نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون... مذهب، سياست ۽ قانون زرار پيرزادو [JUSTIFY]ناموس رسالت وارو قانون هڪ انسان ٺاهيو هو، جنهن جو نالو ضياءُ الحق هو، جيڪو ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ ڊڪٽيٽر آئين، وفاق ۽ جمهوريت جون ڌڄيون اڏائيندڙ بدنام زمانه فوجي حڪمران طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن 73 جي آئين مان پنهنجي مرضيءَ تي ڪيتريون ئي شقون ڪڍيون ۽ ترميمون ڪيون، جنهن جو کيس اڪيلي سر ظاهر آهي ته ڪو اختيار نه هو، ڇاڪاڻ ته هو اڻ چونڊيل حڪمران هو. ”ناموس رسالت واري قانون جو خالق به ضياءُ الحق ئي هو. سو جيئن ته اهو قانون هڪ ماڻهوءَ جو (سو به ضياءُ الحق جو) ٺاهيل آهي، تنهن ڪري ان قانون تي ڳالهائي به سگهجي ٿو. بحث به ڪري سگهجي ٿو. هڪڙن حلقن جو خيال آهي ته اسان جو خالي ڪير اهو خدشو ختم ڪري ته ناموس رسالت جي آڙ ۾ ڪير ڪنهن تي ڪوڙو الزام لڳائي ۽ ڪوڙي شاهدي ڏيارائي ڪنهن کي بي گناهه نه مارائي. حيدرآباد جي هڪ ڊاڪٽر کي به ذري گهٽ ناموس رسالت جي آڙ ۾ ڦاسايو پئي ويو پر پڪيون ثابتيون جڏهن مليون ته هن حضور صلعم جي شان ۾ ڪا گُستاخي نه ڪئي آهي، تڏهن وڃي همراهه جي جند ڇُٽي ۽ جان بچي. هاڻي بحث صرف ان هڪ نقطي تي آهي ته ناموس رسالت جي قانون کي غلط نموني استعمال ڪرڻ کان ڪيئن بچائجي. پر تاثر اهو ڏنو پيو وڃي ڄڻ ناموس رسالت واري قانون جي ڪا مخالفت ٿي رهي آهي. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان ڪري ئي چيو ويندو آهي ته مذهب، سياست ۽ قانون کي الڳ الڳ رکڻ گهرجي[/JUSTIFY]. zarar_pirzado@yahoo.com روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: مذهب، سياست ۽ قانون سائين منهنجا اسين زرار پيرزادي جي راءِ سان متفق آهيون ۔۔۔۔ ڇو جو هي بحث آهي ته؛ پر سوال اهو آهي ته پاڪستان سڄو سارو اسلام ۽ رسالت جي مخالف پيو هلي ته انجي استعمال يا غلط استعمال جو سوال ڪهڙو آهي ۔۔۔؟ هاڻ جيڪڏهن پاڪستان ۾ اسلام جي موجوده صورت تي بحث ڪبو ته هڪ ڇا ٻه ڇا سوين ڪتاب ڀرجي ويندا ۔۔۔ حڪمرانن کان وٺي عوام تائين جي حالت نه ته اسلامي آهي ۽ نه وري اسلامي قانون جي ڪا جهلڪ ئي نظر اچي ٿي ۔۔۔ ادارن جي حالت مست هاٿيءَ واري آهي ۔۔۔ مڇرجن ٿا ته عوام سان اهڙي ٿا ڪن جيئن ٻرڙو ڪري ٻارن سان ۔۔۔ نه اسلام نه اسلامي قانون ۔۔۔۔ اڙي ادا هن ظالم ننگريءَ ۾ ڪهڙو اسلام ۽ ڪهڙو اسلامي قانون ۔۔۔؟ الله پيو پناه ڏي ۔۔۔
جواب: مذهب، سياست ۽ قانون سائين نثار سلام سچ وڏو ڏوهاري آهي، روز ازل کان پڪڙيو ويو آ، ڳولهي ڳولهي ماريو ويو آ، تيل ڪڙاهي ڪاڙهيو ويو آ، زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ، چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ، گهاڻي ۾ پيڙاهايو ويو آ ، ڪڏهن زهر پياريو ويو آ، ها پر پوءِ به انهي جي ساڳي رهندي آئي ريت سڀاڳي، جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو، تنهن جو سارو چين کڻي ٿو، اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ، پر تو هي به ڪڏهن سوچيو آهي، ڪنهن سان تنهجي ياري آهي ، سچ وڏو ڏوهاري آهي، سچ وڏو ڏوهاري آهي