• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي نظامِ جمهوريت

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
هي نظامِ جمهوريت​




نه، مال، نه جان، نه عزت، نه غيرت
شهر ۾ڪاهي پئي آ ڪهڙي وحشت

گولين جي گونج کان لڪندو وتي ٿو
روزيءَ لاءِ هو جو پوڙهو آهي پورهيت

نڪرڻ کان پوءِ موٽڻ جي آس ناهي
موت کان مٿانهين آهي ڪا ضرورت

غنڊن ۽ گولاڙن جو هي راڄ سڄو آهي
دنيا هن ظلم کي چوي ٿي جمهوريت

ڌڪ به هڻن ٿا، دانهون به ڪن ٿا
ماڻهن کي چون، اسان جي مظلوميت

پٿر کي به ناهي پير سان ڪرڻو پري
سالڪن جو سبق اهو ، آهي هي انسانيت

هر ڀوتار اسان جو قاتل آهي قاتل آهي
تباھ ٿي وئي آ جو ملڪي معشيت

بيضمير جي موت، مفتي به چون، شهادت
”ڏاڏل” ٻي به اڃان ڪا ٿيئڻي آهي قيامت​
 
جواب: هي نظامِ جمهوريت

هي نظامِ جمهوريت​




نه، مال، نه جان، نه عزت، نه غيرت
شهر ۾ڪاهي پئي آ ڪهڙي وحشت

گولينجي گونج کان لڪندو وتي ٿو
روزيءَلاءِ هو جو پوڙهو آهي پورهيت

نڪرڻ کان پوءِ موٽڻ جي آس ناهي
موت کان مٿانهين آهي ڪا ضرورت

غنڊن ۽ گولاڙن جو هي راڄ سڄو آهي
دنيا وري هن ظلم کي چوي ٿي جمهوريت

ڌڪ به هڻن ٿا، وري دانهون به ڪن ٿا
ماڻهن کي چون، هاء، اسان جي مظلوميت

پٿر کي به ناهي پير سان پري ڪرڻو
سالڪن جو اهو سبق، آهي اها انسانيت

هر ڀوتار اسان جو قاتل آهي قاتل آهي
تباھ ٿي وئي آهي جو ملڪي معشيت

بيضمير جي موت، مفتي به چون، شهادت
”ڏاڏل” ٻي به اڃان ڪا ٿيئڻي آهي قيامت​

ادا ڪافي ونڊون اوهان جون شائري ۾ آهن ۽ يقينن اوهان جي شائري ۾ دم به آهي۔ اوهان کان گذارش ڪجي ٿي ته شآعري ڪئين سکيا ورتي ۽ ڪئين اوهان کي شوق ٿيوسو ٻڌائيندا۔ ڇو ته يار اسان کي به ڪڏنهن ڪڏنهن شوق ڄاڳندو آهي پر رهنمائي نه هجڻ ڪري شوق اڌ ۾‌ئي دم ٽوڙي ويندو آهي۔
 
جواب: هي نظامِ جمهوريت

سائين چوهاڻ ساحب هي شاعري نه پر اسان جي معاشري جون آپ بيتيون آهن مون ڪنهن کان شاعري جي سکيا ته ناهي ورتي پر علامه اقبال کي ٿورو پڙهيو آهي ۽ شايد ان جوئي ڪو اثر هجي
اوهان جي پسند جي مهر باني وسلام
 
Back
Top