اشفاق احمد ٽالپر سونهاريءَ سنڌڙيءَ جي سرزمين کي قدرت پنهنجي بي بها ۽ اڻ کٽ نعمتن سان پئي نوازيو آهي قدرت پنهنجي خزاني مان سنڌ کي نوازڻ ۾ ڪوبه حد حساب نه رکيو آهي. معدنيات، زراعت، درياءَ، سمنڊ، سرسبز زمينون، ٿر جو ريگستان، جبل، اهو ڪهڙو وسيلو ۽ قدرت جي اظهار جو دل ڪش حسين منظر آهي جيڪو سنڌ کي عطا ڪيل نه هجي. قدرت طرفان عطا ڪيل دولت، وسيلن جي مالڪي جيڪڏهن تاريخ جي هر دور ۾ ڌارين يا ٻاهرتين جي قبضي بجاءِ ڌرتي واسين جي مالڪي ۾ هجي ها، ڦرلٽ ۽ استحصال جو شڪار نه بنايو وڃي ها ته سنڌ دنيا جو جنت نظير خطو هجي ها، هتي جي هر علائقي جي مقدر ۾ ترقي لکيل هجي ها، سهولتن سان ڀرپور ڳوٺ هجن ها، هتي جو ڪو ٻار پئسن جي اڻ هوند جا ارمان کڻي والدين جي هنج ۾ بيماري وگھيءَ تڙپي تڙپي ڪونه مري ها. والدين پنهنجي اولاد جي بهتر مستقبل جون اڻ پوريون ٿيل اميدون ۽ سانڍيل حسرتون کڻي انتظار جي گھڙين ۾ ئي قبرن حوالي ڪونه ٿين ها. ماڻهن جو مقدر گنديءَ پاڻي واپرائڻ ڪري گيسٽرو، مليريا، جهڙن بيمارين ۽ غذائي کوٽ جي ڪري ٽي بي وگھي مرڻ بڻيل نه هجي ها. بدقسمتي سان سنڌ کي قدرت جي خاص مهرباني طور عطا ڪيل بي حساب دولت جي وڏي قيمت چڪائڻي پئي آهي شايد انهي جي قيمت تي آزادي وڃائڻي پئي، ڌارين جي يلغارين، لشڪرن جي ڪاهن، چنگيز ۽ هلاڪو جي تباهين ۽ ڦرلٽ مان گذرڻو پيو. هتي جا ماڻهو تاريخ جي هڪ ڊگھي سفر ۾ مشڪلاتون ڏسندا، تڪليفون سهندا، بربريت ۽ ڦرلٽ جو نشانو بڻبا، پنهنجن اجھن ، حق حڪمراني، جيئڻ جي وسيلن، ۽ ڌرتيءَ کان محروم ڪيا پئي ويندا رهيا آهن. پوءِ اهو سنڌ جي پوين ماضي مان ڌاري غلامي جي ڪا ڏکوئيندڙ داستان هجي، يا حال ۾ ٿيندڙ ڪو ڪلور هجي. ساڍا پنج هزار سالن کان ڌرتي جي ابتدا کان وٺي انهيءَ جي گَولي تي نوح جي پٽ سنڌ جي نالي يا جنت مان وهندڙ دريائن مان هڪ درياءَ سنڌو جي نالي سان منسوب مٽيءَ ۽ امن جي علامت طور سڃاڻپ رکندڙ سنڌ نالي هي ڌرتيءَ پنهنجي تاريخ جو وڏو حصو غلام رهي آهي. هن جو ماضي ڏاڍو دردناڪ آهي، پر حال جا گذرندڙ لحما به تڪليف دھ آهن، پنهنجي ڌرتيءَ تي جلاوطني جا گھائو ۽ ديس جي خوشحالي جي سوچن تي پهرا هجن، جغرافيائي اهميت کان قطع نظر علائقائي سرحدن سان هٿ چراند هجي. سنڌ جا علائقا ۽ ضلعا سياسي وفاداري، اقتداري مفادن ۽ مصلحتن تحت وڍ ڪٽ ڪري سياسي خانزادن ۽ جاگيردانن کي ارڙنهين صدي جيان تحفي طور ڏنا وڃن، قبيلائي جھيڙا سُهڻيءَ سنڌ جي چهريءَ تي ماتا جا بد نما داغ بڻجي ٻهراڙين ۾ دهشت ۽ ويرانيون پکيڙي انساني جانيون ڳڙڪائي رهيا هجن. منشيات ۽ ڌاڙيل ڪلچر ماڻهن کان سڪون ۽ ننڍ کسي اُلڪي ۽ خوف حوالي ڪري ڇڏيو هجي، شهر اجرڪ ٽوپي جي ثقافتي ورثي کان محروم بڻجي ڌارين حوالي ٿيل هجن، ۽ اتي بلڊوزر ڌرتي ڌڻين جي وسندين کي مليا ميٽ ڪري رهيا هجن. منشيات نوجوان نسل کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو هجي، آفيسن ۾ بيروڪريسي، آفسر شاهي، ڪلرڪ ۽ پٽيوالن جي هٿان روز اٻوجھ ماڻهن جا کيسا خالي ٿيندا هجن، ڌاڙيل نما ڪلرڪ قوميت جي جذبي کان عاري ٿي ڌارين کي پئسي عيوض ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيئڻ جو ڪاروبار ڪندا هجن، سنڌ جي اقتدار جي ڏوري لاهور جي چوڌرين هٿان ڇڪبي هجي، سنڌ جي عوام جي خواهشن جو قتل عام ٿيندو هجي. اقتدار جا پوڄاري وڏيرا پيٽ جي دائري ۽ ذاتي سڌار سنوار تائين محدود بنجي سنڌ جي بهارن جا سوداگر بڻيل هجن، هو واڪ ڏيئي سنڌ جي ماڻهن جا مستقبل نيلام ڪري رهيا هجن. بهار ڀلجي به اچڻ کان نابري واريل ۽ خزان جو هتي دائمي ديرو متل هجي، سارين جا پڪل سنگ، ڪُم لهڙ، پاڻي جا پلر، پرديسي پکين جا ولر ۽ ڪونجڻين جي پريت جا منظر ڏندڪٿا ۽ افسانوي محسوس ٿي رهيا هجن. تعيلم بجاءِ معصوم وجود ڪاغذ چونڊيندي ۽ گريجن ۾ ڪم ڪندي پنهنجي معصوميت جا ڏينهن ڪاٽي ڇڏين، سندن نازڪ ۽ ننڍڙن هٿن ۾ شعور بخشيندڙ ڪتاب ۽ قلم هئڻ بجاءِ پانا ۽ گٿا چونڊڻ لاءِ ڪٽا هجن. اسپتالن جي درن تي ماڻهو ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ بدانتظامي جي ڪري بنا گوري دوا جي موت جي منهن ۾ هليا ويندا هجن. اسڪول عمارتن کان يا وري استادن کان محروم هجن. ماضي جي سڌين يلغارن ۽ ڪاهن بجاءِ دلفريبيءَ، چالاڪي ۽ مڪاري سان ڀائپي جي نالي ۾ وسيلن جي ڦرلٽ ٿي رهي هجي، 70 سيڪڙو ملڪي خزاني کي آمدني بخشيندڙ سنڌ ۾ روزانو آپگھات جا منظر هجن. روز ڪنهن ڀاءُ، ڪنهن پٽ، ڪنهن اکين ٺار جو جنازو کڄي رهيو هجي، بک بدحالي ۽ پسماندگيءَ سندن نصيب بنيل هجي. درياءَ ۾ ڇوليون هڻندڙ پاڻي جي منظر بجاءِ واريءَ ڏسڻ لاءِ ملي. حُسينيت جا علمبردار سنڌ جا رهواسي پاڻي جي ڍُڪ خاطر احتجاج جي صدا بڻيل هجن، ۽ يزيديت جي پيروڪارن طرفان ڪربلا جا منظر دهرائڻ جون تياريون هجن. وقت بوقت اسان جي سُتل وجود تي لڳندڙ اهي چُهنڊڙيون، اسان کي جاڳي پنهنجو مستقبل بچائڻ ۽ قومي شعور اختيار ڪرڻ جو درس ڏيئي رهيون آهن. تڏهن اسان شخصيتن جي سحر مان نڪرڻ، انفراديت جي سوچن کي ڇڏڻ ۽ پنهنجي قومي بقا جي سوال تي متحد ٿيئڻ لاءِ تيار نه هجون، ته ڇا اسان جو اهو عمل استحصالي قوتن سان اسان جي اشتراڪيت ۽ ڳٽ جوڙ نه چئبو؟ اسان جي مظلوميت هٿراڌو سمجھي نه ويندي، ڇا اسان انهي روش تي تاريخ جي ڪنهن مورخ اڳيان ڪو جواز گھڙي پيش ڪري سگھنداسين؟ ڪو عذر ۽ بهانو ڏيئي، پنهنجو ڪنڌ انهي ذميواري مان آجو ڪرائي سگھنداسين، ڇا مستقبل ۾ تاريخ لکندڙ قلم اسان کي انهي انفراديت پسندي تي قومي تباهي ۽ بربادي جو ذميوار قرار نه ڏيندو؟ اسان انفرادي زندگيءَ ۾ ايترا ته اڳڀرا آهيون جو پاڻي جي واريءَ تي ڪو ٻيو پاڻي وهائي پوءِ ڀلي ڀاءُ هجي ڪهاڙي سان سندس ڪنڌ لاهي ڇڏيون ٿا پر اجتماعي حوالي سان جڏهن سڄي ساري شينهن درياءَ جو پاڻي زوري کنيو وڃي ته اسان خاموش بنيل هجون. لوڙهي جي هڪڙي وڌيل ڍينگر تي اسان ماڻهو ماري وجھون پر جڏهن ساري سنڌ جي وسيلن جي صفائي ڪئي ويندي هجي ته اسان پنڊ پهڻ بنجي خاموش تماشائي ويٺا هجون. پنهنجن عورتن کي ڪاري ڪري مارڻ ۾ غيرت جو مظاهرو سمجھي دير ئي نه ڪريون پر جڏهن سڄي سنڌ ڌارين سان ڌڪجي سٿجي پئي ويندي هجي ته اسان ڪجھ نه ڪري سگھون، ته انهيءَ کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ سان اسان جي بي حسيءَ ۽ جُٺ جو ٻيو ڪهڙو مظاهرو ٿي سگھي ٿو ته اسان قومي بقا کان لاتعلق بنيل هجون. جڏهن ڪنهن قوم جي فردن مان قوميت جو جذبو موڪلائي وڃي ٿو، ته اها انهي قوم جي تباهي جي نشاني هوندي آهي. باوجود انهيءَ جي قومي جيئاپي، بقا ۽ آجپي تي سواليه نشان اچي بيهن پر قوم جا فرد قوميت کان عاري انفرادي مشغلن ۾ ڦاٿل هجن. ڇا اسان پنهنجي قومي بقا کي ڳوٺ جي ڪنهن گھر کان به گھٽ اهميت ڏني آهي جتي جڏهن ڪنهن گھر ۾ چور گھڙي ايندو آهي ته ڀاڳئي جي سجاڳ ٿيئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ تي سارو ڳوٺ سجاڳ ٿي انهي چور جا پيرا کڻي ڪڍ پوندو آهي. پر جڏهن سنڌ ۽ سنڌوءَ بچايو بچايو جا واڪا ڪندا ۽ صدائون هڻندا هجن تڏهن اسان جا ڪن انهن صدائن ۽ رڙين تي کڙا ڇونه ٿا ٿين، اسين پنهنجي قومي چوري جا پيرا کڻڻ لاءِ نڀاڳي ننڍ مان سجاڳ ڇو نٿا ٿيون، انفراديت ۾ ايڏي ذميواري ۽ سجاڳي اجتماعيت ۾ وڏي لاپرواهي ۽ غفلت. اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ ايڏو تضاد ڇو؟ ڇا سبب آهي ته جنهن قوم سائنس جي ترقي جو بنياد وڌو، ايجادن جي ماءُ ”ڦيٿي“ کي ايجاد ڪيو. اڄ اها خود ترقي کان محروم بنيل آهي؟ جنهن قوم هزارين سال اڳ شهري زندگي جو بنياد وڌو، جديد ڊرينج سسٽم متعارف ڪرايو، جڏهن يورپ ۽ مغرب اڃان انهن ڳالهين کان نا آشنا بنيل هئا تڏهن هتي رٿابندي ۽ پلاننگ سان بلڊنگون ۽ گھٽيون ،گليون ٺهي رهيون هيون، زندگي جو اعلى معيار اپنايل هو، پر اڄ انهيءَ ماضي جي مالڪ قوم، رٿابندي ۽ پلاننگ جي ڪمي مان گذري رهي آهي، اسان مان ڪنهن ڪڏهن پنهنجي انتهائي مصروفيتن واري زندگيءَ مان ڪنهن هڪ اڌ گھڙي لاءِ ئي انهيءَ تي سوچڻ گوارا ڪيو آهي! قومي خامين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري پاڻ کي انهن کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڳالهه يقينن انڪار جي صورت ۾ اسان جي سامهون ايندي، ڇوته جيڪڏهن هر فرد ائين پنهنجو احتساب ڪري پاڻ کي قوميت جي دائري ۾ آڻي ها ته اڄ مفاد پرستي، ليڊر پرستي، پيٽ پرستي جي ايڏي باھ نه متل هجي ها، جنهن ۾ انسانيت به جلندي، سيڪ محسوس ڪندي، ۽ سڙندي نظر نه اچي ها. فرد ئي قوم جي بنيادي اڪائي هوندا آهن، قومي خامي ۽ برائي جا پيرا به اتان کڄڻ شروع ٿين ٿا. جنهن سماج ۾ فرد جي غلطين کي ختم ڪرڻ جي سگھ ۽ فرد ۾ پنهنجي عمل کي ڏسڻ ۽ اصلاح ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي ته اتي انفرادي خاميون اڳتي وڌي قومي دائري ۾ داخل نه ٿي سگھنديون آهن. پر انهي جي لاءِ معاشري ۾ علم ۽ تعليم جو ڦهلاءُ ضروري هوندو آهي. بدقسمتي سان اسان تعليمي حوالي سان به تمام گھٽ ۽ پوئتي پيل آهيون، ڪيترائي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بنيل، ڪيترائي اسڪول گدام بنيل، ڪيترائي اسڪول علم جي عمل کان وانجھايل آهن تعليم جي انهي حالت ۽ گھٽتائي جي ڪري اسان جي معاشري مان سماجي برائين جي رستا روڪ نه ٿي سگھي آهي. نتيجي ۾ ڇرواڳ بنيل برائيون ۽ انهي جا حامل فرد اسان جي سماج جو هڪ ناسور بنجي ويا آهن مستقبل ۾ انهن جي زهريلن ڏنگن کان بچاءُ جو ذريعو صرف تعليم جو واڌارو ۽ ان تائين هر هڪ جي بلا امتياز رنگ و نسل، جنس، ۽ مذهب جي بغير ڪنهن فرق سان پهچ آهي. علم ئي انسانيت جو درس ڏيئي ٿو برائين کان بچڻ جا دڳ ڏسي ٿو، بني آدم جي عظمت به علم جي حصول ۾ سمايل آهي، ڇاڪاڻ ته انجي شروعات به سکيا جي عمل مان ٿي هئي جڏهن الله خلقهڻار آدم کي خلقيو ته پنهنجي علم سان انهيءَ کي نوازيائين ۽ انهي علم سان فرشتن جھڙي پاڪ مخلوق تي سندس فضيلت ظاهر ڪيائين. اسان کي پنهنجي معاشري مان روز اهڙا مثال ۽ واقعا ملن ٿا جنن مان علم جي گھٽتائي ۽ سوچ جي غير مهذب پڻي جي خبر پوي ٿي جنهن ڪري روز وحشيت سان ڀرپور انسانيت کي شرمائندڙ واقعا اسان کي ٻڌڻا ٿا پون. مثلن وحشيت پڻي جو اهو واقعو جڏهن وحشي صفت مهمان نلڪيءَ تي وهنجڻ لاءِ آيل ٽن سالن جي معصوم نياڻي سان اهڙو فعل ڪري جنهن سان انسانيت جا وار ڪانڍارجي وڃن، جڏهن معصوم وجودن سان بدفعلي ڪري کين ڳترا ڳترا ڪري ڪنهن ٽُڪريءَ کي ڪٿي پوريو وڃي ڪنهن حصي کي ڪٿي لوڙهيو وڃي ايڏي بي رحمي ۽ وحشيت جو مظاهروٿئي. تڏهن انسانيت خود تي ماتم ڪندھ بنجي ويندي آهي. معاشري مان اهو وڌندڙ وحشيت پڻو دور ڪرڻ لاءِ علم ۽ تعليم ئي ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا انسانيت جي وڃايل احترام کي روحاني تعليم جي فروغ سان ئي ڳولي سگھجي ٿو، روحاني تعليم ئي ماڻهو کي نفس جي غلامي ۽ انجي حيواني خواهشن کان آزادي بخشي سگھي ٿي. سنڌ ته اهو خطو آهي جتان دنيا کي روحانيت جا درس ملندا هئا. روحانيت جي پرچارن جو هي ديس اڄ خود روحاني قدرن کان محروم بنجي ويل آهي. معاشري ۾ انسانيت جو عنصر تڏهن وڌي ۽ ويجھي سگهندو جڏهن انسان روحانيت سان پنهنجي اندر کي اجاريندو نفس جي ميل کي ٻاهر ڪڍندو، پنهنجي وجود جي حقيقت، زندگيءَ جي مقصد ۽ معنى کي سمجھي سگھندو. ماضي جي تاريخ جا ورق اٿلائي، اتان مظلوميت جا داستان پڙهي ۽ عظمتن جا قدم ڏسي مظلوميت ختم ڪرڻ ۽ وڃايل عظمت حاصل ڪرڻ جي لاءِ قومي ٻڌي ۾ اچي حال ۾ ئي پنهنجو مستقبل سڌارڻ ۽ هٿرادو لکيل قسمتن جي کيل کي تبديل ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿيڻو پوندو. قدرت جو دستور آهي ته جيسين تائين ڪا قوم پنهنجي حالت ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ خود سجاڳ نٿي ٿئي، تيسين تائين قدرت انهي قوم جي حالت ۾ ڪابه پاڻمرادو بهتري نه آڻيندي آهي. اسان کي به پنهنجي حالت پاڻ سڌارڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو ڊگھي غلامي جي تاريخ جي پيل خامين کي پنهنجي اندران نيڪالي ڏيئڻي پوندي. پنهنجائپ جي روپ ۾ سماجي برائيون پکيڙيندڙ ڪردارن جو احتساب ڪرڻو پوندو. قوم جي بهتري بدران پيٽ ۽ وقت کي سلام ڪندڙن جي ظاهري خوبصورت واعدن جو شڪار بنجڻ بجاءِ دشمن ۽ سڄڻ، وفادار ۽ غدار جي سڃاڻپ ڌارڻي پوندي. جھاليت، انتهاپسندي ۽ معاشري ۾ پکڙيل فرسودھ رسمن رواجن کان بغاوت ڪري پنهنجا ڪنڌ نام نهاد پيري مريديءَ جي قيد مان آجا ڪرڻا پوندا. قومي سوچ ڌاري هڪ ٻئي جي بد خواهي، پاڻ وڏو ٿيئڻ ۽ شهرت ماڻڻ جي خرابين کي الوداع چوڻو پوندو. ذاتي ۽ قومي اختلاف قبيلائي جھيڙا، ڪاروڪاري جھڙا عمل، پاڻ مان ختم ڪرڻا پوندا. پنهنجي سماجي قدرن کي بچائڻ جي لاءِ جتن ڪرڻا پوندا. ته جئين سماجي برائين ۽ قومي خامين جي آيل ٻوڏ جي وهڪري ۾ لُڙهي ويل سنڌ جي امن کي آڻي سگھجي. صوفين جي سرزمين طور سڃاڻپ رکندڙ سنڌ مان نفرت، انتها پسندي، وحشيت، عدم برداشت جي جاءِ تي صوفين جي پوکيل محبت، انساني احترام ۽ عظمت، سهپ ۽ پيار جي ٻج جي آبياريءَ ڪري سگھجي. بدامني، بي سڪوني ۽ وحشيت حوالي ٿيندڙ هن سماج کي سڪون آور بنائي سگھجي. انهي جي لاءِ اسان کي سڀاڻي جي انتظار بجاءِ اڄ ئي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي پنهنجي اندر سوچ، عمل، ڪردار، اخلاق ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ واضع تبديلي آڻي انهي کي قوميت جي حوالي سان ترتيب ڏيڻو پوندو. اسانجي هر عمل ۾ جڏهن قوم جي بهتري جو اولڙو ملندو ته تڏهن ئي هن قوم جو مستقبل بچي سگھندو. باقي جيڪڏهن اسان تاريخ جي هن موڙ تي به انفراديت جي دائري ۾ رهي پياسين ته پوءَ اسان کي هي ڀوڳنائون پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ميراث سمجھي ورثي ۾ ڇڏڻيون پونديون. قلم ايندڙ نسل جي لاءِ اسان جي ان ڪردار کي تحرير جي صورت ۾ تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيندو. ۽ جڏهن اسان جي ايندڙ نسلن پٺتي ڇڏيل اسان جي تاريخ جا اهي نقش ڏٺا ته يقينن اسان انهن جا مياري ٿي پونداسين ۽ اسان کي ان لاپرواهي ۽ غفلت جي ڪري تاريخ جي بي رحم احتساب مان گذرڻو پوندو. انهي جي لاءِ اسان کي اڄ ئي ڪجھ ڪرڻو پوندو ته جئين اسان جا ايندڙ نسل بهتر مستقبل ماڻي سگھن ۽ اسان کي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ پنهنجي ايندڙ نسل اڳيان شرمسار نه ٿيئڻو پوي.