• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دادو کان ڪراچي جو سفر

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
جڏهن سنڌو سڪو ٿي گلن جي ڀيٽا توڙي دعاؤن گهريون ويون ۽ پوءِ جڏهن سنڌوءَ جون چوليون هر پاسي کي چهڻ لگيون تڏهن مون به هڪڙو سفر پنهنجي محسن، دوست، عزيز جنهن سان رشتي جي حقيقت بيان ڪرڻ لاءِ هر رشتو ننڍو ٿو لڳي ادا غلام اصغر شينوسان ملاقات لا دادو ويس اسان دادو مورو پل توڙ ي بندن جا اوريان ۽ پريان ڪنارا گڏجي گهمندا رهيا سين ۽ جڏهن وري تنهائي ۾ ڪراچي جو سفر ڪيو ته سيوهڻ کان اڳتي دادلي دريا جا منظر ڏسي ذهن تي هي الفاظ اُڪري آيا جيڪي اڄ سنڌ سلامت تان اوهان دوستن سان ونڊيان ٿو۔

شل سدائين آباد هجين

اڄ بر ٿر سڀ لڳن ٿا بحر

ڪالھ رنا سين سڪي ويا جر

وري ورندي ساوڪ ۽ سرهاڻ

هرڪوچئي اجهو لٿو ڏڪر ڏمر


ماڻهو مال گل وڻ ٻوٽا ٻهڪن ٿا

وري اٿلي پيون ڪينجهر ۽ منڇر


هر جاندارجي جان ۾ وري جان آئي

کلندي خوش ڏٺا سون پَٽَ ۽ پٿر


هيرون هواؤن گهن گهور گهٽاؤن

مارون موٽندا وسندا وري ڇانَوَ ڇپر


سڀ سجدا آهن تو صاحب، صاحبي کي

”ڏاڏل“ خدا نه ڪري ڏيهه ڏسي ڏڪر

”​
 
Back
Top