مجروح خيال۔۔۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ آرزو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2011۔

  1. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    مجروح خيال۔۔۔

    سمنڊ ڪناري تي واري جي تھ مٿان اسان ٻئي پنهنجي قدمن جا نشان ڇڏيندا وليج هوٽل کي گھڻو پوئتي ڇڏي آياسين.

    ”لڳي ٿو تنهنجي قسمت خراب آهي “ ڌاريي چيو ”سيڪريٽريٽ جي جنهن سيڪشن آفيسر کي سردار صاحب کان تنهنجي پارت ڪرائي سين تنهن به ڪالھ سيڪريٽريٽ جي چاڙهين تان بلاٽيون کائي اچي ڌرتي تي سجدو ڪيو لوندڙي مان ڀڳل پراڻين ڪرسين جي ڪنهن ڪنڊپاسي ميڄالو ڪڍي وڌس.“

    ”منهنجي قسمت ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خراب هوندي جو سانوڻ جي پهرين ڪڻ ڦڻ ۾ سمنڊ ڪناري تي توسان گڏ پيو ڦران“ مون ڪاوڙ ۾ چيو.

    ماستر سوجھري جي مدد سان ڪاپي ڌاپي ڪري ۽ ڌڪي سڪي جڏهن مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته ڪمدار دودي کي منٿ سنٿ ڪئي سين جنهن سردار صاحب کان چئو چوان ڪرائي سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ ڪلارڪي جي نوڪري وٺرائي ڏيڻ جو آسرو ڏنو هو پر بدقسمتي سان جنهن سيڪشن آفيسر هٿان منهنجو ڪم ٿيڻو هو تنهنجو پنهنجو ئي ڪم پورو ٿي ويو.

    ڪراچي ۾ مان گلستان جوهر جي اقراء ڪامپليڪس ۽ ڌاريو رابعه سٽي ۾ رهندو آهي، رابعه سٽي هونئن ته چڱو چوکو پراجيڪٽ آهي بس پاڻي جو ٿورو مسئلو اٿس، فليٽن جون ٽينڪيون خالي باقي گھٽيون توڙي چاڙهيون وغيره پاڻي پاڻي لڳيون پيون هونديون اٿس. سج لهندي ئي چمڙن جو حملو شروع ٿي ويندو آهي منهنجي دلي خواهش آهي ته ڪنهن ڏينهن ڪو چمڙو ڌاريي جي ڪن کي چنبڙي پوي.

    اسان ٻئي اڪثر شام جو جوهر چورنگي ويجھو جوهراسڪوائر جي بگل واري پٺاڻ جي هوٽل تي هڪ سادي چينڪ گھرائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڄمائيندا آهيون. ڌاريو ڪاروباري ماڻهو آهي سالن کان ڪراچي ۾ آهي ۽ سال ۾ تقريبن ٻه ٽي ڪاروبار مٽائيندو آهي. عامر خان جي ”من“ فلم ڏسڻ کان پوءِ اڪثر چوندو آهي ته منهنجو من چنچل آهي ڪنهن هڪ شيءَ تي ٽڪي ئي ڪونه ٿو جي مون کي ڪا سچو پيار ڪرڻ واري ڇوڪري ملي پوي ته عامر خان وانگر مان به سڌري سگھان ٿو.

    ڪراچي ۾ ماڻهو وڌيڪ آهن يا گاڏيون ان جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي پر ڌاريو چوندو آهي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد عورتن جو آهي. عورتون هميشه ڌاريي جي نشاني تي هونديون آهن. ڪراچي ۾ شادين جي ناپائيداري بابت ڌاريي جو چوڻ آهي ته هتي ڪجھ شاديون هڪ ٻئي کي سمجھي نه سگھڻ ۽ اڪثر شاديون هڪ ٻئي کي سمجھي وڃڻ ڪري ٽٽنديون آهن.

    ”ماڻهو پنهنجين زالن سان گڏ هوندا آهن ته خوش نظر ايندا آهن ۽ زالن کانسواءِ واقعي خوش هوندا آهن“ سمنڊ ڪناري تي خوش نظر ايندڙ جوڙن جي خوشي ڌاريي کان برداشت نه ٿي سگھي.

    ”تون تنقيد کان سواءِ به ڪجھ ڪري سگھين ٿو؟“ مون پڇيو.

    ”ها !! مان تعريف به ڪري سگھندو آهيان“ هن ڪاوڙ مان وراڻيو”هو ڏس هو عورت ڪيڏي نه شريف آهي پنهنجي مڙس سان به ڪيتري عزت سان پئي ڳالهائي، ۽ هو ڏس هن همراه کي به پنهنجي زال سان ڪيڏي محبت آهي جو هر ايندڙ ويندڙ مائي کي گھوري پيو ڏسي شايد کيس هر عورت ۾ سندس زال جو چهرو ٿو نظر اچيس.“

    ”چڱو ڀلا مون کي ٻڌاءِ ته حسن تنهنجي نظر ۾ ڇاهي؟“ مون پڇيو،

    ”هر اهو شخص منهنجي نظر ۾ حسين آهي جيڪو بدشڪل ناهي“ سمنڊ ڪناري تي پٿر جي ٺهيل ڀت تي ويهندي هن چيو. مان سندس سامهون بيهي رهيس.

    ”۽ بدشڪل جي تو وٽ ڪهڙي ڊيفينيشن آهي؟“

    ”جنهن کي ڏسي کل اچي!“

    اهو ٻڌي مون کان کل نڪري وئي ۽ ڌاريو شڪي ٿيڻ لڳو.

    ڪي پهرسمنڊ جي واري لتاڙڻ کان پوءِ اسان مختلف ڪمپنين جي ڪٻاڙي پرزن سان مستري ملوڪ شريف جي هٿان ٺهي جڙيل موٽرسائيڪل تي چڙهي جوهر پهتاسين. موٽرسائيڪل کي سنگھرن سان سوگھو ڪيوسين ۽ چار ماڙ چڙهڻ جو سوچي هڪ ٻئي ڏانهن ساڳي ئي سائت بيزاري ۽ همدردي سان ڏسڻ لڳاسين.

    ٻي ماڙ تي هڪ ڪراڙي کي پنهنجي ئي گھر ۾ جهانڪيندو ڏسي ڌاريي چيو”مهل تي شادي نه ڪجي ته مڙس گھٽ محافظ وڌيڪ رهڻو پوندو آهي“

    ”ڪراڙو نڪو ٿو مري نڪو ٿو منجي ڇڏي!“ مون چيو

    ”سولي ڳالھ آ !! “هن وراڻيو”ماڪا کان انٽرويو ڪرائينس.“

    پورو پلازه اسان جي ٽهڪن سان گونجڻ لڳو.

    ”پنهنجن ڪنوارن هٿن سان جي چانهن پياريو،
    ته اوهانجي ان نوازش تي قربان ٿئي ڌاريو.

    نه رڳو ڌاريو پاڻ پر سندس شاعري به اڻ گھڙيل ئي هوندي آهي.

    ”ڇو ٿو شاعرن جون پٽون کڻين“ مون کيس ٽوڪيندي چيو ”رديف مليس نه وزن ٺهيس هليو مڙس شاعري ڪرڻ...“

    ”توکي ڪهڙي خبر بي ذوق انسان ! چوندا آهن جي خيال ڪوئي مجروح ٿئي ته رديف ته ڇا ڪافيا به ٽوڙي سگھجن ٿا.“ ڌاريي شاعرانه انداز ۾ چيو”۽ جي شاعر بجاءِ ڪنهن جنرل جو خيال مجروح ٿي پوي ته رديف وارو حشر آئين سان ۽ ڪافيي وارو حشر ملڪ سان به ٿي سگھي ٿو.
     
  2. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مجروح خيال۔۔۔

    ادا بهترين
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مجروح خيال۔۔۔



    ادا آرزو اوهان جي بهترين ڪوشش

    خاص ڪري ڪجه ڊائلاگ ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن
     
  4. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مجروح خيال۔۔۔

    مهرباني ادا وساڻ۔۔۔
    لک لائق۔۔
     
  5. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: مجروح خيال۔۔۔

    ادا آرزو صفا بهترين ونڊ آه مان ته الاهي ڪهرن خيالن ۾ نڪري وڃين پهتس هن موضوع کي پڙهندي پڙهندي۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: مجروح خيال۔۔۔

    واھ ادا آرزو۔۔تمام بهترين
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مجروح خيال۔۔۔

    اڄ پهريون ڀيرو محترم آرزو مختصر ڪهاڻي ونڊ ڪئي آهي، پهريان صرف ٽوٽڪا، لفظ ۽ جملا ملندا هئا، پر اڄ ڪهاڻي ملي آهي ۔۔۔ لک ٿورا دوست ۔۔

    جيڪڏهن اوهان هي ڪهاڻي لکي آهي ته ان جو مطلب ته اڃان اوهان وٽ ڪهاڻيون کوڙ هونديون، جو آکاڻي جو اسلوب، مڪالمه ۽ منظر نگاري هڪ مضبوط ڪهاڻيڪار جيئان آهي، ۽ ائين نٿو لڳي ته هي پهرين ڪهاڻي هوندي ۔۔۔

    اميد ته اڳتي به فيضياب ٿينداسون ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: مجروح خيال۔۔۔

    ادا آرزو اوهان جي بهترين ڪوشش آهي جاري رکو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو