• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ادا هي مسئلو چيڪ ڪريو

جبار بوزدار

سينيئر رڪن
ادا اسلام عليڪم
ادا سنڌ سلامت ۾ جڏهن انٽر ٿي رڪن پينل ۾ وڃون ٿا ته ان وقت جتي نالي وارو خانو آهي اتي نالو ڪو نه پيو لکجي ۽ وري جڏهن مان انگريزي سليڪٽ ڪريان ٿو ته پوئي نالو سنڌي ۾ لکجي ٿو ، جڏهن ته مون وٽ اڳ ئي سنڌي انسٽال ٿيل آهي ، گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ محنت کان پوئي خبر پئي ته مان انگريزي کي سليڪٽ ڪريان ته متان ڪم ٿيئي ۽ پوئي ڪم ٿيو اهو چيڪ ڪريو ته ائين چو آهي ، ائين نه ٿيئي جو ٻيا دوست انٽر ٿيڻ کان رهجي وڃن
اوهان جو پنهنجو
جبار بوزدار
 
جواب: ادا هي مسئلو چيڪ ڪريو

ادا واعليڪم السلام

ادا ٿي سگهي ٿو ته اوهان جو ڪي بورڊ پهرين پرفرينس تي هجي جنهن جي ڪري اوهان کي مشڪل ٿيندي هجي اوهان ڪنٽرول پينل ۾ وڃين سيٽنگ چينج ڪري ڏسو الله ڪندو ته مسئلو حل ٿي ويندو۔۽ اجهو اسان جو فقير يا علي علي پهچي اوهان کي وڌيڪ آگاهي ڏيندا۔

سدائين گڏ

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: ادا هي مسئلو چيڪ ڪريو

ادا جبار بوزدار صاحب اصل ۾ سڌي لکڻ لاء سنڌي سليڪٽ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ان ڪري ان آپشن کي آٽو سيٽ ڪيو يو آهي ۽ ان ۾ توهان يا ڪو به دوست انگلش لينگويج سليڪٽ ڪندو ۽ ان خاني ۾ ڪلڪ ڪندو ته پاڻهي ئي سنڌي لکجڻ شروع ٿي ويندي ۔ ڇو ته سنڌي لکڻ لاء هن ٽيمپليٽس ۾ موجود سنڌي فونٽ ئي ان جي سنڌي لکڻ ۾ سپورٽ ڪندا باقي ٻاهرين لينگويج کي هو ٽيمپليٽس سپورٽ ڪونه ٿي ڪري ۔
 
Back
Top