سنڌ سان اهڙي جند جڙي جو ٻيا سڀ نعارا وسري ويا ( گيت ) http://www.youtube.com/watch?v=3eUDW98fj2c شيخ اياز صاحب سنڌ جو هڪ بهترين ۽ عظيم شاعر هو، ادا توهان اياز صاحب جون زندگي جي آخري عمر ۾ گهريل دعائون هت سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري رهيا آهيو، اهيو ٻڌي ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، ادا اياز صاحب جي دعائن جو اهو ڪتاب ته مون وٽ موجود آهي ۽ مون سمورو ڪتاب پڙهيو آهي مگر هت وري اهي دعائون پڙهي ڪري دل وري باغ بهار ٿئي وئي، ادا اياز صاحب کي رب پاڪ عمر جي آخري حصي ۾ هدايت نصيب ڪئي ۽ پاڻ ادا ابڙا صاحب توهان سو فيصد سچ چيو آهي ته سنڌ جي اڪثر وڏيرن جاگيردار سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۽ عوام تي ظلم ڪندي زندگيون گذاريون آهن، مگر ادا سنڌ جو جاگيردار، ۽ وڏيرو سنڌ جي ٻين وڏيرن کان بلڪل مختلف هو ۽ پاڻ سنڌ جي هڪ سهڻي ضلعي دادو ۾ (جنهن کي پيار محبت مان اهيو پڻ چيو ويندو آهي ته دادو ۾ آ جادو ) عبدالحميد جتوئي سنڌ جي سپوت 1922ع ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ جناب قادر بخش خان جتوئي جي گھر ۾ جنم ورتو هي سنڌ جو اهو وڏيرو هو جنهن جو فيصلو ۽ انصاف ڏوران ڏور مشهور آهي، پاڻ هميشه حق سچ جو فيصلو ڪندا هئا، پوء انهيء ضد ۾ هن جو پنهنجو ئي ڪو ويجهو ماڻهون ڇو نه ايندو هجي، سنڌ جي ڪهاڻي ڪار جمال ابڙي صاحب پڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ جناب عبدالحميد خان جتوئي جي ڪجهه انصاف وارن فيصلن جو ذڪر ڪيو آهي،