• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حج اسڪينڊل ۾ وزيراعظم جي پٽ قادر گيلاني جي ملوث هئڻ جو انڪشاف

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
نواز ليگ جي ايم اين اي عمران شاهه وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي پٽ قادر گيلاني جي حج اسڪينڊل ۾ مبينا طور ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، ڪالهه نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي ايم اين اي عمران شاهه دعويٰ ڪئي ته هن ڊي جي ايف آءِ اي جي آڏو ان جي 6 ٻين آفيسرن جي موجودگي ۾ بيان ڏنو آهي ته وزيراعظم جو پٽ قادر گيلاني حج اسڪينڊل ۾ ملوث آهي، هن چيو ته اسان سعودي عرب وڃي جاچ ڪئي جنهن بعد جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته اڳوڻي ڊي جي حج رائو شڪيل زين افتخار سکيرا ذريعي قادر گيلاني کي رقم ڏني، ٽي وي چينل موجب زين افتخار سکيرا گيلاني خاندان جو فيملي فرينڊ آهي ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽن جو دوست هئڻ ناتي انهن جا معاملا هو ئي ڏسندو آهي، ذريعن مطابق مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير شگفته جماڻي خلاف به ڪرپشن جا ثبوت ملي ويا آهن، هوڏانهن ڊي جي ايف آءِ اي وسيم احمد چيو آهي ته ايم اين ايز قادر گيلاني جو نالو حج ڪرپشن اسڪينڊل جي حوالي سان نه ورتو آهي، حج اسڪينڊل بابت اڄ سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائينداسين، رائو شڪيل جو فرنٽ مين فيض احمد آهي، ان جي ڳولا ڪيون پيا، جڏهن ته ايف آءِ جي ٽيم حامد سعيد ڪاظمي خلاف شاهديون گڏ نه ڪري سگهي آهي.


روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
 
Back
Top