• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
543441_10200111140399485_1065083670_n.jpg


شهيد ڀٽو: جرئت، ثابت قدمي ۽ اتساهه جي علامت

تحرير : مرتضى سيال

ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي جرئت ۽ جدوجهد سبب تاريخ جا اهڙا ڪردار بڻجي ويندا آهن جن کي صدين تائين به وساري ناهي سگهبو، اهي اُتساهه ۽ حوصلي جي علامت بڻجي ماڻهن جي دلين سان گڏ ڌڙڪندا رهندا آهن. ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر کي شايد اها خبر ئي نه هئي ته زنده ڀٽو جي ڀيٽ ۾ شهيد ڀٽو وڌيڪ سگهارو ثابت ٿيندو جيڪڏهن کيس اها خبر هُجي ها ته شايد هو ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪري ها. هُو ڪانئر هئو تنهنڪري ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگي ۾ کيس پنهنجو موت نظر اچي رهيو هُئو. هو اهڙي ئي موت جو شڪار ٿيو جنهن جو هو حقدار هُئو پر هن پاڪستاني عوام جي محبوب ترين اڳواڻ کي جنهن نموني تخته دار تائين پهچائڻ لاءِ ڪوڙ، فريب، مڪاري ۽ سفاڪيءَ جو مظاهرو ڪيو اُن کيس هميشہ لاءِ ڌڪار، نفرت ۽ حقارت جي علامت بڻائي ڇڏيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مٽيءَ ماءُ ۾ مدفون هئڻ جي باوجود زنده آهي ۽ تاريخ توڙي عوام جي دلين ۾ هميشہ زنده رهندو.

ذوالفقار علي ڀٽو هاڻي هڪ فرد جو نالو ناهي، اهو اهڙي للڪار بڻجي ويو آهي جنهن سان آمريت جا طاقت لڏڻ لڳندا آهن. ويجهي ماضيءَ ۾ رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جڏهن موجوده وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلانيءَ کي حلف کڻائي رهيو هئو ته ايوان صدر ”جيئي ڀٽو“ جي نعري سان گونجي اُٿيو. ان موقعي تي مشرف جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. جنرل ضياءَ کان جنرل مشرف تائين ڪوبه آمر ”جيئي ڀٽو“ واري نعري کي ختم ڪري نه سگهيو. ڀٽي خاندان سان محبت ڪندڙ ماڻهو جڏهن ”جيئي ڀٽو“ جو نعرو هڻندا آهن تڏهن ائين لڳندو آهي ڄڻ اهو سندن دل مان نڪتل آواز آهي، جنهن سان کين اڻ مئي توانائي حاصل ٿئي ٿي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي شهادت قبول ڪري هڪ پاسي ثابت قدمي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو ته ٻئي پاسي اصولن واري سياست ڪندڙن توڙي ايندڙ نسلن لاءِ اهو پيغام ڏنو ته تاريخ جي ورقن ۽ ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهي سگهجي ٿو. عشق ۽ عبادت ۾ جيڪو ڪجهه ڪبو آهي اُن جو نه رڳو انداز مختلف هوندو آهي پر اُن جا نتيجا به حيرتناڪ هوندا آهن. ذوالفقار علي ڀٽي به سياست کي عبادت سمجهي عوام سان عشق جا اصول نڀايا. هُن جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو هو جو هُن سياست کي وڏن ماڻهن جي ڊرائنگ رومن مان ڪڍي عام ماڻهوءَ جي چائنٺ تائين پهچايو، ڀٽي صاحب کان اڳ ڪوبه پير، مير يا وڏيرو ووٽ وٺڻ لاءِ عوام وٽ نه ويندو هئو پر شهيد ڀُٽي اهڙي شعور جو ٻج ڇٽيو جو عام ماڻهو به ووٽ جي اهميت ۽ سياست جي رمز کي سمجهڻ لڳو. اليڪشن جي ورڪ تي نڪتل هڪ رئيس جڏهن هڪ هاري کي چيو هو ته ”آخر ڀٽي صاحب اوهان کي ڇا ڏنو آهي جو اُن کي ئي ووٽ ڏيڻ لاءِ بضد آهين؟“ مسڪين هاري جواب ۾ چيو هئو ”سائين ڀٽي صاحب اهو ڏنو آهي جو اڄ اوهان ووٽ لاءِ اسان وٽ هلي آيا آهيو“ ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي عوامي انداز سان سموري سياسي ڪلچر کي بدلائي ڇڏيو. هُن اهڙا سياسي اصول ڏنا جن سان رڳو جمهوريت ئي نه پر ملڪ کي به مضبوط ۽ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. نظرياتي ۽ سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر شهيد ڀٽي جي قائدانه صلاحيتن کان سندس سياسي مخالف به انڪار نه ٿا ڪري سگهن. سياسي بحثن ۾ ڪجهه دوست اڪثر ڪري ڀٽي صاحب جي دؤر حڪومت جي ڪجهه غلط حڪمت عملين ۽ غلطين جو حوالو ڏيندا آهن. سياست ئي نه پر هر عملي ڪم ۾ کوڙ ساريون غلطيون ٿينديون آهن، غلطين کان انڪار به نه ٿو ڪري سگهجي پر اصل ڳالهه ماڻهوءَ جي دانائي، عمل ۽ جدوجهد کي وسيع پس منظر ۾ ڏسڻ جي آهي. کوڙ معاملا وقت جي مخصوص فريم ۾ صحيح ۽ مثبت لڳندا آهن، پر ڪجهه وقت کانپوءِ اهي غلط ثابت ٿيندا آهن. شهيد ڀٽي جي سياست ۽ جدوجهد جو محور عام ماڻهو هُئو. هُن عام ماڻهوءَ جي مک تي مرڪ آڻڻ لاءِ عوام مخالف قوتن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ زندگيءَ جي آخري پل تائين ثابت قدم رهيو. اصولن جي سياست ۽ ثابت قدمي جو ئي نتيجو آهي جو ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به زنده آهي. شهادت کانپوءِ عوام ساڻس وڌيڪ محبت ڪري ٿو. شهيد ڀٽو انهن ماڻهن جو به محبوب اڳواڻ آهي، جن هُن کي ڪڏهن ڏٺو به نه هُئو. هن ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين ۾ اها خوشنصيبي صرف پيپلز پارٽي جي حصي ۾ ئي آئي آهي جو ان جو اڳواڻ اهڙو شخص هُئو، جنهن جو نظريو سندس شهادت کانپوءِ به پارٽي لاءِ مشعل راهه آهي. پيپلز پارٽي کي ڪوبه آمر ختم نه ڪري سگهيو، اُن جو اڪيلو سبب ماڻهن جي شهيد ڀٽو سان بي لوث محبت آهي.

اها اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان جي قومي هيرن کي قوم کان پري ڪرڻ لاءِ وقت جا رهزن پنهنجون مڪروهه سازشون ڪندا رهندا رهيا آهن. اڄ شهيد ڀٽو زنده هجي ته پاڪستان يقينن ڏاڍو مختلف هُجي ها. هُن شخص جي ڏاهپ حيران ڪندڙ هئي، پاڪستان اسٽيل مل سميت انڊسٽريز جو ڄار وڇائڻ، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ، مواصلات جي نظام کي بهتر بنائڻ، زراعت جي شعبي ۾ انقلاب آڻڻ ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا ڪم سندس ڏاهپ جا پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهن. سندس پهرين ترجيح ۽ پاليسي بي پهچ ماڻهن کي سگهارو بنائڻ هُئي. هُن ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي“ جهڙي مثبت سوچ ڏئي نه رڳو مسڪين ماڻهن جا حوصلا بُلند ڪيا پر اسٽيبلشمينٽ کي به خبردار ڪيو ته عوام کي سندن حق نه مليا ته ملڪ اڳتي وڌي نه سگهندو. اسٽيبلشمينٽ شهيد ڀٽو کان خائف هئي ته اُن جو واحد سبب به اهوئي هئو جو ڀٽو عوام کي يڪجا ۽ سگهارو بنائڻ پيو چاهي جڏهن ته هو عوام کي محڪوم ۽ غلام رکڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت محسوس ڪندا رهيا آهن.

هن ملڪ ۾ ٻيا به لاتعداد سياستدان اقتدار جي ايوانن تائين پهتا پر اڄ اهي ڪنهن کي ياد به ناهن پر شهيد ڀٽي جي ڳالهه نرالي ۽ مختلف آهي، عوام جي عشق کيس مختلف ئي نه پر هڪ جرئتمند سياستدان بڻائي ڇڏيو. پنهنجي مؤقف کي اهميت نه ملڻ تي سلامتي ڪائونسل ۾ ويهڻ کي وقت جو زيان سمجهندي ايجنڊا ڦاڙي واڪ آئون ڪري اچڻ شهيد ڀٽي جي ئي جرئت هُئي شايد ٻيو ڪو سياسي اڳواڻ ائين سوچي به نه سگهي. هو ڳالهائڻ کان عمل تائين ڪنهن مصلحت جو شڪار نه بڻيو، بي ساختگي ۽ بي ڊپائي سندس شخصيت جا نمايان پاسا هئا.

هن وقت پاڪستان ۾ شهيد ڀٽو جي پارٽي اقتدار ۾ آهي، کيس ڀرپور عوامي حمايت به حاصل آهي. اها به حقيقت آهي ته ملڪ جي ٻي ڪنهن به پارٽي جون ايتريون قربانيون ناهن جيتريون پيپلز پارٽي جون آهن. پارٽي جي چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سندس ٻن پٽن شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس عظيم نياڻي بينظير ڀٽو جون عظيم قربانيون وڏو مثال آهن. ايترين قربانين ۽ بدترين آمريتن ڏسڻ کانپوءِ جمهوريت موجود آهي اُن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ شهيد ڀٽي جي نظريي تي بنان ڪنهن مصلحت جي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. شهيد ڀٽو جي محبوب عوام کي اهي سڀئي حق ملڻ ضروري آهن، جن جا اهي حقدار آهن. اهوئي واحد رستو آهي جنهن سان نه رڳو شهيد ڀٽي جي مشن کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو پر جمهوريت ۽ عوام کي به مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي“ واري نظريي تحت پيپلز پارٽي حڪومت جي پهرين ۽ آخري ترجيح عوام ئي هئڻ گهرجي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي جدوجهد ۽ عظيم قرباني کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي محڪوم ۽ مجبور عوام کي اهو سڀڪجهه ڏيڻو پوندو، جنهن جو سپنو شهيد ڀٽي ڏٺو هُئو۔

روزانه عبرت جي ٿورن سان






 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
جواب: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا

رب العالمين سنڌ جي ڏاهي سياستدان جناب ذوالفقار ڀٽي صاحب جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت ۾ جايون ڏي ... آمين
سنڌ مردم خيز زمين سڏرائيندي آهي ۽ تمام سهڻا ۽ ڏاها انسان پئدا ڪيا آهن پر افسوس اڄ به مارئي ڪوٽن ۾ ۽ اڄ به مارون ڏکن ۾ آهن

وري ورندو واءُ وري وسندا مينهن
اميدن تي جهان قائم آهي
 
جواب: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا

رب العالمين سنڌ جي ڏاهي سياستدان جناب ذوالفقار ڀٽي صاحب جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت ۾ جايون ڏي ... آمين
سنڌ مردم خيز زمين سڏرائيندي آهي ۽ تمام سهڻا ۽ ڏاها انسان پئدا ڪيا آهن پر افسوس اڄ به مارئي ڪوٽن ۾ ۽ اڄ به مارون ڏکن ۾ آهن

وري ورندو واءُ وري وسندا مينهن
اميدن تي جهان قائم آهي

سائين نثار مهرباني

ڀٽو صاحب هڪ مدبر ، ڏاهو ۽ سندس شخصيت ۾ عجيب ڪشش ۽ سحر هو۔ هو ماڻهن جي نبض تي هٿ رکي ڳالهائيندو هو۔ اها الڳ ڳاله آهي ته هو به هڪ انسان هو ، هن کان به غلطيون ٿيون۔
 
الله پاڪ سنڌ ڌرتي جي عظيم شهيد ۽ ڏاهي سياستدان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت ۾ جايون ڏئي، ڀٽي صاحب جون سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون نه وسرڻ جهڙيون آهن۔
 
عظيم اڳواڻ ، قائد عوام
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

jbq56bA9DLmkyG.jpg


jpkXfDr51FApy.jpg
 
مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا،مون سوريءَ تي سومان ڏٺا،
اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها، جي پنهنجا ڪنڌ ڪپائي ويا.

شيخ اياز


MomZxTO.jpg

 
Back
Top