• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

احساس

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجوشهر به پرايو لڳندو آهي ،عزت توڙي مال جتي محفوظ نه هجي ۽ جنهن قوم جي تاريخ ۾ قوم جي جوڌن سامن کي سانڍيندي پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪري ڇڏيو اڄ تنهن قوم جي شهر ڪراچي ۾ الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن اٻاڻڪائي محسوس ٿيندي آهي پر وري اها اميد بار بار جنم وٺندي آهي ته ظلم جو نيٺ ته لهندو سج اهي احساس ايترا ته ٻوڏ دؤران تنگ ڪنداها جو مرڻ کي زندگي تي ترجيح لڳندي هئي ۽ هي ان وقت جا جذبات هيا۔
سن_ اسان جي​

هي ڪراچي سنڌين جي جائداد آ
هتي کليل ٻوڏ ستايلن لاءِ امداد آ

افغاني، بنگالي مهاجر، بلوچ ۽ پٺاڻ
ڪالھ جا گزري سا توهان کي ياد آ؟

اسان ته غيرن کي به ڏنيون دل۾ جايون
سنڌين جي لاءِ وڙهڻ اسان جو جهاد آ

اسين مٺڙا ماڻهو محبت جا محتاج
اسان جي من ۾ نه ڪو فساد آ

اسين هن ڌرتيءَ جا وارث آهيون
قبضن جو لزام اسان تي بي بنياد آ

ڏاڏل هي اسان جو اعلان آهي ٻڌو
جو اسان کي غير چوي ان سان جهاد آ
 
Back
Top