انتهاپسندي ؟؟؟ پاڪستان ۾ انتهاپسند ڪارواين جي جاري لهر جنهن جي ڪري ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ خودڪشن بم حملن ۾ سوين بيگناه معصوم جانيون زيان ٿي چڪيون آهن. هڪ دفعو ٻيهر انتهاپسندن جي وڌندڙ ۽ مضبوط ٿيندڙ نيٽ ورڪ جي نشاندهي ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ انتهاپسندي اڄ جو وڏو موضوعِ بحث آهي پر ان جي ٻڄ ڇٽڻ جي شروعات ڪافي اڳ ٿي. تاريخ ۾ جڏهن به مذهب حڪمرانن يا طاقت ور طبقن پنهنجي مفاد جي لاءِ استعمال ڪيو آهي ته ان مان هميشهه خرابين ئي جنم ورتو آهي. موجوده انتهاپسندي جي سوچ به مذهب جي اهڙي ئي استعمال جي ڪري وجود ۾ آئي. افغانستان ۾ جڏهن روس نواز حڪومت وجود ۾ آئي ۽ روسي فوج افغانستان ۾ داخل ٿي ته آمريڪه ۽ روس ۾ جاري سرد جنگ جي ڪري آمريڪا انهي موقعي مان فائدو وٺندي اسلام کي استعمال ڪيو ۽ اسلام ۾ جهاد جي فلسفي مان پنهنجي مفاد جي تڪميل ڪرڻ چاهي. ان مقصد جي تڪميل جي لاءِ پاڪستان کي فرنٽ لائين ملڪ بنايو ويو جتي تربيتي ڪئمپون قائم ڪري، اسلام جي جذبي کي اُڀاريو ويو ۽ انهي سوچ جي ذهنن ۾ آبياري ڪئي ويئي ته بحثيت مسلمان ملڪ هئڻ جي اسان اسلام جو قلعو آهيون ۽ پوري دنيا ۾ غلبئه اسلام جي لاءِ ڪم ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي. انهي سوچ جي نه رڳو جنرل ضياءَ جي دور ۾ حڪومتي سرپرستي ڪئي ويئي پر اسان جي نام نهاد قومي ميڊيا به انهي سوچ ۽ مشن کي اڳتي وڌايو ۽ ماڻهن کي اهي نُڪتا ذهن نشين ڪرايا. ان بعد جڏهن افغانستان مان روس نڪتو ۽ هن جي طاقت ختم ٿي ويئي نتيجي ۾ دنيا ۾ هڪ ئي سُپر پاور وجود ۾ اچي ويو ته پوءِ اهي ئي ماڻهو جيڪي ڪالهه حڪومتي سپورٽ سان هٿياربند ڪاروايون ڪري رهيا هئا. جنن کي مجاهدين جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو ۽ جنن کي پوري عالم اسلام جو ٺيڪيدار هئڻ جو درس پڙهايو ويندو هو اُهي انهن جي اڳيان دهشتگرد ۽ انتهاپسند ٿي پيا. عالمي طاقتن جي انهي مفاد پرستي افغانستان جي آزاد ملڪ کي ڪئين سال گھرو ويڙهه ڏانهن ڌڪي ڇڏيو جتي سابق مجاهدين چيا ويندڙ گروپ پنهنجي پاڻ ۾ ئي اقتدار ۽ اختيار جي هوس ۾ دست و گريبان رهيا. جڏهن افغانستان ۾ دهشتگردن جي خاتمي جو مشن کڻي آمريڪا پير رکيو ته پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي طاقتن جي مفادن جو مهرو ٿي پيو ۽ جنن ماڻهن جي ماضي ۾ حڪومتي سپورٽ ڪئي ويئي ٿي ۽ جنن جي نظرياتي تربيت حڪومتي سرپرستي ۾ ٿي اهي ئي نظريا يڪدم تبديل ٿي ويا ۽ اُهي ماڻهو جيڪي ڪالهه مجاهدين هئا اهي انتهاپسند ٿي ويا. ۽ پاڪستان جو حڪمران طبقو روشن خيال ۽ اعتدال پسندي جو وڏو حامي ٿي پيو. پر جنن طبقن کي خود حڪمرانن ماضي ۾ جيڪا پٽي پڙهائي مذهبي درسگاهن ۾ محبت، پيار، اعتدال پسندي ۽ مذهب جي روشني ۾ انسانيت جي ڀلائي جو درس ڏيئڻ بجاءِ، انتها پسند خيالن جي آبياري ڪرائي اهي طبقا انهن خيالن ۽ سوچ مان ٻاهر نه نڪري سگھيا جنهن جو نتيجو موجوده انتها پسند ڪارواين جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. هن وقت جڏهن آمريڪا پاڙي ۾ موجود آهي ۽ پاڪستان تي سرحدي علائقن ۾ انتهاپسند طبقن خلاف ڪاروائي جي وڏو دٻاءُ آهي تڏهن اهي انتهاپسند ذهنن ۾ آبياري ڪري پوکيل ماضي جي سوچ کي ڇڏڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ طاقت جي استعمال تي اُهي به پنهنجي جارحاڻي انداز سان سامهون اچي رهيا آهن. ايستائين جو نظرياتي تربيت هئڻ جي ڪري اهي خودڪش بم حملا ڪري پنهنجو ٽارگيٽ سمجھندڙن کي نشانو بنائي رهيا آهن. انتها پسندي جي خلاف جنگ صرف فوجي طاقت سان کٽڻ ممڪن آهي؟ ماضي جي ڪجھه سالن جي تجربي مان اسان کي انهي جو جواب يقينن نفي ۾ ملي ٿو. هي صرف فوج يا هٿيارن بندن جي ويڙهه ناهي پر هي نظرياتي جنگ پڻ آهي جيستائين انتهاپسند نظرين کي رد نه ڪيو ويندو ۽ ان جي مقابلي ۾ روشن خيال ۽ اعتدال پسند طبقن جي حقيقي سپورٽ نه ٿيندي تيستائين انتهاپسندي جي خلاف هلندڙ جنگ ۾ ڪاميابي درڪنار ئي رهندي. ماضي ۾ جنن طبقن به انهي انتهاپسندي واري سوچ جي مخالفت ڪئي ٿي انهن کي ڪافر ملحد ۽ نه ڄاڻ ڪهڙن لقبن سان نوازيو ويو هو. خصوصن انهي انتهاپسندن نظرين جي خلاف سنڌ ۾ گھڻو ڪم ٿيو ۽ سنڌي اديبن پنهنجي لکڻين جي ذريعي انهي انتهاپسندي کي جڏهن رد ڪيو ته مخالفت ۾ انهن کي پاڪستان جو دشُمن ۽ اسلام جو دُشمن ڪري ڄاتو ويو. ۽ انهن ليکن کي عوام تائين پهچڻ کان روڪڻ جي لاءِ پابنديون عائد ڪيون ويون. روشن خيال ۽ اعتدال پسندي جي تعليم کي مذهب جي خلاف پروپيگنڊا قرار ڏيئي جڏهن رڪاوٽون وڌيون ويون ته ظاهر آهي مقابلي ۾ انتهاپسند رجحان ئي ماڻهن ۾ پکڙجي سگھيا جنهن جي ڪري نه مذهبي مقدس جاين جو ڪو تقدس رهي سگھيو نه امن ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم رهي سگھي. مسجدن، امام بارگاهن تي حملا ڪري نمازين کي رت ۾ وهنجاريو ويو. مذهب جي ڀائيچاري ۽ سلامتي جي پيغام بجاءِ فرقيواريت کي هوا ڏني ويئي. ڏٺو وڃي ته انهي سڄي صورتحال ۾ عوام هميشهه نقصان ئي کنيو آهي، ڪالهه جڏهن انتهاپسندي ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي فروغ ڏنو ويو ته انهي جو نتيجو به عام ماڻهو کي ئي ڀوڳڻو پيو. ڪالهه، اڄ جي انتهاپسند طبقن جهاد جي نالي ۾ عام ماڻهن کي استعمال ڪيو. ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي عام ڪري خونريزي کي وڌايو . سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن ۾ جديد هٿيارن جو رواج ۽ وڏي تعداد ۾ جانين جي زيان جو وجود به انهي ڪلچر جي ڪري ئي پيو. هن وقت به انتهاپسندي جي موجوده صورتحال ۾ عوام ئي متاثر ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ جاري اهي حالتون انهي ڳالهه جي تقاضا ڪري رهيون آهن ته انتهاپسندن جي خلاف جاري ڪاروائين ۾ صرف فوجي ڪاروائي کي نه اوليت تي رکيو وڃي نه آخري حل سمجھيو وڃي ڇاڪاڻ ته فوج جو استعمال ڪڏهن به بهتر نتيجا نه ڏيندو. بندوق جي ردعمل ۾ جڏهن به بندوق آئي آهي ته هميشهه مسئلن ئي جنم ورتو آهي. خصوصن اُتي جتي مقابلي ۾ فريق ڪو ٻيو نه پر پنهنجي ملڪ جا ماڻهو ئي هجن. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ماضي جي برعڪس پاڪستاني حڪمران طبقو صرف پنهنجي اقتداري مفادن جي راند کيڏڻ ۽ عالمي طاقتن کي پنهنجي اقتدار ۾ رهڻ جي ضرورت محسوس ڪرائڻ واري انداز بجاءِ حقيقي طور تي انتهاپسندي جي خلاف ڪم ڪري. انهي سان گڏ پاڪستاني حڪمران طبقي کي اها ڳالهه به ذهن نشين رکڻ گھرجي ته انتهاپسندي جي موجوده لهر ۽ صورتحال ڪا نئين نه آهي ۽ نه ئي ڪي ٻاهران طبقا ان ۾ ملوث آهن بلڪ اها ماضي جي پوکيل پوک آهي جيڪا هن وقت زندگين کي موت جي منهن جي حوالي ڪندڙ خودڪش بم حملن جي صورت ۾ لڻي پئي وڃي. ۽ ماضي جي ٽن ڏهاڪن جي سوچ هڪ ٻن ڏينهن يا سالن ۾ ختم نه ٿي سگھندي انهي جي خاتمي جي لاءِ دوُر رس پلاننگ ۽ رٿابندي جي ضرورت آهي گڏوگڏ بهتر طرزِ حڪمراني ۽ حڪمراني جي ڪار وهنوار ۾ عوام جي شرڪت به ضروري آهي سول ادارن ۽ ايڊمنسٽريشن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ عوام جي معيار زندگي کي به بُلند ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جئين غربت جو خاتمو ٿي سگھي. جڏهن غربت ختم ٿيندي ته نتيجي ۾ جهالت جو موت ٿيندو ۽ ان صورت ۾ انتهاپسندي جو خاتمو عمل ۾ اچي سگھي ٿو. باقي صرف رياستي طاقت جو اظهار ۽ شخصي اقتدار جي مضبوطي جا قدم شايد ان جو ڪو بهتر حل ثابت نه به ٿيئن.