السلام عليڪم دوستو اسان جي سنڌ سلامت جي پياري، محنتي، جاکوڙي ۽ ادب دوست اداعلي علي عرف جهونو جهاز کي سنڌ سلامت تي 100 موضوعن جي تڪميل تي دل جي گهراين سان واڌايون. ادا علي علي عرف جهونو فقير علمي ۽ ادبي حوالي سان هميشه بهترين تحريرون ۽ مواد ونڊ ڪندو رهيو آهي۔ ادا علي علي سنڌ سلامت فورم جو نائب منتظم پڻ آهي ان جي محنت ۽ ڪاوشن سان بينڊوڊٿ جهڙا ايرر ۽ ڪافي ايررس دور ٿيندا آهن دعا آهي الله تعالى کيس علم ۾ اڄا واڌارو ڪري هميشه خوش رهن ۽ دوستن سان علمي ، ادبي ۽ ڄاڻ سان ڀرپور ليک ونڊ ڪندا رهن۔ ادا علي علي توهان کي هڪ دفعو ٻيهر لک لک مبارڪون هجن سدائين گڏ
جواب: جهوني فقير کي 100 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون .... ادا علي علي کي 100 سينچريون هڻڻ تي لک واڌايون۔۔
جواب: جهوني فقير کي 100 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون .... ادا علي علي کي اسان پاران به واڌايون جو آخرڪار سينچري پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو علي علي جي خبر ئي ڪانه پوندي آهي، هر فن مولى آهي ، ڪڏهن مزاح ته ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن ڪڏهن وري وڏو فلسفي لڳندو آهي۔ پر پوء به انٽرنيشنل فقير جا ٿورا جو اسان جي سنڌ سلامت ساٿ ۾ اسان سان سدائين گڏ آهي۔ سندس ٿورا جو مصروفيتن هوندي دوستن جو خيال رکندي فورم تي ڀيرو ڀڃندو ٿو رهي۔
جواب: جهوني فقير کي 100 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون .... نوان ۽ پراڻا دوست ڪافي فعال لگن ٿا ! ڏاڍي سٺي ڳالھ آهي ۔ادا اسان جي طرفان به مبارڪون قبول پون
جواب: جهوني فقير کي 100 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون .... ادا فقير اوهان جي تمام گهڻي مهرباني وري به فقير ئي فقير جي سار لڌي ان کي چوندا آهين برادري نڀائڻ ادا هڪ دفعو ٻيهر اوهان جا لک قرب
جواب: جهوني فقير کي 100 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون .... ادا محمد رمضان آرزو ادو سليمان وساڻ ۽ ادا افتخار علي اوهان سڀني جا لک ٿورا
جواب: جهوني فقير کي 100 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون .... اوهان چئو ٿا ته آءُ پنهنجي مور دوست علي علي کي واڌايون ڏيانٿو ۔۔۔ ڇاڪاڻ 100 جو انگ سندس شخصيت آڏو، علم آڏو يا وري سندس جو نيٽ ورڪ تي ڪم ڪرڻ آڏو تمام ننڍو آهي، هن دوست کي هن اڱڻ کي هلائڻ ۽ ان ۾ انتظامي فرائض سنڀاليندي هزارين ليک ونڊ ڪرڻ گهرجن ها ۔۔۔ پر شايد سندس رزقي مجبوريون ۽ ديس ديس جي چڪرن سبب وقت ايترو ملي ٿو جو هو هن اڱڻ تي صرف 100 جو انگ پورو ڪري سگهيو آهي ۔۔۔ کلمک، يارن جو يار ۽ پنهنجي پڻي کي دوستن آڏو ختم ڪرڻ ته کائنس ڪو سکي ۔۔۔ هي دوست سنڌ ۽ سنڌيت تي ايمان رکي ٿو ۽ اسانکي ايمان آهي ته هو وقت اچڻ تي سنڌ لاءِ ائين ئي رت وهائيندو جيئن کيس ڪجهه ڏينهن اڳ وهائيندي ڏٺو آهي ۔۔۔ رب العالمين کيس هن ساٿ سان وفا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: جهوني فقير کي 100 موضوع مڪمل ڪرڻ تي واڌايون .... ادا علي علي توهان کي اسان جي طرفان به واڌايون .