مدي خارج جرڳائي سسٽم جا غير انساني فيصلا۔۔۔!

'مختلف موضوع' فورم ۾ آرزو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2011۔

  1. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    مدي خارج جرڳائي سسٽم جا غير انساني فيصلا

    اشفاق احمد ٽالپر

    ٺل (جيڪب آباد) ۽ لکي (شڪارپور) سنڌ مان ٻن اهڙين جرگن جون خبرون سامهون آهن جنن ۾ علائقي جي با اثر سردارن ويهي دشمني، قتل ۽ مال جي چوريءَ تان ڌرين ۾ جاري ويڙهه جي صلح ڪرائيندي جوابدار طور سامهون آيل ڌر تي چٽيءَ طور نياڻين جا سنڱ ٻي ڌر کي ڏيئڻ جو پاپند ڪيو آهي. هڪ جرگي ۾ اهڙي طريقي سان پنجن نياڻين جي قسمتن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ۽ ٻي جرگي ۾ يارنهن ڍورن عيوض ٻن نياڻين جا سنڱ ٻي ڌر جي مال جي واپاري کي ڏيڻا ڪيا آهن. اهي نياڻيون جيڪي اڃان معصوميت جي عمر ۾ آهن، سندن وهي راند روند ۽ ٻاراڻي ضد جي آهي. ڪيڏو نه مذمت لائق اهو فيصلو آهي جنهن ۾ جڏهن نياڻين جي سنڱاوتين کي چٽين طور مڙهيو پئي ويو ته تڏهن اهي نياڻيون والدين جي ڪڇن ۽ هنجن ۾ ويٺل هيون هو اڃان ٻاتڙا ٻول ٻوليندڙ وهي ۾ آهن. اهي هر فيصلي کان نا آشنائي واري عمر ۾ آهن جتي انهن جون سوچون بلڪل آزاد آهن انهن آزاد سوچن واري وهي ۾ انهن جي مستقبل کي غلام بڻايو ويو آهي. کين انهن ڏوهن جي عيوضي ۾ زندگي ڀر دشمني جي جذبن هيٺ رشتن سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪي ڏوه پنج يا چار سال جي عمر رکندڙ هنن معصوم نياڻين جي پيدائش کان به گھڻو اڳ جا ڪيل آهن. رشتا ته محبت جي ماحول ۾ پروان وٺندا آهن. دشمنيءَ جي ماحول ۾ صلح خاطر ٿيل سنڱاوتين ۽ رشتن جي قائم ٿيڻ کان پوءِ عورت جي حالت ڪنهن دشمن ملڪ جي قيدي کان به ابتر هوندي. اهو به ٿي سگھي ٿو ته انهن نياڻين جون قسمتون ڪنهن پوڙهي حوس جون غلام بڻايون وڃن.

    اهي جرگا سياسي ڌرين سان وابستگي رکندڙ ۽ علائقي جي با اثر رسوخ سردارن جي سرپئنچي هيٺ ٿيا آهن. سنڌ جا سُلجھيل حلقا جرگائي نظام کي متبادل عدالتي سسٽم ۽ ظالماڻو چوندي ان تي تنقيدي رهيا آهن پر حڪومت ۾ شامل ڪجھ عنصر نه رڳو انهن جرگن جا حمايتي رهيا آهن پر اهڙا جرگا انهن جي سرپئنچي هيٺ منعقد ٿيندا رهيا آهن. حڪمران طبقي کان هٽي ڪري جيڪڏهن اسان سياسي پارٽين ڏانهن ڏسنداسين ته سنڌ جي وڏي لبرل ۽ روشن خيال سمجھي ويندڙ سياسي پارٽي جو اڳواڻ به اسان کي جرگن ۾ شريڪ نظر ايندو. جنهن جرگي ۾ نياڻين جي چٽي جو فيصلو ٿيو اهو پڻ انهي ئي پارٽي سان وابستگي رکندڙ هڪ سردار جي سوچ جو نتيجو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي برانچ اهڙن جرگن مقرر ڪرڻ تي پاپندي عائد ڪري چڪي آهي پر انهي حڪم تي تاحال ڪو عمل درآمد نه ٿي سگھيو آهي. تازو ئي وڏي وزير پڻ جرگائي سسٽم کي تڪڙي انصاف جي فراهميءَ جو وسيلو ڄاڻائيندي انهي جي تائيد ڪئي هئي انهي جي هڪ ئي ڏينهن پوءِ مٿيان غير انساني فيصلا سامهون آيا. ڇا اهو ملڪي قانون جي نّظام تي وس وارن جي اڻ اعلانيه عدم اعتماد جو اظهار ڪونهي. ڇا اهو ماڻهن کي سستي ۽ فوري انصاف پهچائڻ جي دعوائن جي نفي ڪانهي ته حڪمران انصاف جي حصول لاءِ قانون جي راهه بجاءِ متبادل رستن کي جائز ڄاڻائي رهيا هجن. بس انهي تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو ته وقت جا واڳ ڌڻي انصاف جي قانوني حصول جي طريقيڪار کي آسان بنائڻ، عام ماڻهو جي پهچ ان تائين ممڪن بنائڻ ۽ انصاف جي عمل ۾ سستي ختم ڪري فوري انصاف جي عمل کي يقيني بنائڻ جي قدمن کڻڻ بجاءِ سنڌ جي سماج ۾ موجود هن مدي خارج جرگائي سسٽم جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن.

    جرگائي سسٽم جيڪو علائقي ۾ سردار جي رعب تاب ۽ عظمت جو باعث هوندو آهي جنهن تحت سردار پهرين ڌرين کي خون خرابي حوالي ڪندا آهن سالن تائين جاري ويڙھ ۾ جڏهن ڌرين جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪافي ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڏئي چڪا هوندا آهن ۽ هو ڪافي نقصان کان پوءِ ڊگھي عرصي کان نسلن کي برباد ڪندڙ ويڙهه مان ٿڪجي پوندا آهن ته تڏهن جرگن جي ذريعي سردارن هٿان فيصلا ڪرايا ويندا آهن. جرگا منعقد ڪري، ايڪيهن صدي جي روشني ۾ به پوين زماني جي ظالمانه چرڀيلي رسم تحت شڪي ماڻهن کي ٽانڊن تان گذاريو ويندو آهي ۽ پوءِ مٿين مثال جھڙا فيصلا ڪري نياڻين جا سنڱ چٽي ۾ ڏيئي معمولي ڏنڊ ڏوهه وٺي خون جھڙا عمل معاف ڪيا ويندا آهن. تر ۾ چورن جي پاٿيداري ڪرڻ کان پوءِ اهي سردار ئي چوري جا فيصلا ڪري علائقي ۾ پنهنجي سرداري قائم رکندا آهن. اهڙي طرح اهي پنهنجي علائقي ۾ ٻڌ ـــــ ڇوڙ واري عمل سان پنهنجي سرداري کي مضبوط ڪندا رهندا آهن.

    موجوده وقت ۾ جرگن جو تعداد ڪافي وڌي ويو آهي انهي جو هڪ سبب اهو آهي ته وڏا سردار ته اڳئي اقتدار ۾ هئڻ ڪري پاور ۾ هئا پر هاڻ ته لوڪل باڊيز سسٽم جي ڪري مقامي سطح تي موجود وڏيرا پڻ پاور ۾ آيل آهن. تنهن ڪري اهڙا فيصلا هڪ مسلسل سلسلي جي شڪل ۾ هلي پيا آهن. سردار پنهنجي علائقي ۾ ايترا ته طاقتور آهن جو انهن جي مرضي کان سواءِ ڪنهن به آفيسر جي مقرري نه ٿي سگھندي آهي. آفيسرن جي مقرري تان علائقي جي سردارن جي پسند ۽ ناپسند جون خبرون اڪثر ٻڌڻ ۾ اينديون رهنديون آهن جنهن تي علائقي جي ٻن سردارن ۾ آفيسر جي مقرري ۽ بدلي جي حوالي سان سرد جنگ شروع ٿي ويندي آهي ٻنهي جون ڊوڙون فائلن سميت با اختيار دروازن ڏانهن هونديون آهن. ويجھي وقت ۾ اهڙا ڪافي مثال اسان وٽ موجود آهن.

    هڪ ته سردار هئڻ ۽ ٻيو سياسي حوالي سان ڪنهن نه ڪنهن پارٽي جي سيٽ تان ايم.اين اي يا ايم. پي . اي هئڻ ڪري اهي وڏيرا علائقي رعب تاب سان گڏ اختيار جا مالڪ پڻ بڻيل هوندا آهن. مٿين فيصلن جي ٻيهر ورجاءُ کي روڪڻ جي لاءِ اهو ضروري هوندو ته سرڪاري سطح تي جرگن جي پٺڀرائي ڪرڻ بجاءَ انهن جي حوصله شڪني ڪئي وڃي. انصاف جي عدالتي سسٽم کي جديد بڻائي معياري ۽ تڪڙي فرياد داد ۽ انصاف جي حصول کي ممڪن بنائڻ جي قدمن کي يقيني بڻائي، سنڌ جي هن ناسور مان جان آجي ڪرائي سگھجي ٿي. اسان جو الميو اهو آهي ته هميشه سياسي توڙي اقتداري پليٽ فارم تان وڏيرن جي مفادن جو تحفظ ئي ڪيو ويو آهي. سندن جي حمايت ۽ ووٽ حاصل ڪرڻ خاطر انهن جي چڱي بري فعل کان چشم پوشي ڪئي ويندي رهي آهي. سياسي پارٽيون اهڙين وڏيرن ۽ سردارن کي پنهنجي ميمبري جي ٽڪيٽ نه ڏين جيڪي فيصلن جي حوالي سان مدي خارج سوچ جا مالڪ آهن. اهڙي طرح حڪومتي توڙي سياسي پليٽ فارم تان انهن سردارن جي حوصله شڪني ڪئي ويندي ته لٺ ڌُڪي، اختيار ۽ اثر رسوخ جي سهاري هلندڙ هي سرداري توڙي جرگائي نظام ختم ٿي سگھي ٿو. ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ نه رڳو قبيلائي تڪرار جنم وٺندا رهندا ۽ سنڌ جو امن چند سردارن جي رحم وڪرم تي ئي رهندو. پر اهڙن سردارن جي سرپئنچي هيٺ ٿيندڙ جرگن مان اهڙا غير مهذب فيصلا پڻ سامهون ايندا رهندا جنن ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ حوا جون نياڻيون ائين ئي چٽي طور استعمال ٿينديون رهنديون.

    وٺي چور، ماري مور، ڪيڏا ڪيس ڪيا تو،
    بي نور، اکين پُور، نه ٿيو شرم حيا تو،
    نه هو نج، تنهنجو ٻج، سنڌوءَ سان ڪو،
    ڪُرسي ڪاڻ، چورن ساڻ، رکيئي چاھه وڏيرا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو