حسام ميمڻ
سينيئر رڪن
سنڌي شاعرن جي چونڊ شاعريءَ جو سنڌيءَ کان انگريزي ۾ ترجمو
مون ڪوشش ڪئي ته سنڌ جي ڪجهه چونڊ شاعرن کي سنڌيءَ کان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجي، پوءِ اڪثر صبح جو ميٽرو ڪوچ ۾ سفر دوران موبائيل تي جنهن به شاعر جي شاعري ياد ايندي هئي مان ان کي سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو هوس ۽ دوستن سان ميسج معرفت شيئر ڪندو هوس، اها ٻه اڍائي سال اڳ جي ڳالهه آهي، کوڙ سارن شاعرن کي ترجمو ڪيو. سمورن دوستن ان حوالي سان سٺي موٽ ڏني ، پر افسوس اهو آهي ته مون وٽ موبائيل ۾ ايتري ميموري نه هئڻ ڪري ڪافي شيون محفوظ ٿي نه سگهيون، جيڪي ٿوريون گهڻيون شيون مون وٽ محفوظ آهي، دل چيو اڄ دوستن سان شيئر ڪجن.. هڪ ڳالهه ڪيان ته اها هڪ ڪوشش آهي، مان ڪو وڏو انگريزي دان نه آهيان، منهنجي مادري ٻولي سنڌي آهي ۽ مونکي ان سان پيار آهي، پر اسان جا بهترين شاعر بهترين خيالن سان دنيا ۾ متعارف ٿيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچاري ٿئي ته هيءَ قوم ڇا پئي سوچي ۽ ڪهڙا خيال آهن ، اميد ڪريان ٿو ته جيڪي دوست انگريزي ڄاڻن ٿا ۽ هو سمجهن ٿا ته سنڌي کان انگريزي ۽ انگريزيءَ کان سنڌي ۾ ٻوليءَ جي سحر کي تبديل ڪري سگهن ٿا ته انهن دوستن کي ان حوالي سان ڪجهه وقت ڪڍي ڪم ڪرڻ گهرجي ! باقي منهنجو کوڙ ساريون شيون هيڏي هوڏي ٿي ويون آهن، جي ملي ويون ته ڀاڳ چئبا!
حسام ميمڻ
28 جون 2009
چنڊ مَ چيڙاءِ ميان! ڪري مُنهن ڀيلو،
تون پڻ اڪيلو، آهين تارن وچ ۾.
(آسي زميني ــ ڪتاب ”مڃتا جي رڃ ۾“)
Neither make face, nor tease me O moon!
You are also an unaccompanied one, among stars
تون ڇا رستو روڪيندين ؟ اڙي او نادان!
جيسين آهي جهان ، سنڌو وهندو سنڌ ۾!
(آسي زميني ــ ڪتاب ”مڃتا جي رڃ ۾“)
How you seize it to flow O imbecile!
Sindhu would flow in its full swim till
The world is perished
رُسي جنهن دم آنءُ ، وڃڻ لڳندو آهيان،
چاهيندو آهيان ، سڏين ۽ موٽي اچان!
(آسي زميني ــ ڪتاب ”مڃتا جي رڃ ۾“)
Being displeased, when ramble I,
May you call me, thus wish I!
ڪَپرَ ڪُن نه ڪوءِ ، واريِ وسي وچ ۾،
سُڪا ٻيئي چپڙا ، اکين آب نه هوءِ،
ڪنهن جي اڳيان روءِ، سنڌو ساٿ نه سنڀري.
(آسي زميني ــ ڪتاب ”مڃتا جي رڃ ۾“)
No whirlpool near the bank, the sand exists amidst,
Dried are the both sides, and not even a drop into the eyes!
Before whom these two shed tears, the Indus River has been seized to flow.
ٻيلي ! پَسيِ ٻاٽَ متان مُنجهو دوستو!
اوجهڙ منجهان واٽ، جيڏا! جوڙيندا هلو!
(آسي زميني ــ ڪتاب ”مڃتا جي رڃ ۾“)
Seize not your struggle to see the darkness O friends!
Pave the way, go through it ceaselessly
ڀنل مِٽيءَ جو هُڳاءُ ، تو لاءِ آندو مون،
آڇين پيو تون ، مونکي بوءِ بارود جي.
(آسي زميني ــ ڪتاب ”مڃتا جي رڃ ۾“)
Brought I moistened soil’s scent, and offer you I
The smell of gun powder
”ٿري ڪانءُ“
مونکي يقين آهي
تو ڪڏهن
ٿري ڪانگ کي
ڪاڇي ۾ اُڏامندي
نه ڏٺو هوندو
لڳي ٿو
توکان وڌيڪ
انهيءَ ڪانوَ
مارئيءَ جي فلسفي کي
سمجهيو آهي ــ !
(آسي زميني ــ ڪتاب ”مڃتا جي رڃ ۾“ نثري نظم)
“The Desert Crow”
I do sure
You never ever
Have seen the crow
Flying over Kaachho
I guess
it has dipped its beak deep
In the philosophy of Marui [character]
More than you!
”اها ڪا گار ته ناهي“
اها ڳالهه ٻڌائيندي
تون ڦِڪو ڇو ٿو لڳين ؟
ته تنهنجو ڏاڏو
۽ تنهنجي ڏاڏي
بهشت ۾
اگهاڙا رهندا هئا ـــ!
(آسي زميني ــ ڪتاب ”مڃتا جي رڃ ۾“ نثري نظم)
“It is not Abuse”
Why feel you shy to tell?
That
Your grand father
And mother
Used to stroll
Naked in the paradise!
آءُ گهڙي کن
هيٺ لهي آءُ
مونکي هڪڙي ڳالهه ڏسي وڃ
منهنجي هڪڙي
ڳالهه ٻڌي وڃ!
آءُ گهڙي کن هيٺ لهي آءُ
پنهجو جوڙيل
ڏيهه ُ ڏسي وڃ!
هڪڙ ا ماڻهو ننڍا ماڻهو
هڪڙ ا ماڻهو وڏا ماڻهو!
ڪهڙ ا ماڻهو،
تنهنجا ماڻهو،
پنهنجن تي نيشان هڻي وڃ!
ليڙون لوئي،
ڦاٽل چولو،
انگ اگهاڙي ڪنهنجي نياڻي،
غيرن آڏو جهول جهلي آ،
پنهنجن کي خيرات ڏئي وڃ!
نيراني ۽ پير اگهاڙي،
نٽهڻ اُسَ ۾ هَر هلائي،
ڪاري ڳڙ سان،
سُڪل ڀورا ،
هڪڙو ويلو تون به چکي وڃ!
آسيءَ کي جا ڏات ڏني تو
سائي ڪڇي ٿي،
سائي لڇي ٿي،
پوءِ ڇو دهريو ڪافر سڏجان،
مونکان پنهنجي ڏات وٺي وڃ!
(آسي زميني ــ ڪتاب ”مڃتا جي رڃ ۾“ آزاد نظم)
Come down
For a while today!
Speak thee
And let me speak!
Come down
For a while
Do watch the world,
Engineered by you!
Some are inferior
Some are superior
Who belong to you?
Do mark them!
Wrinkled is the veil,
Torn shirt she puts on,
The naked she looks,
Whose daughter is that girl?
She begs before stranger men,
Offer alms to your people!
Without breakfast
And bare-footed,
She ploughs
In the scorching beam,
Unbuttered pieces of meal,
She takes with spoilt molasses
Come down to taste it
A single time!
‘AASI’ was bestowed with insight
That utters the truth and tormented for,
“Why I am called atheist then”
Come to get [insight] it back!
سوري چاڙهي سچ، هاڻي ٿو هٿڙا هڻي،
ڪوٺي مٿان ڪچ ، بيٺو ڦوڪي آڱريون .
(استاد بخاري ـ ڪتاب ”گيت اسانجا جيت اسانجي”)
The “truth takes to the gallows
“Lie” feels shy now,
It stands on the top
And lost so low!
پهاڙن جون وڏيون چوٽيون جهڪائين تون
خلائن ۾ اپالن کي ڊڪائين تون
عظيم انسان مان توکي مڃيندس پوءِ
جڏهن سنسار جا آنسو سُڪائين تون!
(استاد بخاريءَ جو چو سٽو ڪتاب ”پير نه هٽن پوئتي“)
Kneel the peaks of the mountains you down,
Run you Apollo in the sky
I would salute O great man!
When you wipe the tears of the world!
روهڙي سوڙهي آ ، دل نه سوڙهي ڪر،
عشق اچئي جي در، ان جي ڪجي آجيان!
(ادل سومرو ڪيئي سال اڳ اروڙ ۾ نينهن ٽڪريءَ جي هيٺان اختر درگاهي کي مخاطب ٿي هي بيت پڙهيو هو، ان مشاعري ۾ شڪارپور، خيرپور ،سکر ۽ ٻين ضلعن جا شاعر به موجو هيا، ڇو ته اهو هڪ ادبي ۽ جاگرافيائي ٽوئر هو)
Rohri is the narrow city
Narrow not your mind!
‘Love’ cordially be welcome
If it gets at your door!
يا يار آهي پٿر
يا آهه بي اثر آ !
(واجد)
Either beloved has changed into stone
Or sigh keep no impact on him!
غم زياده خوشي قليل ملي!
زندگي ڄڻ بي دليل ملي!
(شيخ اياز جو گهاٽو دوست ، مشهور قانوندان ۽ شڪارپور ۾ قائم ٿيندڙ حاجي مولا بخش لا ڪاليج جو پهريون پرنسيپال لعل محمل ”لعل“ جنهن جو ڪتاب ”گونجَ“ ڇپيل آهي ، مان هن جي ان ڪتاب مان هڪ غزل جي مطلع جو ترجمو ڪيو آهي، سائين لعل ڪجهه سال اڳ گذاري ويو)
I got the sorrows more
Little the happiness I bore
Life proved like illogical action
منهنجا محبوب!
منهنجي چُميءَ جي
خواهش نه ڪجانءِ
جاني،
ڪير ماري نه وجهئي!
(عزيز قاسماڻي هڪ منفرد ڪهاڻيڪار ۽ سيبتو شاعر ، هي نثري نظم هن مونکي ايس ام ايس ڪيو هو)
O my beloved!
Desire not for my kiss!
Dear!
You will be killed by the people
تون ياد ڪرين يا نه ڪرين ، ياد ڪريان ٿو
(هڪ سنڌي ڪلام جا ٻول)
Either you conjure me up or not, I do
هُو ته مونکي چِتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهه شمشان تي!
(شيخ اياز جي مشهور غزل جو هڪ بند)
They took me towards the pyre,
Bu rained it on crematorium yesterday!
مان به تنهنجي آرسي ، مون ۾ ئي ڏس پاڻ،
اکيون اکين ساڻ ، ڳالهائين ٿيون ڳجهه ۾!
(شيخ اياز جو بيت)
Do watch me, I am just like a mirror before you,
Eyes mingled with eyes,
And divulge the secret each other!
هلي درازا هل
تنهنجا سارا مولوي،
منهنجو هڪ سچل!
(شيخ اياز جو مشهور ٽيڙو)
Let’s move to Daraza [city],
Take all of your dogmatic erudite,
I have a capable guide “Sachal”,
Who will face them all!
آءُ رابيل مرجهائجن ٿا پيا،
ڪا سڳنڌ آهي،
جنهن جي نه تو ريءَ سَري!
(شيخ اياز)
Come to me O my beloved!
Jasmines are going to fade,
There is a specific fragrance,
That cannot sustain but you!
عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن ،
آيو جهول ڀري !
ڪوئي ڪيئن ڪري!
الا! ڪوئي ڪيئن ڪري!
(شيخ اياز جي مشهور وائي، آرائين شڪارپور جو هڪ ثقافتي ڪردار آهي، عورتون جيڪي گهر گهر گل وڪڻنديون هيون ، انهن کي آرائين چوندا هيا ، اها شيءِ سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ اهڙي طرح واضح نٿي ملي ، هونئن به شڪارپور هڪ گرين بيلٽ جهڙو شهرهيو ، گلن ، باغن ۽ بوستانن جو شهر، جتي رابيل جي ڪنڊي پائي گهمڻ ڪلچر هيو ، چوڻ وارا چون ٿا ته شڪارپور شهر وڃڻ مهل پريان ئي خوشبو ايندي هئي، خوشبو جي شهر ۾ عورت گل وڪڻي اها آرائين آهي، ۽ اياز جهڙو ان ”آرائين“ کي عشق سان تشبيهه ٿو ڏي، جيڪا ڪمال جهڙي شيءِ آهي!)
Love came to us like “Aaraaeen”
With pot full of flowers,
How one may escape!
O lord! How one may escape!
گهڙو ڀڳو ، مُنڌَ مُئي ، وسيلا ويا،
تهان پوءِ سُئا ، سهڻيءِ سڏ ميهار جا!
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
Jar broken, the lady drowned, Mehar bemoaned,
Suhinee listened crying him,
When she could not catch even a straw to sustain
محروم ئي مري ويا ، ماهر ٿي نه مُئا!
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
They died deprived, rather than to be experts
پاڻياريءَ سرَ ٻهڙو ، جرَ تي ڦوٽو جيئن ،
اسان سڃڻ تيئن ،رهيو آهي روح ۾!
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
As jar upon jar, a woman carries
Or as the bubble on the surface of water,
Like these two,
My beloved in my heart exists too!
مون پريان جو نينهن ، ڇنڻ ڪارڻ نه ڪيو!
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
I leant no love to leave you!
ڪَتِ، ڪَتيندو ڪير !؟
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
Spin, keep on spinning,
Who will spin but you!?
سَرَ نِسريا پانڌََ ، اُترَ لڳا آءُ پرين !
مُون تو ڪارڻ ڪانڌَ! سهسين سُکانئون ڪيون!
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
Reed tips grew, Northern wind blew,
O beloved husband!
I made offerings for you!
توڙي تون ڪاتار ، جم هيکلي ڀيرئين ،
ڏِسَي ڪا ڏُئار ، صراف انهيءَ سُٽَ ۾ !
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
Though you are expert, spin not alone,
The connoisseur observes knots finely!
جان ڪَتين تان ڪَتِ ، هيءَ هڏ وهاڻي ،
ڪاپائتي سڀ ڪا ، ڪَتي سيباڻي ،
ڄاتو جن ڄاڻي ، تن هٿان پهي نه ڇڏي.
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
While spinning, keep on spinning,
Time does not return back once gone,
Those who knew how to spin,
Not even a single cotton ball fell down!