خـــــواب نـــــگـــــر تون ياد وري آئين محمود مغل [JUSTIFY] گذريل ٻن ڏينهن اندر، سنڌي موسيقيءَ جي ڪمپوزيشن کي ٻه ڪاپاري ڌڪ لڳا آهن، پهرين جنوريءَ تي عاربي گهراڻي جي امانت گل جي وجود جي امانت زمين ۾ لهي ويئي. ۽ ٻين جنوري 2011ع تي، گواليار گهراڻي جي، استاد ظفر علي خان، جهان ڇڏيو. انا ل للهِ وانا اليه راجعون آچر، 19 ڊسمبر 2010ع تي، پرک جي رڪارڊنگ هئي. ان ڏينهن اسان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي عرس جي نسبت سان، خاص رڪارڊنگ پئي ڪئي ۽ اسان جو هڪڙو سر موڙ راڳي، انتظار ڪرائڻ باوجود رڪارڊنگ تي ڪونه پهتو هو. مهمان ڪافي هئا ۽ انتظار عجيب...بهر حال رڪارڊنگ جي خاتمي مهل، محترم پروڊيوسر اقبال سعيد انصاريءَ هميشه جيان، پنهنجو اهم ڪارڊ ڪتب آندو...سائينءَ جو ڪلام ضروري هو ۽ مرڪندڙ مهڪندڙ، اسانجي پروگرام جو ڪمپوزر، استاد ظفر علي خان، بس رڳو وارن ۾ ڦڻي ڏئي، هلڪي پفنگ ڪرائي اسٽيج تي اچي ويو......آواز جو ڪمال ته کيس نصيب ٿيل ئي هو، هن کن پل ۾”پرچن شال پنهوار“ ڪافي رڪارڊ ڪرائي....اڏامندڙ گهڙين ۾ اهو سڀ آخري ڀيرو سامهون ٿي رهيو هو، اها ڪا سمڪ نه هئي. رڪارڊنگ کانپوءِ، اهو ئي ڪاريڊور ۾ هم قدم هلندي، منهنجو شڪوو هو ته اوهان انٽرويوءَ لاءِ وقت جي عنايت نٿا ڪيو، اها ئي سندس مرڪندڙ، عذر جي مهڪ هئي ته NAPA ۾ ڪلاسيڪل هنر جا ڪلاس پيو وٺان، واندو ٿيان ته ضرور ايندس....هڪ وڏي گائيڪ جو وڏو ڪمپوزر پٽ هيو....وقت جي کوٽ ته وٽس ٿيڻي ئي هئي....پر سندس حياتي، ائين اوچتو کُٽي ويندي، اهو ڪڏهن ڪنهن به ڪونه سوچيو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان جيڪو پهريون ڪلاسيڪل پروگرام نشر ٿيو هو، تنهن ۾ اهم ترين جاءِ گواليار گهراڻي جي استاد قدرت الله خان کي نصيب ٿي هئي، جيڪو خان صاحب مبارڪ علي خان جو فرزند هو. 1911ع ۾ استاد قدرت الله خان ڄائو هو، جنهن 1921ع ۾ شڪارپور مان لڏي، ڪراچيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي ۽ اتي علمِ موسيقيءَ جي ونڊ ورڇ ۾ مشغُل ٿي ويو هو. کين اولاد جي صورت ۾ قدرت چار پٽ ۽ چار نياڻيون عنايت ڪيا. پهريون ظفر علي، جنهن علمِ موسيقيءَ ۾ پنهنجي والد جي پر ورتي، ٻيون محمد علي، جيڪو ڊاڪٽر ٿيو، ٽيون محمود علي جيڪو راڳي بڻيو. ۽ چوٿون نوشاد علي، جيڪو ويلڊنگ جو ڪم ڪندو هو. ظفر عليءَ جو ڄم، پهرين مارچ 1946ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. پاڻ ڇاڪاڻ ته پهريون اولاد هئو، ان ڪري سندس وڏو لاڏ کنيو ويو. شروعاتي سالن ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس جهونا مارڪيٽ ۾ ”کتري محله اسڪول“ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن چوٿين جماعت تائين تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ کارادر جي ”اوکائي ميمڻ اسڪول“ ۾ پڙهندي هن 1963ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي....جنهن کانپوءِ، ”سنڌ مسلم ڪاليج“ مان 1968ع ۾ بي اي پاس ڪري گرئيجوئيٽ بڻيو. فنِ موسيقيءَ جي پڙ ۾، هن پنهنجي ڏاڏي خان صاحب مبارڪ علي خان جو هٿ جهلي ورتو ۽ شروعاتي سبق کائنس ورتا. سفر طئي ڪندي هن پنهنجي والد، استاد قدرت الله خان کان به فيض پرايو ۽ آهستي آهستي هن سان گڏ محفلن ۾ حاضري ڏيڻ شروع ڪئي. 1965ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي اسٽيشن ڊائريڪٽر، ظفر حسين، پروگرام آرگنائيزر جميل زبيريءَ معرفت کيس ٻڌو. ظفر عليءَ ان موقعي لاءِ فيض احمد فيض جي سٽن جي چونڊ ڪئي هئي” يادِ غزال چشمه، ذڪر سُمن عذارا....“ ڪمپوزيشن عنايت شاهه صاحب جي هئي ۽ انهيءَ ظفر عليءَ جي آواز کي جهانِ شهرت ۾ باقائدي عنايتن سان نوازڻ شروع ڪيو. انهيءَ زماني ۾ ئي، هڪ راڳي بڻجڻ کان پوءِ، ظفر عليءَ کي اهو شوق ٿيو ته هو هڪ موسيقار بڻجي. تنهن زماني ۾ هو گرئيجوئيشن جي آخري مرحلي ۾ هو، جڏهن کيس موسيقار بڻجڻ جي آڇ ملي.استاد قدرت الله خان، مزاج جو ڏاڍو سخت هيو. ظفر عليءَ کي اها قطعي اجازت ڪا نه هئي ته هو ڪو تعليم کان سواءِ ڪنهن ٻئي طرف اضافي ڌيان ڏئي. دل جي هٿان مجبور ٿي ظفر عليءَ فلم ”لڄ رک“ جي موسيقي ڏئي ڇڏي. اها ٻي ڳالهه هئي جو فلم جي اسڪرول ۽ رڪارڊن تي سندس نالو ”ظفر علي قريشي“ ڇپيو. فلمي دنيا ۾، هن جيڪو پهريون گيت ڪمپوز ڪيو هو، تنهن لاءِ هن آوازن جي چونڊ ڪئي هئي نشي ۽ اقبال عليءَ جي ۽ ٻول هئا موسا ڪليم جا ”ساهه ۾ تون، اکڙين ۾ تون ۽ دل ۾ تون ئي رهين ٿو“ انهيءَ فلم جي هڪ ٻي ڪمپوزيشن نگهت سيما ۽ تاج ملتانيءَ جي آوازن ۾، ان دور ۾ هر چپ تي شاهه سائينءَ جو ڪلام هيو ”منهنجو لالڻ آيو پيهي.... ويڙا سور سڀيئي...“ ”لڄ رک“ کانپوءِ ته وٽس ڄڻ فلمي دنيا جي قطار لڳي وئي، پر هن پنهنجي ڪم جي چونڊ تمام سليقي سان ڪئي. پروڊيوسر فرزند علي قلفي والا جي فلم ”ڌرتي دل وارن جي“ جنهن کي غلام حيدر صديقي صاحب جي هدايتڪاري نصيب ٿي هئي، ظفر عليءَ جي فن کي وڌيڪ نکاري ڇڏيو. تنهن کان سواءِ. محمود لاسيءَ جي فلمن ”دوستن جو پيار“ ۽ ”پيار ڪي جيت“ لاءِ به هن موسيقي ترتيب ڏني. مشهور پيشڪار، رابرٽ ملڪ جي فلم ”بواءِ فرينڊ“ (جنهن جو نالو پوءِ ”ڇيل ڇبيلا“ رکيو ويو هو)، جي ظفر عليءَ موسيقي ته ترتيب ڏني پر اها فلم ڪڏهن به رليز نه ٿي سگهي. پشتو فلم ”شيرين فرهاد“ به استاد ظفر عليءَ جي ڪريڊٽ تي ئي آهي....تنهن کانسواءِ هزارين گيتن، غزلن، ڪافين، دورِ جديد جي انگن، سنڌي، اردو، ۽ بلوچيءَ ۾ سوين ڪيسٽن ۾، ظفر عليءَ جي ڪمالِ فن کي منتقل ڪيو آهي. استادَ، سڄي عمر ڪا نوڪري نه ڪئي، هن صرف موسيقيءَ سان نباهه ڪيو، حياتيءَ ۾ صرف هڪ ڀيرو هو ملڪ کان ٻاهر ويو هو ۽ بمبئي ۾ پرفارم ڪيو هئائين. کيس ٻه ڀيرا پي ٽي وي ايوارڊ ملي چڪو هو...1971ع ۾ سندس شادي ٿي هئي، ۽ سادي سودي ظفر عليءَ کي گلاب جي خوشبوءِ، اڇو رنگ، سادو کاڌو، وچٿرو موسم ۽ ڪراچيءَ جو شهر بيحد پسند هئا. هڪڙي نياڻي حنا ۽ ٽن پٽن منور علي، ڪاشف علي ۽ رجب عليءَ جي والد، هن گُڻي وجود کي رجب عليءَ ۾ پنهنجو عڪس نظر ايندو هو. ظفر عليءَ جي ڪمپوزيشن ۾ عجيب ڪشش هوندي هئي. توهان، سندس ڪيل پورهئي جو توازن ڏسندئو ته حيرت ٿئي ٿي. هن سائل آزاد جي نعت ”تمنا آهي مدت کان اها سائل جي سيني ۾“ پاڻ ڪمپوز ڪري ڳائي....نذر حسين جي موسيقي ۾ صهبا اختر جو قومي گيت ”يا رب ميري وطن کا پرچم بلند رکنا“ هن بهترين ڳايو. مٿان وري جوڳ ڪانڙا ۾، امداد حسينيءَ جون سٽون ڪمپوز ڪري رڪارڊ ڪرايائين ”تنهنجا سپنا، ننڊ اچي ته ڏسان.....“ فلم ”دوستن جو پيار“ ۾ رونا ليلا جو ڳايل ”پيار ڪيو سينگار الا“....مهناز جي آواز ۾ ”چاندي بدن منهنجو“، خديجه زليخا جي آوازن ۾ ”مان ڏاڍي خوش ٿي“ جي بلوچي طرز، ”سوڍا پٽ سنڌ جا“ ۾ محمد يوسف ۽ ساٿين جي آوازن ۾، مشتاق جسڪاڻيءَ جي شاعري ”پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري“ ، ۽ رونا ليلا جي آواز ۾ ”رت مستاني منهنجا جاني ٿي ستائي“ ته پبلڪ کي عجيب موهه ۾ جڪڙي ڇڏيو....رونا ليلا جو ڳايل ”جيت منهنجي ٿيندي ۽ تنهنجي ٿيندي هار ڙي“ ۽ سڀ کان وڌيڪ ته مهجبين قزلباش جي آواز ۾، شمشير الحيدريءَ جون سٽون ”تون ياد وري آئين“ ڄڻ سندس روح ۾ رچيل هيون. پرک جي بيڪ ڊراپ ۾، هو سازيندڙن جي هجوم ۾ ويهي، ڇيڙ خاني ڪندي اوچتو ”تون ياد وري آئين“ جي ڌن وڄرائي ڇڏيندو هو. اسٽيج تان مان ڏانهس نهاريندو هئس ته اها ئي شرارتي مرڪ، پان کائيندڙ چپن کي جڪڙي وٺندي هئي. پرور دگار، ان مرڪندڙ، مهڪندڙ، اسانجي استاد ظفر عليءَ تي ڪرم جي عنايت جو عرض آهي...تون بخشڻهار آهين. توکانسواءِ ڪير بخشي سگهي ٿو.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش جي ٿورن سان استاد ظفر علي خان جي موسيقي ، مهجبين قزلباش جو آواز ۽ شمشيرالحيدري جي شاعريhttp://www.youtube.com/watch?v=AY7hMVsgDB0
جواب: تون ياد وري آئين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ استاد ظفر علي خان ادا تمام بهترين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=J-Iol72m6c0
جواب: تون ياد وري آئين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ استاد ظفر علي خان ادا علي اوهان جي مهرباني جو اوهان مضمون سان هي ڪلام لڳائي ان کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا