سياستدانن ۽ سياسي پارٽين کي ٻُهاري!

'مختلف موضوع' فورم ۾ آرزو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2011۔

  1. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    سياستدانن ۽ سياسي پارٽين کي ٻُهاري!

    بنگلاديش جون سياسي پارٽيون، سياستدان ۽ عوام ايمرجنسيءَ جي اعلان کان اڄ تائين جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ان جو صرف تماشو ڏسي رهيا آهن. گڏيل فورسز ڪنهن جي پٽڪي ڊاهه ڪري رهيا آهن يا ڪنهن جي مٽي پليت ڪري رهيا آهن، ڪنهن کي چوکنڀو ٻڌي جيل موڪلي رهيا آهن يا ڪنهن کي ڪراس فائر جو ٽين دنيا جي ملڪن جي فورسز جو پسنديده هٿيار استعمال ڪري ڌڻيءَ (خالقِ حقيقي) حوالي ڪري رهيا آهن کانئن ملڪ جي اعلى عدالتن سميت ڪنهن کي به ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جي همت ناهي. هڪ محتاط اندازي موجب هن 11 جنوريءَ کان هيل تائين ٽن ڊزنن کان مٿي اڳوڻن وزيرن ڏيڍ سئو کن مختلف سياسي پارٽين جا مرڪزي ۽ وچولي ليول جا اڳواڻن سميت هڪ لک کان مٿي سياسي ڪارڪن ڪرپشن، اقربا پروري، دهشتگردي ۽ ٻين الزامن هيٺ گرفتار ٿي جيل پهچي چڪا آهن. جڏهن ته سٺ کان مٿي ڪارڪن پوليس، آرمي، ريب ۽ ٻين ايجنسين جي ڪراس فائرنگ واري ذمري هيٺ پنهنجيون جانيون وڃائي چڪا آهن. ايڏي وڏي پئماني تي ٿيل گرفتارين سبب ملڪ جا سمورا جيل ڀرجي چڪا آهن. هڪ رپورٽ موجب نگران حڪومت قانون ۽ انصاف واري صلاحڪار مٿان اهو ذمو رکيو آهي ته هو ننڍن ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل قيدين، جن جا ڪيس اڃا ڪورٽن ۾ هلي رهيا آهن ۽ سندن ڏوهه ثابت نه ٿيا آهن، کي ترت آزاد ڪري جيل ۾ گنجائش پيدا ڪرڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺي. اهڙيون خبرون ٻڌي هڪ طرف اهي بي گناهه قيدي جن کي پوليس يا تر جي اثر رکندڙ سياسي وڏيري هٿرادو ڪيسن ۾ جيل موڪلي ڇڏيو هيو يا ننڍن ڪيسن ۾ قيد اهي قيدي جن جي سار سنڀار لهڻ وارو ڪير ڪونه هيو لاءِ ڄڻ ته اميد جو ڪرڻو ظاهر ٿي پيو آهي ۽ ٻئي پاسي هن وقت تائين گرفتاريءَ کان بچيل سياسي ڪارڪنن، اڳواڻن، اڳوڻن وزيرن، مشيرن، وارڊ ڪمشنرن، چيئرمينن ۽ رليف فنڊ جي چڱن مڙسن جا لڱ ۽ ڏوهه ڏڪي رهيا آهن سندن راتين جون ننڊون ۽ ڏينهن جو قرار ڪافُور ٿي ويو آهي هر وقت گرفتاري يا ڪراس فائر جي ڊپ ۾ وڪوڙيل رهن ٿا. جڏهن ته اهڙا سياستدان جيڪي پنهنجي ايمانداري، سچائي ۽ سادگيءَ سبب ٻنهي مکيه پارٽين وٽ ڪا اهميت نه ماڻي سگھيا هئا اهي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيا آهن ۽ آهستي آهستي عوام توڙي پارٽين ۾ اهميت ماڻي رهيا آهن. سڀ سياسي پارٽيون پنهنجن مرڪزي اڳواڻن کي آهستي آهستي جيل اندر محفوظ جاءِ تي ويندي ڏسي رهيون آهن ۽ هر نئين گرفتاريءَ جي خبر ٻڌي ٻاهر ويٺل سياستدان شڪراني جا نفل ادا ڪري رهيا آهن ته ”شڪر آهي جو هُو اڃا تائين فورسز جي نظرِ ڪرم کان محفوظ/وانجھيل آهن!“ ايمرجنسي لاڳو هجڻ سبب ملڪ جو اعلى توڙي ادنى عدالتون اڳ ۾ ئي خاموش تماشائي بڻيل هيون ويتر بنگلاديش جي اڳوڻي بااختيار ڀاءَ مملڪتِ خداداد پاڪستان جي چيف جسٽس جو انجام ڏسي هتان جي ججن جا به لڱ ڪانڊارجي ويا آهن ته متان ساڳيو جِين هجڻ سبب هتان جي حڪمرانن کي به رِيس نه اچي!!

    ملڪ ۾ لاڳو ايمرجنسي ۽ ڪرپٽ سياستدانن خلاف جاري آپريشن ڪلين اپ سبب سمورن ننڍن وڏن سياست جي کيڏارين جا چپ ڄڻ ته سبجي ويا آهن هر طرف مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ وارو قصو لڳو پيو آهي ايتري قدر جو بي اين پي جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي موڀي پٽ، جيڪو بي اين پي جو سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري جنرل پڻ آهي، کي گڏيل فورسز گرفتار ڪري ورتو ته بي اين پي يا سندس والده ماجده پاران ڪنهن به طرح جو ڪو خاص ردعمل سامهون نه آيو. هن وقت تائين گرفتار ٿيل سمورين گرفتارين ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي موڀي پٽ طارق الرحمان ضياءَ جي گرفتاري وڏي ۽ اهم سمجھي پئي وڃي جڏهن ته سمورن اهم گرفتارين ۾ طارق ضياءَ پهريون گرفتار ٿيندڙ آهي جنهن لاءِ گڏيل فورسز پاران عدالت کي سندس ٻانهن ريمانڊ هيٺ ڏيڻ جي گذارش ڪئي وئي ۽ عدالت سڳوريءَ به سندن درخواست قبول ڪندي چئن ڏينهن جي ريمانڊ تي طارق ضياءَ کي سندن حوالي ڪيو. ٻئي طرف عوامي ليگ جي پڻ ٻين اڳواڻن کانسواءِ پارٽي جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري عبيدالحق قادر کي گذريل هفتي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آهي پر عوامي ليگ جي قيادت جي ڪن تي ڄڻ جونءَ ئي ڪونه چُري!

    عوامي ليگ ته شروع کان ئي نگران حڪومت جي سمورن قدمن جي غير مشروط ۽ وڏي واڪي حمايت ڪري رهي هئي جيتوڻيڪ بي اين پي جي مرڪزي قيادت ۽ اڳوڻن وزيرن سميت عوامي ليگ کي به ڪيترن ئي مرڪزي ليول جي اڳواڻن جي قرباني ڏيڻي پئي تازو عوامي ليگ جي هڪ ٻئي مکيه اڳواڻ چٽاگانگ جو بي تاج بادشاهه سڏجندڙ چٽاگانگ جي موجوده ميئر محي الدين چوڌريءَ کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آهي چٽاگانگ سٽي ڪارپوريشن جي چارج هڪ سرڪاري ڪاموري جي حوالي ڪئي وئي آهي. جنهن کان بعد چٽاگانگ، جيڪو بنگلاديش جو ڍاڪا کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر آهي جتي ملڪ جو واحد سامونڊي اڏو آهي، ۾ عوامي ليگ جي گرفت ڪنهن حد تائين ڪمزور ٿي آهي ياد رهي ته بي اين پي جي گذريل دور ۾ چٽاگانگ سٽي ڪارپوريشن جي ميئر جي چونڊ ۾ سرڪار ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻ باوجود محي الدين چوڌريءَ کي
    هارائڻ ۾ ناڪام وئي هئي. سندس دٻدٻي ۽ مقبوليت سبب بي اين پي پنهنجي ڏهه سالن جي حڪومتي دور ۾ سندس وار به ونگو ڪري نه سگھي هئي، سندس پارن هڙتال جو صرف اعلان ڪرڻ سان ئي پوري چٽاگانگ جو ڪارونهوار ۽ زندگي مفلوج بڻائي ڇڏيندو هو پر هن سرڪار ڪابه پرواهه نه ڪندي کيس چوکنڀو ٻڌي جيل موڪلي ڇڏيو، چٽاگانگ جي ميئر محي الدين چوڌري ۽ بيگم خالده ضياءَ جي موڀي پٽ طارق جي گرفتاري ٻئي پارٽيون ڪيئن برداشت ڪري ويون ۽ عوام ڇو چپ چپات ۾ رهيو ان مامري بنگلاديش سميت مون جهڙن وائڙن کي وڌيڪ وائڙو حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

    سرڪار پاران شروع ڪيل ڪرپشن سياسي پارٽين کي ٻهاري ڏئي ڇڏي آهي جو ملڪ جي ٻنهي وڏين پارٽين جون مرڪزي آفيسون، جتي هر وقت ماڻهن جي پِيهه لڳي پئي هوندي هئي، ڀڙڀانگ لڳيون پيو آهن. هوا ڀڀن (بي اين پي جي سربراه بيگم خالده ضياءَ جي رهائش ۽ پارٽيءَ جي مرڪزي آفيس) جي طارق ضياءَ جي گرفتاريءَ وقت آرميءَ جي سربراهيءَ ۾ گڏيل فورسز پاران مڪمل جھڙتي، عوامي ليگ جي سربراه شيخ حسينا واجد جي گھر (شوڌا شوڌن، جتي عوامي ليگ جي مرڪزي آفيس پڻ آهي)جي پڻ مڪمل جھڙتي ورتي وئي ۽ اهڙي قسم توڙي ايڏي وڏي نوعيت جي ڪاروائيءَ خلاف
    پڻ سڀني جا چپ سبيل ئي رهيا ڄڻ سياستدانن کي ڪک سنگھي ويو هجي!!!

    ملڪ جي ٻنهي وڏين پارٽين جي سربراهه مائين جي گرفت سياسي تواريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪمزور ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ملڪ جي ٻنهي وڏين پارٽين جي سربراهه مائين جي قيادت تي پڻ سندن پارٽين اندر سوال اٿڻ شروع ٿيا آهن جيڪا هڪ انتهائي وڏي تبديليءَ جي نشاني سمجھي پئي وڃي. ٻئي مايون پنهنجين پارٽين لاءِ هن وقت تائين حرفِ آخر سمجھيون پئي ويون ڪنهن به ليول جي پارٽي اڳواڻ يا سيٽرل ڪميٽيءَ کي اها همت نه ٿيندي هئي ته سندن ڪيل فيصلن جي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍن پر هاڻي ٻنهي پارٽين جا نه رڳو سينيئر پر جونيئر ۽ هيٺين سطح جا اڳواڻ به پارٽي گڏجاڻين ۾ سندن فيصلن ۽ پاليسين کي نه صرف چيلينج ڪرڻ جي همت ڪري رهيا آهن پر هو سندن ماضيءَ جي فيصلن ۽ روين کي پڻ ڇتي تنقيد جو نشانو بنائي رهيا آهن. ڪجھه اڳواڻ ته پارٽين ۾ جمهوري طرزِ عمل جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، سندن جو چوڻ آهي ته بيگم خالده يا شيخ حسينا هروڀرو پارٽين مٿان مسلط ڇو؟

    بنگلاديش جي رنڌڻي ۾ ڇا پچي رهيو اهي تنهن جي اڳڪٿي ته ڪو نجومي ئي ڪري سگھي ٿو پر هن وقت تائين واري سموري ٽڪساد تي جي غور ڪجي ٿو ته پاڻ واري اڳئين تجزيي ته ”ٻنهي مائين کي پاڪستان جي بي نظير ۽ نوازشريف جيان ملڪ کان ٻاهر رکي نئين طرح سان نئين قانون ۽ طريقي هيٺ ملڪ کي هلايو وڃي. جنهن لاءِ آمريڪي سرڪار سميت يورپي يونين، امداد ڏيندڙ بين الاقوامي ادارا ۽ اقوام متحده پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هڪ طرف ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي سياسي پارٽين جي سياسي چرپر هر سطح تي معطل ڪرڻ سان گڏ ماڻهن جا بنيادي حق به ايمرجنسيءَ جي لٺ هيٺ آيل آهن ته ٻئي طرف سرڪار جي آشيرواد سان نوبل انعام ماڻيندڙ ڊاڪٽر محمد يونس کلم کلا نئين سياسي پارٽيءَ جو نه صرف اعلان ڪري ٿو پر ان لاءِ روزانو چرپر پڻ جاري رکيو اچي ۽ کيس سرڪاري نوعيت جي سيمينارن ۾ وغيره ۾ پڻ وڏي اهتمام سان مدعو ڪيو ٿو وڃي جتي هو ٻين مامرن سان گڏ سياست تي پڻ ويچار ونڊي ٿو اهڙي سهوليت ملڪ جي ٻين پارٽين يا سياستدانن کي حاصل ڪونه آهن. ڊاڪٽر يونس کي مليل اهڙي ڇُوٽ پڻ ٻنهي مکيه پارٽين جي سربراهه مائين لاءِ پريشانيءَ جا سبب پيدا ڪري ڇڏيا آهن. بين الاقوامي سياست تي نظر رکندڙ ماهرن جو خيال آهي ته آمريڪا بهادر ۽ يورپي ملڪن کي افغانستان، عراق، پاڪستان ۾ وڌندڙ انتها پسنديءَ جو اولڙو بنگلاديش ۾ پڻ پسجي رهيو آهي جنهن کي ڪنٽرول هيٺ رکڻ لاءِ اولهه واريون طاقتور قوتون بنگلاديش ۾ پنهنجي مرضيءَ واري سرشتي هيٺ سرڪار جوڙڻ جون خواهشمند آهن اهڙي سرڪار جيڪا انتها پسنديءَ جي روڪٿام سان گڏ سندن مفادن جو تحفظ پڻ ڪري سگھي. جنهن لاءِ ڊاڪٽر يونس سندن لاءِ پهرين چونڊ آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته بيگم خالده ضياءَ کي سندس گذريل حڪومتن ۾ ٿيل ڪرپشن جي بنياد تي نااهل قرار ڏئي شيخ حسينا کان پارٽي قيادت ڪنهن ٻئي پسنديده اڳواڻ طرف منتقل ڪري کيس ملڪ کان ٻاهر موڪلي صدر مشرف جهڙي آرمي چيف جي مدد ۽ ڏنڊي سان في الحال ملڪ کي هلايو ويندو. ماهرن جي ڪيل اڳڪٿي آهستي آهستي سامهون اچي رهي آهي بيگم خالده ضياءَ جي پٽ جي گرفتاري سندس گھر جي تلاشي سرڪار جي ڪجھ ذميدارن پاران سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ڪرپشن ۾ بي اين پي جي سربراه جي ملوث هجڻ بابت اشارا ڏيڻ، بي اين پي جي سينيئر اڳواڻن پاران پارٽيءَ ۾ هر سطح جي عهدن لاءِ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ۽ پارٽي قيادت تي تواريخ ۾ پهريون ڀيرو تنقيد ظاهر ڪري رهي آهي ته بيگم خالده توڙي بي اين پي جي باني، بنگلاديش جي اڳوڻي صدر جنرل ضياءَ الرحمان جي خاندان جي پارٽيءَ مٿان گرفت آهستي آهستي ڪمزور ٿيندي پئي وڃي. جڏهن ته ٻئي پاسي ملڪ جي هڪ ٻي وڏي ۽ اهم پارٽي عوامي ليگ جي گذريل سينٽرل ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ هڪ اڌ کي ڇڏي باقي سمورن سينيئر ۽ وچولي درجي جي اڳواڻن شيخ حسينا جي پاليسين خاص طور نگران حڪومت کي دير ۾ دير جون 2007 تائين عام چونڊون ڪرائڻ بابت ڏنل الٽيميٽم تي سڌي سنئين تنقيد ڪئي جيڪا شيخ حسينا لاءِ پارٽيءَ جي قيادت سنڀالڻ کان هن وقت تائين نئين ۽ غير متوقع ڳالهه هئي. جنهن کيس بلڪل وائڙو ڪري ڇڏيو جو هن پهريون ڀيرو سينٽرل ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي بغير ڪنهن ضروري لازمات ۽ آخري ڪلام جي ختم/ برخواست ڪري ڇڏي . گڏجاڻيءَ کان بعد هڪ سينيئر اڳواڻ ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته شيخ حسينا نهايت ڪاوڙ ۽ صدمي واري ڪيفيت ۾ آهي ۽ سندس چوڻ اهي ته هن حڪومت تي چونڊن لاءِ زور نه ڀريو ويو ته نگران حڪومت 2014 تائين اليڪشن نه ڪرائيندي. هڪ ٻئي سينيئر اڳواڻ پنهنجا ڪمينٽس ڏيندي چيو ته شيخ حسينا پاران نگران حڪومت کي جون تائين چونڊون ڪرائڻ جو ڏنل الٽيميٽم درست عمل هيو پر پارٽي ءَ ۾ موجود ڪجھ سينيئر اڳواڻ ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن ته ڪجھ وري حڪومت پاران ڪرپشن جي خلاف شروع ڪيل آپريشن ڪلين اپ جي ڊپ سبب حڪومت سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ کان لهرائي رهيا آهن ڇو ته انهن مان ڪيترن جا سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح هٿ يا پير ڪرپشن ۾ ٻڏل آهن. دليل کڻي ڪهڙا به ڇو نه هجن پر سياست جي ماهرن کي مٿين ايجنڊا تي ڪم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ڇو ته عوامي ليگ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي اجلاس کان ٻه ڏينهن بعد اوچتو شيخ حسينا جو آمريڪا روانو ٿيڻ ڪافي اشارا ڏئي رهيو آهي جيتوڻيڪ اڄ (خميس ڏينهن) روانگيءَ وقت هوائي اڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن پنهنجي هن دوري کي بلڪل نجي نوعيت جو دورو قرار ڏيندي چيو ته هوءَ پنهنجي بيمار ننهن کي ڏسڻ لاءِ وڃي رهي آهي پر سياسي مبصر سندس دوري کي وڏي اهميت ڏئي رهيا آهن.

    ملڪ ۾ هر سطح تي ڪافي تبديليون اچي رهيون آهن، ملڪ جي آئين، اليڪشن جي قانون، ٻين ادارن جي بنيادي ڍانچن ۾ تبديليءَ جو عمل تيزيءَ سان جاري و ساري آهي پر هن وقت تائين اليڪشن ڪميشن يا سرڪار پاران چونڊن بابت ڪو واضع اشارو نه مليو آهي. عوامي ليگ جي سربراه شيخ حسينا پاران جون تائين چونڊون ڪرائڻ بابت ڏنل الٽيميٽم ۽ بي اين پي جي سربراه بيگم خالده پاران جولاءِ تائين اليڪشن ڪرائڻ جي مطالبي کي سندن ئي پارٽين جي اڳواڻن ۽ سندن اتحادي پارٽين رد ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جون اڪثر سياسي پارٽيون ڪرپشن خلاف شروع ڪيل آپريشن جي حق ۾ آهن ۽ هو موجوده نگران حڪومت کي ملڪ جي آئيني ڍانچي توڙي اليڪشني قانونن ۾ سڌارا ڪرڻ لاءِ گھربل وقت ڏيڻ جي پڻ حق ۾ آهن. ملڪ جي نگران سربراه تازو چٽاگانگ ۾ هڪ انتظامي گڏجاڻي کان بعد ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس حڪومت چونڊن لاءِ تيزيءَ سان ڪم ڪري رهي آهي پر في الحال ان لاءِ تاريخ جو اعلان يا وقت جو تعين ڪرڻ مشڪل آهي. آرمي چيف جنرل معين ساڳئي ڏينهن اعلان ڪيو ته ڪرپشن خلاف هلندڙ آپريشن ڪلين اپ جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري ئي ساهه پٽبو . جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي سربراه پاران ڏنل بريفنگ ته ووٽر ڪارڊ يا قومي سڃاڻپ ڪارڊن ۽ درست توڙي سڀني لاءِ قبوليت جوڳي ووٽر لسٽ جي تياريءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ کان ٻن سالن جو عرصو درڪار آهي!! ...... ملڪ جي ٽنهي اهم سربراهن جي بيانن مان صاف ظاهر آهي ته چونڊون هلندڙ سال ممڪن ڪونه آهن. هاڻي ڏسجي ته شيخ حسينا جو آمريڪي دورو ڪهڙو ٿو رنگ لائي؟ کيس آشيرواد ٿو ملي يا آمريڪا ۾ ئي ترسي ملڪ جي سياست جو نظارو پسڻ جو حڪم!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو