ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
منهنجي من جو آواز
ظلم سان اک ۾ اک ملائي ڪير ٿو انڪار ڪري؟
سر چاڙهي سوليءَ تي ڏسون ته ڪير ٿو واپار ڪري
ڪوڙ جي ڪيون پٺڀرائي اهڙي ناھ اسان ۾ اميد
مَن، مڃ مرشدِ ڏس ته ڪيئن طالب کي تلوار ڪري
جن سمجهيو موت کي پردو، وچ محبوب جي ملاقات
سو ملڻ ڪاڻ محبوب جي سؤ سؤ ٿو سينگار ڪري
جُهڪائي جبل کي، ڪُڏي ٿوڪنڌ ڪپائي شوق سان
حق و باطل جي سحر کي هڪ نظر سان سو ٿو ڌار ڪري
ڪو ديوانو ته ڪو پاڳل ته ڪو پريمي ٿو چئي هن کي
زماني جي ڪنهن کي ، پرواھ فقط هڪ نگاھ يار ڪري
الائي ڪهڙي جنت ۾ويندو، اهو مذهب جو ٺيڪيدار
جيڪو ماڻهن کي مارڻ لاءِ هر روز ٿو طالِبَ تيار ڪري
ازل کان هن محل تائين ،هڪ پل ناهي رهيو مونکان پري
نادان، غافل سو وري ڪيئن ويهي ٿو انسان واپار ڪري
انسانيت جي ڪو منزل ماڻي ڪونهي اهو ڪم آسان
انسان سو ڏئي دعاؤن انکي جيڪو هن لاءِ پيدا آزار ڪري
” ڏاڏل ” جيڪو عاجزيءَ جي عشق کان رهي ٿو آجو
جنت تنهن کان رهي ٿي پري گڏ کڻي نمازون هزار ڪري

نوٽ ؛ هي ذاتي خيال آهي ڪو به مذهبي نظريو ناهي