• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، ھو پري آ پري آ پري آ پري

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
شيخ اياز

املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري،
ھو پري آ پري آ پري آ پري

جيءَ ھو يا جھڳو، داءُ پنھنجو لڳو،
جيت ڇا ھار ڇا ، ڪير پٺتي وري

آء ُ ! رابيل مرجهائجن ٿا پيا،
ڪا سڳنڌ آھ جنھن جي نه تو بن سري

مڌ ڪھڙو به آھي، ڪلالو! ڏيو،
رات گھنگھور آ، ڪيئن به ٽاڻو ٽري

اي اياز اينٿرا، تو ته پايل ٻڌي !
پير سوچي ته رک ، ڌر تتيء تي ڌري

167768_1785710320759_1179567033_32177061_8234178_n.jpg

جواب: املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، ھو پري آ پري آ پري آ پري

بهترين شيئرنگ آهي ادا

شيخ اياز جي شاعري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي تمام وڏو شاعر هو

سدائين گڏ
 
ادا سليمان زبردست شيئرنگ پيارا
 
ادا فقير مهرباني

دوستن 2011 جو سال شيخ اياز کي ڀيٽا لاء وقف ڪيو آهي

مان به ڪوشش پيو ڪيان ته سنڌ سلامت به ان ساٿ ۾ شامل هجي۔

اياز واقعي تمام وڏو شاعر آهي
 
جواب: املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، ھو پري آ پري آ پري آ پري

ادا سليمان زبردست شيئرنگ پيارا

ادا طاهر مهرباني

شيخ اياز جي نعتيه شاعري به هتي ونڊ ٿيڻ کپي۔ جنهن تي اوهان ڪم ڪيو ته بهتر

سال 2011 اياز کي ڀيٽا لاء سندس نانء ڪيو ويو آهي
 
جواب: املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، ھو پري آ پري آ پري آ پري

ادا طاهر مهرباني

شيخ اياز جي نعتيه شاعري به هتي ونڊ ٿيڻ کپي۔ جنهن تي اوهان ڪم ڪيو ته بهتر

سال 2011 اياز کي ڀيٽا لاء سندس نانء ڪيو ويو آهي

بلڪل ادا سليمان مرحوم جي نعتيه شاعري مون وٽ موجود آهي۔
آءُ ڪوشش ڪندس ونڊڻ جي۔
لک لائق جو اوهان ڌيان ڇڪرايو۔
سدا سلامت هجو۔
 
جواب: املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، ھو پري آ پري آ پري آ پري

آء ُ ! رابيل مرجهائجن ٿا پيا،
ڪا سڳنڌ آھ جنھن جي نه تو بن سري

”ڪــــاڪ“ ڪــــڙهي، وڻ ويــا، ٻريـــــا رنگ رتول،
تــــــو پڄـــــاڻان سپــــــــرين، اچـــــن هينئـــــڙي حول،
جي مونسين ڪيڙي قول، سي سگها پاڙج سپرين۔

جدائيءَ جي تڙپ جو سور ڪي سورهيه ئي سهي سگهن ٿا ۔۔۔

عوامي ۽ سادي ٻوليءَ ۾ ساڳي ڳالهه ڪجهه هن طرح سان چئي سگهجي ٿي ۔۔۔
عاشق مجبور آ ۔۔۔ ڀل ڪيڏو به ڪنڌار هجي ۔۔۔
 
سائين نثار مهرباني

اوهان جا لک قرب سهڻي طرح سان شاعريء کي سمجهائڻ لاء

شيخ اياز جي سٽن مان عشق پيو جهاتيون پائي ۔۔۔۔۔۔ عاشق ته مجبور ٿيندا
 
جواب: املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، ھو پري آ پري آ پري آ پري

ادا سليمان بهترين ونڊ آ۔
جنهن کي ادا نثار آسان لفظن ۾ سمجهائي ڇڏيو

ادا نويد مهرباني

اياز جي هي تخليق تمام بهترين ۽ نرالي ، صادق فقير به پنهنجي مڌر آواز ۾ بهترين ڳايو آهي۔
 
Back
Top