• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لولي سان واعدو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
لولي سان واعدو​


صبح سير اٿي ٻچڙا توکي اسڪول وڃڻو آ

جيڪو مون خواب ڏٺو آ سو پورو ٿيئڻو آ

ظلم جو ڪوٽ اڏيل آ تنهن کي ڊهڻو آ

ظالم جو ڪنڌ قلم سان توکي ڪپڻو آ

حق جو نعرو تو کي هر جاءِ تي هڻڻو آ

هن رات انڌيري ۾ تو کي روشن ٿي ٻرڻو آ

ڏاڏل ” لاءِ‌ امڙي هي ڏينهن گهريا ٿي
جهوليء ۾ جهلي، وري وري ساڳيا لفظ چيا ٿي
اکڙين اکڙين ۾ ڪئي قول وتا ٿي
ها جيجل ها جيجل هڪ ڏينهن اهو اچڻو آ
سنڌوء جا رات ڀر ٻار رنا آهن
تو مٺڙي ماء کان ڪئي ٻار ڇنا آهن
ها جيجل ها جيجل هن ڀاڙيء کي ڀڄڻو آ
ضرور هتي علم جو ڏيئو ٻرڻو آ
 
جواب: لولي سان واعدو


دا ڏاڏل مولا توکي آباد رکي ۽ اوهان جي ان قلمي ڪوشش کي ڪامياب ڪري

ادا اوهان کي هڪ ننڏو ڀاء هجڻ جي ناتي سان گذارش ڪندو هلان ته اوهان جي سوچ تمام
بهترين سوچ آهي پر ان کي لفظن جو روپ ڏيڻ کان پوء جي اوهان ان جي تصحيح ڪنهن سٺي شاعر کان ڪرايو ۽ پوء سنڌ سلامت تي پوسٽ ڪيو ته مهنجي خيال ۾ ان شاعري ۾ اڄا به مٺاس ايندي ۔
پر مهنجي خيال ۾ اوهان جي اها شاعري جي هن ريت هجي ها ته ڪيئن لڳندي؟

صبح سوير اٿي اسڪول توکي وڃڻو آ
خواب مهنججي من جو پورو توکي ڪرڻو آ
ظلم جو ڪوٽ اڏيل آجو صدين کان
قلم سان تهنجو ڪنڌ توکي ڪپڻو آ
 
جواب: لولي سان واعدو

سائين آ اوهان جو ممنون ۽ مشڪور ادا هڪ ته مونکان الله ڏينهن ڏئيس هي ڪمپيوٽر نٿو هلي پر وري به مهرباني آهي سائين ممتاز صاحب جي۔ ٻيو ته جيڪو خيال جنهن وقت آيو سو لکي چڏيو سين بعد جي سهيڙپ اسان کان ٿي ڪا نه سگهندي بحرحا ل اوهان جو ٿورو آهي جو هن دؤر ۾ سٺي صلاح ڏيوٿا ۽ اصلاح جي لاء اوهين دوست آهيو نه

وسلام
 
جواب: لولي سان واعدو

لولي سان واعدو​


صبح سير اٿي ٻچڙا توکي اسڪول وڃڻو آ

جيڪو مون خواب ڏٺو آ سو پورو ٿيئڻو آ

ظلم جو ڪوٽ اڏيل آ تنهن کي ڊهڻو آ

ظالم جو ڪنڌ قلم سان توکي ڪپڻو آ

حق جو نعرو تو کي هر جاءِ تي هڻڻو آ

هن رات انڌيري ۾ تو کي روشن ٿي ٻرڻو آ

ڏاڏل ” لاءِ‌ امڙي هي ڏينهن گهريا ٿي
جهوليء ۾ جهلي، وري وري ساڳيا لفظ چيا ٿي
اکڙين اکڙين ۾ ڪئي قول وتا ٿي
ها جيجل ها جيجل هڪ ڏينهن اهو اچڻو آ
سنڌوء جا رات ڀر ٻار رنا آهن
تو مٺڙي ماء کان ڪئي ٻار ڇنا آهن
ها جيجل ها جيجل هن ڀاڙيء کي ڀڄڻو آ
ضرور هتي علم جو ڏيئو ٻرڻو آ

انشاء الله، هڪ ڏينهن ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار او يار!
 
Back
Top