موسم برٽرنڊرسل جو چوڻ آهي ته ”ماڻهو اظهارِ محبت ۾ يا ته ان خوف کان ڪيٻائيندا آهن ته جيئن کين ان ئي شخص کان تڪليف نه پهچي جنهن سان هو پيار ڪن ٿا يا وري دنيا جي ملامت جو نشانو نه بڻجي وڃن. اخلاق ۽ دنياداري جي نالي تي احتياط جي صلاح ڏني وڃي ٿي. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته محبت جي معاملي ۾ فياضي ۽ جرئت کي مسخ ڪيو ٿو وڃي جنهن سان اندر ۾ بزدلي ۽ دنيا خلاف نفرت پيدا ٿيو پوي. کوڙ سارا ماڻهو سڄي ڄمار انهي بنيادي ضرورت لاءِ سڪندا رهن ٿا.“ ڌاريي چيو. ”تِنهن جي معنى ته جنهن سان تو لائون لٿيون اها تنهجي محبت ناهي“ مون پڇيو ”ڇا نڪاح ۾ توکان پڇيو نه ويو هو ؟ ڇا تو کيس نڪاح ۾ قبول نه ڪيو هو؟“ ”مون هميشه هر مصيبت کي چئلينج سمجهي قبول ڪيو آهي.“ هن ڳالهه کي مذاق ۾ ٽاريندي چيو. ”۽ تنهنجي ڇا اسٽوري آهي ؟؟؟“ مون جميل کان پڇيو. ”مان اڃا ويٽنگ لسٽ ۾ آهيان...“ هن وراڻيو ”مون کي ضرورت آهي هڪ اهڙي شفيق ۽ مخلص عورت جي جيڪا سموري ڪائنات ۾ سڀ کان وڌ مون کي چاهي. هو صبح جو مون کي آفيس وڃڻ لاءِ الوداع چوي ته منهنجي فڪر سندس اکڙين ۾ نمي پيدا ڪري ڇڏي. جيڪا سڄو ڏينهن منهنجي واپسي جي منتظر رهي ۽ منهنجي واپسي سندس چهري تي خوشي وچان بي اختيار معصوم مسڪراهٽن جا گل وکيري وجهي. اهڙي عورت جيڪا منهنجي معمولي تڪليف سبب به سمهي نه سگهي ۽ منهنجي معمولي ڪاميابي کي به هو پنهنجي وڏي ۾ وڏي خوشي جيان سيليبريٽ ڪري. هو مون کي ايترو چاهي جو تڪليفن ۾ فقط کيس سوچڻ سان ئي مان سڪون محسوس ڪيان ۽ سندس محبت جو احساس ست سمنڊ پار تائين به منهنجي لاءِ تسڪين جو باعث بڻجي. ڪا محبت جي ديوي هجي يا چاهت جو مينار هجي جنهنجي بيپناهه محبت بي لوث هجي ۽ هو مخلص محبت جي زنده مثال لڳي...“ ”تو کي محبوبه جي نه پر ممتا جي تلاش آهي“ ڌاريو جميل جي رومانوي موڊ کي تهس نهس ڪندي چوڻ لڳو ”تون چوين ته مائي خانل کي منٿ ڪجي ويچاري جي نويڪلائي جي ڪري مت ئي کسجي وئي آهي وتي سروٽن سان ٻار ڊوڙائيندي...“ ”مان توکي زنده نه ڇڏيندس...!!!“ هن ڌاريي جي گريبان ۾ هٿ وجهندي چيو”وڏو بڇڙو ڪندو مانئين..!!“ ”ڇڏيو يار ! ٻار آهيو ڇا !؟“ مون ٻنهي کي ڌڪيندي چيو. جميل بي اختيار صوفي تي وڃي ڪريو ۽ ڪاوڙ منجهان صوفي جي گدي کي نپوڙڻ لڳو. ڌاريي جون حرڪتون ڪڏهن ڪڏهن کيس آپي مان ڪڍي وجهنديون آهن. هو موقعو مهل ڏسي نه ڳالهائيندو آهي. جميل جو چوڻ آهي ته انهن حرڪتن جي ڪري ڌاريو سندس نظرن مان ائين ڪرندو ٿو وڃي جيئن ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپيو. ”پڙهيل لکيل آهيو يار ! “ مون چيو ” پڙهيل لکيل ماڻهن جيان بيحيو ڪيو... توهان ته...!“ ”اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي“ ڌاريي چيو ”پڙهيل لکيل پاڻ وٽ بيروزگار ٿيندا آهن ۽ پيا ڌڪا ٿاٻا کائيندا آهن، پر اڻپڙهيل وزير ٿيندا آهن مشير يا مشيرن جا مشير ٿيندا آهن...“ ”چـڱو چڱو !! هاڻ تون پنهنجو فلسفو جھاڙڻ بند ڪر!!!“ جميل کار کائيندي چيو ”اهو سوچيو ته رپورٽ به فائنل ڪرڻي آهي نه ته سڀاڻي بي موت مارجي وينداسين“ ”ايترو جلدي ممڪن ناهي“ مون وراڻيو ”اڃا ڪجهه ڏينهن لڳندا“ ”پر...!!! باس ته سڀاڻي جي ڊيڊ لائن ڏني آهي ۽ هي ڪا سياسي ڊيڊ لائن ناهي وڏا ...!! “ جميل چيو ”هتي روزي روٽي جو مسئلو آهي ۽ هتي فقط هڪ اصول آهي ته باس از آلويز رائيٽ....!!“ ”تنهجو ڇا خيال آهي؟“ جميل ڌاريي ڏانهن تڪيندي پڇيو. ”منهنجي نظر ۾ هڪ نااهل شخص جيڪو پوري آفيس ۾ فقط پاڻ کي ئي اهل ۽ باقي سڀني کي نااهل سمجھي ان کي باس چوندا آهن“ ڌاريي جواب ڏنو. ”فلسفو نه حل ٻڌاءِ...اولادِ ارسطو...!!! “ جميل ڏند ڪرٽيندي چيو. ”حل سوچڻ لاءِ هي ماحول سازگار ناهي “ هن چيو ”ڪنهن کلي فضا ۾ ويهي ڪا رفريشمينٽ وغيره ڪجي موسم جو مزو وٺجي ۽ پيٽ ۾ ڪجهه پوي تڏهن وڃي ڪو دماغ ڪم ڪندو...“ ”ڪجهه عرصي کان عجيب موسم ٿي پئي آهي “مون بالڪوني طرف وڌندي چيو ”ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته گرمي آهي يا سردي؟ خشڪي آهي يا نمي ؟ کن پل لاءِ هوائون سرگوشي ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ اڳين ئي پل ۾ ٻوسٽ ماحول کي جڪڙيو وجهي.“ ”اهڙي موسم ته گهڻي وقت کان ملڪي فضا تي ڇانيل آهي“ ڌاريي مون ڏانهن وڌندي چيو ”سمجهه کان ٻاهر آهي ته جمهوريت بحال ٿي چڪي آهي يا نه؟ سنڌ جي اڪثريتي پارٽي جي حڪومت جو اسٽينڊ سنڌ ڪاز جي حمايت ۾ آهي يا مخالفت ۾؟ بجلي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ منصوبن تي عمل جي ابتدا ٿي چڪي آهي يا اڃا منصوبا سوچڻ لاءِ پيو سوچجي؟ وقت جي هڪ ذهين ليڊر جي بي رحم قتل کان پوءِ اقتدار ماڻِيندڙ ان جي ئي پارٽي جو نظريو اڃا ساڳيو آهي يا نه؟ پنهنجي پارٽي جي مقتول ليڊر جو پلاند وٺڻ ۾ حڪمران سنجيده آهن به يا نه؟ يا ان قتل جو پلاند ٿي چڪو آهي يا وري اڃا ٿيڻو آهي؟ ڪجهه به ته سمجهه ۾ نٿو اچي...سڀ ڪجهه سمجهه کان ٻاهر ئي ته آهي...!!“