بنگلاديش؛ سياري جي رات جهڙي ماٺ! آڪاش مهراڻوي (ڍاڪا بنگلاديش) خطرناڪ سياسي وڳوڙن، هڙتالن، خونريزيءَ، احتجاجي جلسن جلوسن، ڌرڻن ۽ گھيرائو جلائو جهڙي انتهائي خطرناڪ صورتحال کان پوءِ هڪدم ماٺ ۽ شانتيءَ جي حوالي ٿي ويو آهي. سنڌيءَ جي چواڻي؛ ”سوٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري!“ جيان ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت صدارتي فرمان بعد وڳوڙي رستن روڊن ۽ گھٽين توڙي گھرن مان ائين غائب ٿي ويا آهن جيئن گنجي جي مٿي تان وار!. ڊاڪٽر فخر الدين احمد نگران حڪومت جون واڳون سنڀالڻ بعد ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي دٻاءَ کان سواءِ اهڙا فيصلا ڪيا آهن ۽ انهن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سخت انتظامي قدم پڻ کنيا آهن جن بابت ڪا به سياسي حڪومت لاءِ سوچڻ به مشڪل هو. ملڪ جي نگران سربراهه کي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو هئڻ جي صورت ۾ هڪ طرف هٿياربند فوج جي مڪمل مدد ۽ حمايت حاصل آهي ته ٻئي طرف پڙهيل ڳڙهيل ۽ اقتصيادات جي ماهر حڪومتي سربراهه جي ڪيل فيصلن ۽ عملن کي عوام طرفان بي پناهه حمايت ملي رهي آهي نه رڳو حمايت پر ملڪ جي آباديءَ جو هڪ وڏو حصو، ڪاروباري ڪميونٽي، انڊسٽريل ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو وڏو تعداد ته في الحال ڪجهه وقت تائين چونڊون نه ڪرائڻ ۽ حڪومت جون واڳون موجوده نگران سرڪار جي هٿ هيٺ ئي رکڻ جهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. جڏهن ته موجوده سياسي وايومنڊل تي نظر وجھڻ سان گھٽ ۾ گھٽ ڇهن مهينن تائين چونڊون ٿيندي نظر ڪونه ٿيون اچن. تازو هاءِ ڪورٽ پڻ نگران حڪومت کي پنهنجي هڪ فيصلي ذريعي ايندڙ ٽن مهينن تائين چونڊون نه ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته چونڊن لاءِ ”ووٽر ڪارڊ“ توڙي درست ۽ سڀني ڌرين لاءِ قابلِ قبول تيار ڪرڻ ۾ کين گھٽ ۾ گھٽ چئن مهينن جو وقت درڪار آهي. ان کانسواءِ موجوده نگران سرڪار جي پاليسين ۽ کنيل قدمن کي ڏسندي نه ٿو ڀانئجي ته ڪو چونڊون ايندڙ ڪجھ مهينن ۾ ممڪن آهن. ٻئي طرف عوامي ليگ جي قيادت هيٺ سرگرمِ عمل گرينڊ الائينس موجوده حڪومت جي لڳ ڀڳ سمورن قدمن جي حمايت ڪري رهيو آهي جڏهن ته بنگلاديش نيشنل پارٽي (بي اين پي) ۽ جماعت اسلامي جي قيادت هيٺ قائم چار پارٽي اتحاد کي حڪومتي فيصلن توڙي عملن سان اتفاق نه آهي پر پوءِ به هوُ ايمرجنسي ۽ فوج جي موجودگيءَ سبب بلڪل ماٺ آهي. تازو ڪجهه ڏينهن اڳ صدر پروفيسر اِياز الدين احمد جي صحيح سان ايمرجنسي بابت هڪ آرڊر جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب، ايندڙ ڪنهن ٻئي حڪم يا جيستائين ايمرجنسي لاڳو آهي، ملڪ اندر سياسي جلسن، جلوسن، احتجاجن، هڙتالن، ڌرڻن، سياسي چرپر تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ٽريڊ يونين، سماجي، مزدورن جي تنظيمن کي پڻ ڪنهن به قسم جي جلسي جلوس، پروگرام، ريلي وغيره کان روڪيو ويو آهي. انکان سواءِ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا مٿان پڻ ڪيترن ئي قسمن جون پابنديون لڳايون ويون آهن جن جي عوامي ليگ ۽ انجي اتحادي ڌرين اهو چئي حمايت ڪئي آهي ته نگران سرڪار پاران غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ واسطي کنيل سمورن قدمن جي گرينڊ الائينس حمايت جاري رکندو. جڏهن ته بي اين پي ۽ سندس اتحادين کي ڪافي اعتراض آهن پر ان هوندي به هُو مسلسل خاموش آهن. انڊين فلم ”نائڪ“، جنهن ۾ مشهور اداڪار انيل ڪپور کي صرف هڪ ڏينهن لاءِ اسٽيٽ جو وڏو وزير بنايو ويو ۽ هن درامائي طور اسٽيٽ کي هڪ ڏينهن ۾ مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو بلڪل تهڙي طرح بين الاقوامي طور هڪ سٺي اقتصاديات جي ماهر طور ڄاتو ۽ سڃاتو ويندڙ ڊاڪٽر فخرالدين احمد، جيڪو بنگلاديس جي مرڪزي بينڪ جو گورنر پڻ رهي چڪو آهي، صرف ڏهن ڏينهن جي مختصر ترين عرصي ۾ ڍاڪا سميت سموري پلڪ جي سياست، سماجيات، نفسيات، اقتصاديات ۽ شهري رهڻي ڪهڻي توڙي عام ڪارونهوار جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي جو هر هڪ بنگاليءَ جي زبان تي سندس لاءِ ساراهه جا ڳيچ ئي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ويهن ڏينهن جي مختصر ترين عرصي اندر وڏي پيماني تي ڏوهارين جي خلاف وٺ پڪڙ جنهن جي نتيجي ۾ بنا ڪنهن سياسي رک رکاءَ جي سمورن ڏوهاري رڪارڊ رکندڙن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي جنهنجي نتيجي ۾ هن وقت تائين ڪيترا ئي ڏوهاري گرفتار ٿي چڪا آهن جن ۾ ڪافي اهڙا به آهن جن کي ويجھي ماضيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن سياسي ڌر جي پشت پناهي حاصل هئي. ڏوهارين سان گڏ اهڙين واپارين خلاف پڻ وسيع پيماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جيڪي ذخيره اندوزي ذريئي ملڪ ۾کاڌي پيتي ۽ عام واهپي جي شين جي هٿرادو کوٽ ڪري وڏو نفعو ڪمائڻ جا خواهشمند هيا اهڙي آپريشن وسيلي ڪروڙين ٽڪن ( بنگلاديش ۾ ڪرنسيءَ جو نانءُ ”ٽڪو“ آهي.) جو مال مختلف گودامن مان هٿ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پوري ملڪ خاص طور ملڪ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڍاڪا ۾ لينڊ مافيا، قبضا گيرن، حددخلين، منشيات فروشن ۽ اسمگلرن توڙي ڪرپٽ عملدارن خلاف پڻ آپريشن شروغ ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ طرف ڪافي گرفتاريون عمل ۾ اچي چڪيون آهن ته ٻئي طرف ڍاڪا جتي هڪ ڪلوميٽر جو مفاصلو گھٽ ۾ گھٽ ٻن ڪلاڪن کان ٽن ڪلاڪن ۾ طئه ڪري سگھبو هيو اُهو هاڻي پنج کان ڏهن منٽن ۾ عام سائيڪل رڪشا وسيلي طئه ڪري سگھجي ٿو. فيبروريءَ کان اڳ جن به ڍاڪا گھمي ڏٺو هوندو اُهو جي هاڻي واري ڍاڪا کا ڏسندو ته پڪ سان سڃاڻي ڪونه سگھندو. فيبروري کان اڳ واري ڍاڪا ۾ ڦٽ پاٿ تي پنڌ هلڻ جو تصور ڪرڻ به محال هيو ڇو ته نه رڳو ڦٽ پاٿ پر گھٽ ۾گھٽ اڌ روڊ تي حددخلين ذريعي دڪان، مانڊيون ۽ ريڙها بيهاريا ويا هيا جنهن سبب سڄو ڏينهن ٽريفڪ جام رستن تي گاڏين ۽ سائيڪل رڪشا وارن جي پِيهه لڳي پئي هوندي هُئي ۽ رستن تي هلڻ يا روڊ کي ڪراس ڪرڻ انتهائي مشڪل ڪم هيو. هن سرڪار نه صرف اهي غير قانوني قائم دڪا، ريڙها، مانڊيون يا دڪان هٽايا پر غير قانوني طور حددخليون ڪري تعمير ڪيل وڏيون وڏيون بلڊنگيون/عمارتون پڻ بلڊوزرن سان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون جنهن ڪري هاڻي ڍاڪا ۾ گھمڻ ۽ ڊرائيو ڪرڻ جو مزو ئي ٻيو آ. ڍاڪا جي موتي جھيل واري ايريا هجي يا گلستان، گلشن هجي يا پراڻو ڍاڪا، سوري گھاٽ هجي يا بناني، بادام تلي هجي يا ميرپور، جاترا باڙي هجي يا چوڪ بازار ڪٿي به روڊ جام يا ٽريفڪ جام نظر نه ايندي. هي سڀ ڪجھ ڍاڪا وارن لاءِ صرف خواب هو...! جن ڊاڪا ڏٺو هوندو شايد اُهي يقين به نه ڪن ته ڪو موتي جھيل کان چوڪ بازار تائين صرف ڏهن منٽن ۾ سائيڪل رڪشا وسيلي پهچي سگھجي ٿو. ايمرجنسيءَ جي صدارتي فرمان، نئين نگران حڪومت جي قيام، چونڊون ملتوي ڪرڻ ۽ نئين نگران حڪومت پاران عوام جي اُمنگن موجب عمل ڪرڻ سبب سچ ته ڍاڪا سميت پوري بنگلاديش ۾مڪمل طرح سانت امن شانتي ۽ حساب ڪتاب (احتساب) جو دور شروع ٿي ويو آهي پوري ملڪ ۾ سياري جي رات جهڙي سانت ۽خاموشي ڇانيل آهي، اهڙو دور جنهن جي اسان جهڙا معاشرا سدائين سڌون ئي ڪندا رهيا آهن. انڪري ان ڳالهه جا ڪافي امڪان آهن ته عوام اڳتي هلي اهڙو مطالبو ڪري ته سال ٻن لاءِ چونڊن جي راڳ کي بند ڪيو وڃي ۽ موجوده نگران سرڪار کي وڌيڪ آئيني اختيار ڏئي پوري آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي....! پر جيڪڏهن چونڊون ٿين ٿيون (جيڪي في الحال ايندڙ چئن مهينن تائين ممڪن نه آهن) ته پوءِ بنگلاديش جي سياسي ڌرين جي ڪهڙي پوزيشن بيهندي ۽ حڪومتي تاج ٻنهي مائين (شيخ حسينا واجد ۽ بيگم خالده ضياءَ) مان ڪنهن جي مٿي تي ٿو چمڪندو انجو تجزيو۽ بنگلاديش جي مختصر تاريخ تي ايندڙ ڪالم ۾ نظر وجھبي.