ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
جڏهن سنڌو سڪو ٿي گلن جي ڀيٽا توڙي دعاؤن گهريون ويون ۽ پوءِ جڏهن سنڌوءَ جون چوليون هر پاسي کي چهڻ لگيون تڏهن مون به هڪڙو سفر پنهنجي محسن، دوست، عزيز جنهن سان رشتي جي حقيقت بيان ڪرڻ لاءِ هر رشتو ننڍو ٿو لڳي ادا غلام اصغر شينوسان ملاقات لا دادو ويس اسان دادو مورو پل توڙ ي بندن جا اوريان ۽ پريان ڪنارا گڏجي گهمندا رهيا سين ۽ جڏهن وري تنهائي ۾ ڪراچي جو سفر ڪيو ته سيوهڻ کان اڳتي دادلي دريا جا منظر ڏسي ذهن تي هي الفاظ اُڪري آيا جيڪي اڄ سنڌ سلامت تان اوهان دوستن سان ونڊيان ٿو۔
شل سدائين آباد رهين
ناهي خدا ڪنهن کان بي خبر
پوء ڇا بوبڪ، منڇر، ۽ ڪينجهر
ڪلھ گلن جون ڀيٽاؤن ڏنيون
ٻڌو خدا ، ڀري ڪيائين بحر
جيت جڻان مرون مانگر خوش ٿيا
زندگي وري آئي مؤ زورِ زهر
ڪڙمي ڪڙڪيا سنباهي ثمر
ڪلهي تي ڪوڏر هٿن ۾وجهي هر
نانگ ٿي نچا منجھ ماڻهن ” ڏاڏل”
خوشيءَ جي لُڙهي آئي اهڙي لهر
پوء ڇا بوبڪ، منڇر، ۽ ڪينجهر
ڪلھ گلن جون ڀيٽاؤن ڏنيون
ٻڌو خدا ، ڀري ڪيائين بحر
جيت جڻان مرون مانگر خوش ٿيا
زندگي وري آئي مؤ زورِ زهر
ڪڙمي ڪڙڪيا سنباهي ثمر
ڪلهي تي ڪوڏر هٿن ۾وجهي هر
نانگ ٿي نچا منجھ ماڻهن ” ڏاڏل”
خوشيءَ جي لُڙهي آئي اهڙي لهر