سنڌ ۾ پکڙيل بي روزگاريءَ اشفاق احمد ٽالپر سنڌ جي نوجوانن جي وڏي انگ ۾ پکڙيل بيروزگاري هڪ سنجيده ۽ فو ري توجه طلب مسئلو بڻجي چڪو آهي تعليم يافته ۽ پروفيشنل ڊگريون رکندڙ نوجوانن ۾ پکڙيل بيروزگاري جو اندازو انهن اخباري اطلاعن مان آساني سان لڳائي سگهجي ٿو جنهن موجب حيدر آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني 250 خالي جاين جي لاءِ درخواستون گهرايون جنهن مان 50 سيٽون اسٽاف جي حوالي سان ڪوٽا لاءِ مخصوص هيون باقي 200 سيٽون اوپن ميرٽ لاءِ رکيل هيون . اهي 200 سيٽون اسڪيل 1 کان 5 تائين جي مختلف پوسٽن جون هيون. اخبار ۾ اشتهار شايع ٿيئڻ تي ڪمپني وٽ ٻه لک کان مٿي درخواستون پڄي ويون جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپني کي رٽن ٽيسٽ لاءِ خصوصي اِنتظام ڪرڻا پيا. علي محمد خان مهر جي وڏ وزارت ۽ عرفان الله مروت جي وزارت تعليم دوران 6000 جي ٽيچنگ اسٽاف جي خالي جاين لاءِ تعليم ڊپارٽمينٽ اميدوارن کان درخواستون گهرايون هنن درخواستن جو طريقيڪار ڪجهه ٻيو رکيو ويو بينڪ مان 100 روپيه في فارم ڏنو ويو، بيروزگاري جي آڙاه ۾ سڙندڙ نوجوانن لاءِ اهو 100 روپيه جوءِ شير آڻڻ کان گهٽ نه هيو اخبارون شاهد آهن ته 100 روپيه نه ٿيئڻ تي نوجوان خودڪشي ڪري پهنجو انت آندو. سنڌ جي اڪثريت لاءِ وڏي ڳالهه هئڻ باوجود پنج لک کان مٿي نوجوانن ملازمت ملڻ جي اميد دل ۾ سانڍي فارم ورتا ۽ جمع ڪرايا انهي جي سال بعد ٿيل رٽن ٽيسٽ کي به ڪافي نوجوانن پاس ڪري ورتو اِن بعد انٽرويو ورتا ويا جنن جو نتيجو ڪافي عرصي گذرڻ باوجود ظاهر ناهي ڪيو ويو. سرڪار جو چوڻ آهي ته هو ملازمتون ميرٽ تي ڏيندي 6000 جايون ۽ پنج لک کان مٿي اميدوار! ميرٽ آخر ڪيئن هلي سگهندو؟ جيڪڏهن انهن 6000 پوسٽن لاءِ وڌيڪ تعداد ۾ نوجوان پاس ٿي اچن ته پوءِ انهن جو ڇا ٿيندو؟ انهي جي خبر ڪنهن کي به ڪونهي بيروزگارن جي انهي وڏي تعداد ايجنٽن ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙن جي لئه ڪرائي ڇڏي، انٽرويو ٿيڻ کان پهرين ئي نوڪرين جا واڪ لڳڻ شروع ٿي ويا . ٻه عيدون انهن ملازمتن جي آس ۾ بيروزگارن گذاري ڇڏيون ٽئين عيد به اچڻ تي آهي اڃان خبر ناهي گهڻيون عيدون ائين ئي بيروزگاري جي عالم ۾ سنڌ جي پڙهيل لکيل نسل جو نصيب بڻبيون. بيروزگاري جي انهي سگيني جو ادراڪ مٿيين کي ڪونهي اهو ڪڏهن به نٿو چئي سگهجي. مختلف ڊپارٽمينٽس جي طرفان ملازمتن جي لاءِ گهرايل درخواستن مان سنڌ سيڪريٽريٽ جا گدام ڀريا ويا. جتي نوجوانن پاران 80 روپين جي فوٽو ڪاپين، ٽپال خرچ ۽ اٽيسٽيڊ جي مرحلن مان گذاريل اِهي درخواستون نسل نو جي ڦٽل نصيب جو حصو بڻجي ويون. اهو نه سوچيو ويو ته بغير ڪنهن ڇنڊ ڇاڻ جي ٻورين ۾ بند ڪري رکيل انهن درخواستن سان ڪيترن ئي نوجوانن ۽ سندن والدين جون اميديون وابسطه آهن. انهن درخواستن سان سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي ڪو روزگار ته نه ملي سگهيو پر اختيارين جي اکين تي چڙهيل ”سڀ ٺيڪ آهي“ جي چشمي تي ڪجهه ڌنڌلو ئي سهي حقيقت جو روپ ضرور اُڀريو هوندو. بيروزگاري جي انهي ادراڪ جي ڪري مختلف موقعن تي حڪومتي اختياريون ملازمتون ڏيئڻ جا اعلان ڪنديون رهيون آهن پر وقت گذرڻ سان گڏ اهي صرف هڪ اهڙا اعلان ثابت ٿي سگهيا آهن جيڪي فقط اعلان جي حد تائين محدود رهجي ويا. بيروزگاري فرد کي متاثر ڪرڻ سان گڏوگڏ پوري سماج تي منفي اثر ڇڏي ٿي. نوجوانن جي وڏي اڪثريت جو بيروزگار هئڻ ڪري سماج مختلف مسئلن جو شڪار بڻجي وڃي ٿو. بيروزگار نوجوانن مان ڪي احساس ڪمتري جو شڪار بڻجي منشيات، چوري، اغوا، ڦر ۽ ٻين سماجي ڏوهن ۾ ملوث ٿي معاشري تي بار بڻجي ويندا آهن جنهن جي ڪري امن امان جو مسئلو پڻ پيدا ٿئي ٿو، ته ڪي وري خودڪشي جي راه اختيار ڪن ٿا جنهن جي ڪري انهن جي خاندانن کي سخت تڪليف ۽ ايذاءُ مان گذرڻو پوندو آهي. بيروزگاري معاشري کي ڪيتري قدر مفلوج بڻايو ڇڏي ان متعلق نئين زندگي 1999 جي مضمون ”بيروزگاري ۽ ان جا معاشرتي اثر“ جي عنوان سان هڪ معاشرتي ماهر رقم طراز آهي ته ”هڪ فرد جي بيروزگاري سبب ان جي معاشي بدحالي ٿئي ٿي ۽ سماج اندر افراد جي بيروزگاري سماج کي متاثر ڪري ٿي. معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ناجائز طريقي سان مالي استحڪام حاصل ڪرڻ جو رجحان جنم وٺي ٿو، جنهن تحت معاشري ۾ ڪرپشن، ڦرلٽ، ڌاڙا، چوريون ۽ اقربا پروري جهڙيون عادتون جنم وٺن ٿيون ۽ سماج برو سمجھيو وڃي ٿو.“ هڪ ٻي ماهر مطابق بيروزگاري سماج لاءِ ائين آهي جئين باراني علائقي ۾ خشڪ سالي! بيروزگاري سماج ۾ مڙني قدرن کي متاثر ڪري ٿي. هن جي ڪري سماجي توڙي اخلاقي شعبن ۾ انحطاط پذيري جو عمل شروع ٿئي ٿو ۽ سماج بدامني، بي راه روي، لاقانونيت يا مڙني براين جو آماجگاه بڻجي وڃي ٿو ۽ ملڪي سالميت جي لاءِ پڻ خطرا پيدا ٿين ٿا. سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، لاقانونيت، ڌاڙا ۽ ڦرون به بيروزگاري جو ئي نتيجو آهن انهي صورتحال جي ڪري امن امان جي لاءِ ڪيتري ئي اضافي رقم رکڻي پوي ٿي. سنڌ ۾ موجود بيروزگارن مان وڏي اڪثريت تعليم يافته نوجوانن جي آهي، جيڪي تعليمي ادارن مان مختلف ڊگريون وٺي نڪتا آهن ۽ هاڻ نوڪري جي لاءِ دربدر ٿيئڻ انهن جو مقدر بڻجي ويو آهي. بيروزگارن جي انهي فوج ۾ هر سال ڊگريون وٺي نڪرندڙ واڌاري جو سبب بڻجن ٿا. انهي جي ڪري ماڻهن جو تعليم طرف ڌيان گهٽجي وڃي ٿو. اسان وٽ تعليم کي روزگار جو هڪ مکيه مقصد سمجھيو وڃي ٿو. جنهن گهر ۾ هڪ تعليم يافته فرد اڳئي بيروزگار هوندو ته ٻي کي اهو چئي خاموش ڪرايو ويندو ته وڏي ڪهڙا ڦاڙا ماريا جو تون اڳتي پڙهڻ ٿو چاهين! انهي جي ڪري تعليم خاص ڪري اعلى تعليم جو رجحان معاشري مان گهٽجندو وڃي. هاڻ سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ ۾ ڳاڻيٽي کان وڌيل انهي بيروزگاري جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ انهي بيروزگاري کي ڪهڙي ريت ختم ڪري سگھجي ٿو. بيروزگاري جي وڌجڻ جي مکيه ڪارڻن مان هڪ سبب اِهو آهي ته ڪافي وقت لڳ ڀڳ ڏهن سالن کان وڌيڪ مدت کان وٺي سرڪاري نوڪرين تي پاپندي پيل آهي جڏهن ته اسان وٽ پڙهيل لکيل نوجوانن جي لاءِ روزگار جو هڪ ئي ذريعو سرڪاري نوڪري آهي جنهن ۾ روزگار جي فراهمي تي غير اعلانيه مدت تائين پاپندي لاڳو آهي انجي متبادل طور پرائيويٽ سيڪٽر اسان وٽ يا ته قائم نه ٿي سگھيو آهي ۽ جيڪو 10%پرائيويٽ سيڪٽر ڪم ڪري رهيو آهي انهي ۾ سنڌ جي نوجوانن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي. ملتان، مانسهره، ايبٽ آباد ۽ گلگت ۽ٻين مختلف علائقن جا ڪافي رهائشي اُتي ڪم ڪندي نظر ايندا ، جڏهن ته سنڌي پنهنجي ئي علائقي ۾ قائم صنعتن ۽ فيڪٽرين ۾ تمام گھٽ تعداد ۾ روزگار حاصل ڪري سگھندا آهن. اهي نالي ماتر سنڌي به ننڍين پوسٽن تي مقرر ڪيا ويندا آهن. انتظاميه ليول جي اسٽاف تي غير سول ريٽائرڊ ماڻهن کي مقرر ڪيو ويندو آهي. هن وقت جڏهن مختلف پوکون لهي رهيون آهن ۽ سيزن شروع ٿي چڪي آهي، تڏهن ٻاهران ٻين صوبن مان به وڏي تعداد ۾ ليبر اچي رهيو آهي جيڪو مختلف منڊين، ملن ۽صنعتي يونٽن ۾ سستي ڪم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جنهن جي ڪري مقامي مزدور کي وڏو ڌڪ رسي ٿو. ٺيڪيدار ٻه روپيه وڌيڪ ڪمائڻ خاطر ٻاهرين مزدور کي ترجيح ڏين ٿا جيڪو مخصوص علائقي جي آبهوا سان تعلق رکڻ جي ڪري مقامي مزدور کان سگھارو پڻ هجي ٿو. انهن ٻاهران ايندڙن مان گھڻن جي اڪثريت شهرن جي مکيه روڊن جي فٽ پاٿ تي مختلف سامان وڪرو ڪندي آهي. مقامي واپارين جي ڀيٽ ۾ هي ڪو ٽيڪس ادا نه ڪرڻ جي ڪري سستو سامان ڏيئڻ جي پوزيشن ۾ هوندا آهن، جنهن جي ڪري مقامي واپاري پڻ متاثر ٿيندا آهن نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ جي هڪ بيان موجب رڳو ڪراچي ۾ انهن ٻاهران ايندڙن جي تعداد 4 لک کان وڌيڪ آهي جيڪي اُتي مختلف حوالن سان فيڪٽرين، ٺيڪيدارن، پرائيويٽ سيڪورٽي ڪمپنين ۽ ٻين روزگار جي ذريعن تي قابض آهن هڪ اندازي مطابق سنڌ کي دبئي سمجھي ڪمائڻ لاءِ ايندڙ روزانو 4 هزار جي تعداد ۾ سنڌ ۾ اچن ٿا جنهن جي ڪري سنڌ کي دستياب محدود وسيلن تي اضافي بار پوي ٿو ۽ صوبي جي آمدني ٻاهر منتقل ٿئي ٿي. اهڙو ڪوبه قانون موجود ناهي جنهن سان ٻاهران ايندڙن کي روڪي سگهجي. انهي جو نتيجو اهو پيو نڪري ته سنڌي آهستي آهستي پنهنجن ئي شهرن جي سڃاڻپ، تهذيب ۽ روزگار جي ذريعن کي وڃائيندا پيا وڃن. اسان جڏهن نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ ڏسنداسين ته سنڌي نالي ماتر نظر ايندا بلڪ انهن ادارن ۾ سندن لاءِ مخصوص ڪوٽا هئڻ باوجود اهي نوڪريون حاصل ڪرڻ کان محروم بڻيل آهن. اهڙي صورتحال جو هڪ عڪس اسان قومي اسيمبلي جي لکت ۾ ڪيل اُن جواب ۾ ڏسي سگھون ٿا جنهن موجب وفاقي سول ملازمتن جي مجموعي تعداد 18750 آهي مجموعي طور تي 17 کان 22 گريڊ جي ڄاڻايل ملازمتن ۾ 13976 تي پنجاب جو ڊوميسائل رکندڙ آهن. سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙن جو تعداد 2209 آهي جڏهن ته سرحد 1908 بلوچستان 439، ڪشمير ۽ فاٽا جي 225 جي انگ جي ڊوميسائل رکندڙ وفاقي ملازمتن ۾ آهن. سنڌ جي ڊوميسائل تي وفاق وٽ نوڪري ڪندڙ گهڻا سنڌ سان حقيقي تعلق رکن ٿا ۽ سندن جنم ڀومي سنڌ آهي؟، اهو نقطو اڃان وضاحت طلب بڻيل آهي. وفاقي سيڪٽرن جي ٽوٽل تعداد 36 آهي جنهن مان 22 جو تعلق پنجاب سان آهي، بلوچستان مان ڪوبه وفاقي سيڪريٽري جي پوسٽ تي فائز نه آهي، سنڌ ۽ سرحد سان تعلق رکندڙ 4 جو تعداد وفاقي سيڪريٽري جي عهدي تي فائز آهي. اهڙي ئي صورتحال وفاق کان وٺي صوبي ۾ قائم اسٽيل مل پورٽ قاسم پي آءِ اي ۾ آهي 1983ع جي آدم شماري مطابق سنڌ اندر اسٽيل مل جي 24 هزار ملازمن ۾ سنڌي ٽن هزارن کان به گهٽ آهن. پي آءِ اي جي هڪ سئو اسٽيشن مئنيجرن مان هڪ به سنڌي نه آهي جڏهن ته سنڌ جي ڪوٽا تي 19 مئنيجر اچن ٿا جن مان 13 سنڌي ٻولي وارا هئڻ گهربا هئا. 1986ع ۾ فارين سروسز ڪوٽا مطابق گهٽ ۾ گهٽ اٺ سفير، گريڊ 16 کان مٿي 206 آفيسر ۽ گريڊ 1 کان 15 تائين ۾ 681 سنڌي ٻولي وارا ڀرتي هئڻ گهربا هئا، ليڪن هيئنر معاملو انهي جي ابتڙ آهي. (ملازمتن جا مٿيان انگ اکر محڪمه اطلاعات حڪومت پاڪستان جي ادبي رسالي نئين زندگي جولاءِ ۽ آگسٽ 1999 جي شماري مان ورتل آهن.) بيروزگاري جي وڌندڙ سيلاب آڏو ڪو بند ٻڌڻ لاءِ ضروري آهي ته ملازمتن ۾ اڻ برابري کي ختم ڪيو وڃي گهٽ ۾ گهٽ آئيني طور مليل ڪوٽا تي انهي صوبي جي ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي جتان جي لاءِ اها ڪوٽا مخصوص آهي. سنڌ اندر سرڪاري نوڪرين تان پابندي هٽائي سالن کان خالي پيل مختلف کاتن جي جاين کي ڀريو وڃي. ان لاءِ اضافي بجيٽ جي ضرورت انهي جي لاءِ به ڪانه پوندي جو انهن ملازمتن جي لاءِ هر سال بجيٽ رکي ويندي آهي جيڪا استعمال نه ٿيئڻ ڪري واپس هليو وڃي . صوبي جي آبادي وڌڻ ڪري اهو ضروري ٿي پيو آهي ته تعليم، صحت، انصاف ۽ ٻين ادارن جون سهولتون وڌيڪ ماڻهن تائين پهچايون وڃن. انهي لاءِ وڌيڪ ملازمتن جي ضرورت پوندي. اسٽاف جي کوٽ جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو ته 6500 اسڪولون ٽيچنگ اسٽاف نه هئڻ ڪري بند پيل آهن. ڪيترائي اسڪول، ڪاليج ۽ ٻيا ادارا اسٽاف جي کوٽ جي ڪري صحيح ڪم ڪرڻ کان قاصر آهن. انهن ۾ ضرورت پٽاندڙ بيروزگارن کي روزگار سان لڳائي سگهجي ٿو. ڪراچي جهڙي شهر ۾، جتي جي آبادي سوا ڪڙوڙ کان به وڌيڪ آهي اُتي پوليس جي تعداد صرف 7000 جي لڳ ڀڳ آهي، جنن مان اڌ رات جي ڊيوٽي تي هوندا آهن ڪي انويسٽيگيشن ۾ آهن ته ڪي ٽريفڪ پوليس ۾!، مقصد ته تمام ٿوري تعداد ۾ ماڻهن کي سهولتون دستياب آهن. ادارن ۾ موجود انهي قحط الرجال واري صورتحال ادارن جي ڪارڪردگي کي به متاثر ڪري رهي آهي. ادارن ۾ اسٽاف جي کوٽ کي ختم ڪرڻ سان انهن جي ڪارڪردگي ۾ به بهتري اچي سگهندي. انهي سان گڏوگڏ سنڌ جي نوجوانن مان بيروزگاري پڻ ختم ٿي سگهندي. پرائيويٽ سيڪٽرز کي به متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، کين پابند بڻايو وڃي ته سنڌ ۾ موجود وڏي تعداد ۾ بيروزگاري جي ڪري ٻاهران ايندڙن کي ملازمتون ڏيئڻ بجاءِ سنڌ جي مقامي نوجوانن کي روزگار سان لڳايو وڃي. ٻاهران ليبر ۽ واپار طور ايندڙن کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن ته جئين سنڌ جي مقامي وسيلن تي بوجھ نه پوي.