي ذات سان انهن کي وس ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ...
رهڻ واري ذات صرف هڪ الله جي آهي ۽ باقي رهجي ويندا اسانجا عمل ...
سوچيو ۽ عمل ڪريو