ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ جشن زاهده حنا [JUSTIFY]ڊسمبر جي ڏينهن ۾ ڪراچي شهر ۾ جلسن، سيمينارن ۽ مختلف علائقن جي بند ٿي وڃڻ جون خبرون اينديون رهيون، ٻئي طرف ماڻهو موسيقيءَ جي محفلن ۾ شريڪ ٿيڻ، اسٽيج ڊرامن کي ڏسڻ، تقريرون ٻڌڻ ۽ سنجيده موضوعن تي ڊاڪيومينٽري فلمن کان ڪجهه سکڻ لاءِ نڪري پوندا هئا. انهن محفلن جو حصو بڻجي احساس ٿئي ٿو ته ڪراچي شهر ڪيتري قدر ڌڙڪندڙ ۽ زنده شهر آهي. ڪجهه عنصر جيڪڏهن ان شهر جو ڳلو گهُٽي، ان جي بازارن کي تالا لڳائي ۽ ان جي نوجوانن کي ذهني طور پسمانده رکڻ جي ڪوشش نه ڪن ته هتي به ڪيترائي قابل جوهر نڪري سگهن ٿا. ڊسمبر 2010ع جي آخري تاريخن ۾ هتي ڇهون بين الاقوامي ڪتاب مليو لڳايو ويو، جنهن ۾ 7 ملڪن جي پبلشرن ۽ ڪتاب فروشن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ هندوستان، امريڪا، ايران، انگلستان، سنگاپور ۽ ملائيشيا کان ڪتاب کڻي اچڻ وارا شامل هئا. هن ڀيري 240 اسٽال لڳايا ويا هئا ۽ انهن کي ڏسڻ لاءِ اچڻ وارن جو تعداد، هڪ اندازي مطابق 3 لک کان وڌيڪ هو. ڊاڪٽر فرمان فتح پوري هر سال هڪ سيمينار ”نياز ونگار“ جي حوالي سان ڪندو آهي ۽ ائين علامه نياز فتح پوري ۽ ان جي رسالي ”نگار“ جي ياد تازي ٿيندي آهي. هن ڀيري به اهو ساليانو جلسو ٿيو ۽ ڪامياب رهيو. اهي ڊسمبر جون آخري تاريخون ئي هيون جڏهن آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ۽ ”تحريڪ نسوان“ جي طرفان ٽن ڏينهن جو سيمينار ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي علاوه بنگلاديش، هندوستان، امريڪا ۽ جرمني کان ايندڙ دانشورن شرڪت ڪئي. هندستان مان عورتن جي هڪ مشهور پرچي ”منوشي“ جي ايڊيٽر مدهو ڪشور، جامعه مليه اسلاميه جي ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ ڪلچر رخشنده جليل ۽ بنگلور جي ڪالم نگار ۽ اديب شڪنتلا نرسيميان ۽ بنگلاديش جي ڍاڪا يونيورسٽي جي ڊاڪٽر جميل احمد خصوصي شرڪت ڪئي. ان سيمينار دوران ڊاڪٽر رشيد جهان، عصمت چغتائي ۽ آمنه نازلي جي ڊرامن جون جهلڪيون پيش ڪيون ويون. آخري ڏينهن رخشنده جليل، ڊاڪٽر رشيد جهان ۽ مون عطيه فيضي تي مضمون پيش ڪيا. عطيه فيضي جو نالو ٿي سگهي ٿو ته توهان مان ڪجهه ماڻهن جي لاءِ اجنبي هجي پر هڪ زمانو هو جڏهن هن هندوستان ۾ ڌوم مچائي ڇڏي هئي. عطيه فيضي هندستان ۾ مسلمان عورتن جي تعليم جي لاءِ پنهنجي سر ڀرپور ڪوششون ڪيون. هن 1890ع ۾ پردو ترڪ ڪيو ۽ عورتن جي لاءِ برابر حقن ۽ برابر موقعن جو آواز بلند ڪيو. هوءَ هڪ ذهين ۽ تعليم يافته عورت هئي پر اسان وٽ هتي اهو ثابت ڪيو ويندو آهي ته عطيه فيضي فقط هڪ حسين ۽ محفل پسند عورت هئي. شهرت جي خاطر هن ان وقت جي ٻن مشهور هستين علامه اقبال ۽ علامه شبلي نعماني کي پنهنجي طرف متوجه ڪيو، انهن سان رومانوي رشتو قائم ڪيو ۽ انهن کي خط پَٽَ لکيا. عطيه فيضي 1877ع ۾ استنبول ۾ پيدا ٿي. پيءُ وڏو مالدار تاجر ۽ سلطنت عثمانيه ۽ يمن ۾ هندستان جو سفير هئس. چيو وڃي ٿو ته هو 19 زبانون روانيءَ سان ڳالهائي سگهندو هو. ڇوڪرين جي ڇوڪرن وانگر پرورش ڪيائين، تڏهن ئي ته هن جي ٽنهي ڌيئرن زهره، نازلي ۽ عطيه اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ پردو ترڪ ڪيو. هن جي خاندان جون ڇوڪريون 1860ع کان انگلستان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون هيون. عطيه فيضي جي ناني هڪ پڙهيل لکيل عورت هئي. هن جي والده امير النساءَ بيگم هڪ ناول ”نادر بيان“ لکيو هو جيڪو پهرين عظيم جنگ شروع ٿيڻ کان ڪجهه مهينا اڳ شايع ٿيو. عطيه اها پهرين مسلمان ڇوڪري هئي جنهن کي سرڪاري وظيفو مليو ته هوءَ لنڊن وڃي تعليم حاصل ڪري. 1906ع ۾ انگلستان جو اهو ئي سفر هو جنهن جي ڊائري عطيه فيضي پابنديءَ سان لکي ۽ اهو لاهور مان ڇپجندڙ ماهوار ”تهذيب نسوان“ ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندو رهيو. عطيه فيضي جنهن کي علامه شبلي نعماني جي ڪري مشهور ٿيڻ جو الزام ڏنو ويندو آهي، ان جي باري ۾ اهو لکڻ جي توفيق ڪنهن کي نه ٿي ته اها عطيه ئي هئي جنهن بيگم ڀوپال کي سفارش ڪري شبلي جي مشهور زمانه ڪتاب ”سيرت النبي“ جي اشاعت جي لاءِ وڏي رقم جو انتظام ڪيو هو ۽ اها به عطيه ئي هئي جنهن کي علامه شبلي نعماني پنهنجي خطن ۾ ڪڏهن فارسي پڙهائڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ٿو، ڪڏهن پارسي ۽ هندو عورتن وانگر ليڪچر ڏيڻ تي اُڪسائي ٿو ۽ حد ته اها آهي جو موسيقي سان عطيه جي محبت ڏسي ڪري کيس منشي نول ڪشور جو ڇپيل ڪتاب ”قانون موسيقي“ موڪلي ڏيس ٿو. شبلي عطيه کان ويهه سال وڏو هو پر کيس تصوير 30 سالن واري موڪليندو هو، عطيه جي نالي هڪ خط ۾ شبلي لکي ٿو، ”منهنجي ڌيءَ تنهنجا خط پڙهي سخت حيرت زده ٿيندي آهي ته ان قابليت جون عورتون به ٿينديون آهن!؟ مون ان جو اهو ئي جواب ڏنو ته اهي عورتون وري ڪڏهن هونديون آهن.“ مطلب ته شبلي جيڪو هن سان علمي ۽ ادبي سطح تي خط ڪتابت ڪندو هو، اهو هن جي ذهانت ۽ قابليت جي ڪري هن کي عورت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. اقبال سان لنڊن ۾ عطيه جي پهرين ملاقات ائين ٿي جو هو اپريل 1907ع ۾ بيگم ۽ سيد علي بلگرامي جي طرفان هن کي ڪيمبرج اچڻ جي دعوت ڏيڻ آيو هو ۽ خاص طور هن سان ملڻ پئي چاهيائين. عطيه لکي ٿي، ”ان کان پهرين مون اقبال متعلق ڪجهه به نه ٻڌو هو.“ جڏهن ته ان ملاقات ۾ عطيه اقبال کي هي چوي ٿو ته، ”تون پنهنجي سفر نامي جي ڪري لنڊن ۽ هندستان ۾ وڏي مشهور ٿي چڪي آهين.“ ان کان بعد وارن ڪجهه خطن ۽ ملاقاتن ۾ هو کيس فارسي نظم موڪلي ان تي تنقيدي راءِ طلب ڪري ٿو ته ڪڏهن وري پنهنجو اردو ڪتاب پيش ڪرڻ چاهي ٿو. عطيه ۽ اقبال جا علمي بحث، ذاتي نوعيت جا خط، گهريلو زندگيءَ جي تلخين جو اقبال جي طرفان اظهار، خودڪشي تائين جي خواهش جو عطيه کي لکڻ. اِهي اُهي معاملا آهن جن سان عطيه جي نالي اقبال جا خط ڀريا پيا آهن. عطيه 1907ع ۾ يورپ مان واپس هندوستان آئي ته هن ننڍيءَ عمر ۾ ئي شادي ۽ عورتن جي تعليم جي حوالي سان زبردست مهم هلائي. ٻئي طرف هن جي دلچسپي هندستان جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ وڌندي وئي. 1913ع ۾ هن جي ڪتاب “The Music of India” جو پهريون ايڊيشن شايع ٿيو. 1925ع ۾ شايع ٿيندڙ ايڊيشن ۾ عطيه جي هڪ ناياب تصوير پنڊت ڀٽکنڊي سان گڏ آهي. ريگي نالڊميسي ۽ جميله ميسي پنهنجي ڪتاب “The Music of India” ۾ عطيه فيضي ۽ هن جي 1913ع واري ڪتاب جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته عطيه فيضي يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هندوستاني موسيقيءَ تي ليڪچر ڏنا. عطيه جي شخصيت جو هڪ نه پر ڪيئي رُخ آهن. ايڊونچر ۽ سفر هن جو سڀ کان وڏو شوق آهي. هن ٽي کنڊ گهميا ۽ چين، جاپان، فلپائن، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ امريڪا جو سفر ڪيو. هن جي اندر هڪ مُهم جُو، Adventurer جو رخ نه هجي ها ته ڪيئن ممڪن هيو ته هوءَ 2 ريڊ انڊينز جي رهنمائيءَ ۾ Grand canyons of America پهچي وڃي ها. هوءَ هڪ سال انگلستان ۾ رهي. هوءَ اسان کي عورتن جي ووٽ جي حق ۾ وڙهڻ واري سِک شهزادي صوفيا دليپ سنگهه سان ڊائيلاگ ڪندي ملي ٿي. هن جي حلقهءَ احباب ۾ هندو، مسلمان، ڪرسچن، پارسي، سک ۽ يهودي سڀ شامل آهن. هندوستان جي مسلمان عورت جي تعليم ۽ آزادي عطيه کي ايتري قدر ته عزيز هئي جو ان جو اندازو ان ڳالهه کان ڪيو جو 1926ع جي محمڊن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۾ جڏهن عورتن کي شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه ملي ته عطيه ۽ هن جي وڏي ڀيڻ زهره ٻي سال ممبئي کان دهلي ويون ۽ ڪانفرنس جي پنڊال ۾ پهتيون. عورتون پردي جي پٺيان هيون. عطيه پهرين ته پردي جي پويان تقرير ڪندي رهي پر پوءِ جڏهن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هوءَ پردو هٽائي اسٽيج تي آئي ۽ پنهنجي تاريخي تقرير ڪئي. هن پڇيو، ”ڇا علي ڳڙهه واقعي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن؟ علي ڳڙهه پنهنجي تنگ نظري ۽ هڪ طرفي پاليسي ختم ناهي ڪئي. ان ٻين کي به فريب ڏنو ۽ پاڻ کي به.“ پوءِ هن عورتن جي تعليم جي حق ۾ آواز بلند ڪيو. ان هنگامي کانپوءِ عورتن کي ان اجلاس ۾ پوري طرح شرڪت جي اجازت ملي. عطيه هندستان جي عورت جا خواب ڏسندي هئي، انهن ئي خوابن کي اکين ۾ وسائي هوءَ پاڪستان آئي ڇو ته بالابار هلز تي رهندڙ هن جي پاڙيسري محمد علي جناح جو اصرار هو ته هن کي پاڪستان اچي مسلمان عورت جي ترقي ۽ فنون لطيفه کي فروغ ڏيڻ گهرجي. پاڪستان اچڻ جي جيتري ڳري قيمت عطيه، هن جي مڙس، هن جي ڀيڻ هرهائينس نازلي جنجيره کي چڪائڻي پئي ان جو هنن تصور به نه پئي ڪيو. هوءَ پاڪستان پهتي ته 70 سالن جي ٿي چڪي هئي پر ذهني ۽ جسماني طور تواني ۽ تندرست هئي. هن کي ڪراچي ۾ هڪ گهر ڏنو ويو جنهن کي انهن دانشوراڻي ۽ فنون لطيفه جي سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو پر اهو سلسلو آخرڪار ختم ٿيو. هن کي، راحمين کي ۽ هرهائي نيس نازلي جنجيره کي سندن گهر کان اهو چئي ڪڍيو ويو ته هو ان تي ناجائز قبضو ڪيون ويٺيون آهن. هي ماڻهو پهرين هڪ سٺي هوٽل ۾ منتقل ٿيا. فرنيچر کپايو، زيور ۽ لباس به وڪڻڻو پيو. غربت هن اميرن تي پنهنجا پَرَ ڦهلايا. بيمارين گهر ڪري ڇڏيو. 1964ع ۾ فيضي راحمين رحلت ڪري ويو. ان کانپوءِ نوبت اها پهتي ته مولانا طاهر القادري پنهنجي رسالي ”فاران“ ۾ لکيو ته ”مون عطيه بيگم کي بمبئي جي هڪ پراڻي دوست کان پنجاهه روپيا گهُرندي ڏٺو ته اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. هو صاحب کيس خاموشيءَ سان 100 روپيا نذر ڪري اٿي ويو.“ اهي هٿ جن 20ع جي ڏهاڪي ۾ علامه شبلي نعمانيءَ کي هزارين روپيا ڏياريا هئا، اهي هٿ 60ع جي ڏهاڪي ۾ 50 روپيا گهرڻ لاءِ ڪيئن اڳتي وڌيا. ان جي باري ۾ ڪجهه به چوڻ هاڻي بيڪار آهي. تنهائي ۽ تلخيءَ جو زهر هن جي بدن ۾ سرايت ڪندو ويو. آخري ڏينهن هن کي اهڙي هوٽل ۾ گذارڻا پيا، جو ڪجهه ماڻهن جي چوڻ مطابق اتي ڪال گرلز جو اچڻ وڃڻ لڳو رهندو هو. 90 سالن جي عطيه 1967ع جي ڪراچي ۾ اکيون بند ڪري وئي ۽ ٻن سالن کانپوءِ سندس ڀيڻ به هلي پئي. فيضي خاندان جي ڪهاڻي ختم ٿي وئي. ها ڇوڪري جيڪا ويهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ عورتن جي آزاديءَ جي تحريڪ جو خوبصورت ستارو هئي، اُها ٻڏي وئي.[/JUSTIFY] zahedahina@hotmail.com روزانه عبرت جي ٿورن سان