انور پيرزادي جي چوٿين ورسيء جي موقعي تي کيس ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    [​IMG]

    ڀٽائيء جي پارکو ، نامور محقق ، شاعر ، جيوگرافر ، آرڪيالوجسٽ ، صحافي ۽ نثر نويس انور پيرزادي جي اڄ چوٿين ورسي آهي۔ سنڌ جي هن سچي عاشق ۽ سنڌ پرست جي ولادت تعلقي ڏوڪري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ (ٻلهڙيجي) ۾ 25 جنوري 1945ع تي ٿي۔

    سنڌ جي هن گهڻ پاسائو شخصيت سنڌ جي لاء جيڪي ڪشالا ڪڍيا ۽ مسلسل لکندو رهيو ۽ ڳالهائيندو رهيو ان تي قوم کيس سلام ٿي پيش ڪري۔ 7 جنوري 2007 تي وفات ڪيائين۔

    انور پيرزادي جو لکيل نظم پيش آهي :

    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
    جنهن رات ۾ تو ٿي بيت چيا
    سا رات اڃا به جاري آ
    ۽ سج ڏنگايون ڪو نه ڇڏيون
    هي پنڌ پري جو واري آ
    مان ڪنهن سان پنهنجا سور سليان
    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!

    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
    اڄ رات رُنو آ رت ڦڙو
    ۽ تارا سور پيئن ٿا پيا
    هوءَ سانجهي سُڏڪي روئي ٿي
    ۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا
    توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان
    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!

    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
    مون تنهنجي راڳن جي سر ۾
    جان سنهڙي سينڍ وڃائي آ
    هر ماڻهوءَ ڀينڊ هنئي آهي
    هر گهر گهٽي ڄڻ ڦاهي آ
    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!

    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
    مون تنهنجي ڏات ڏيا مان اڄ
    جان هڪڙو چڪڙو چاهه چکيو
    ويڙهاند سندو آ راڳ ڪيو
    هر ماڻهوءَ کي آ مون ڀاءُ ڪيو
    ٿي تنهنجيون وايون آءٌ وڙهان
    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!

    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
    هي ماڻهو تنهنجن بيتن کي
    ڌرتي کان ڌار ڇني ٿا ڪن
    ٿيون تنهنجيون وايون وار پٽن
    ۽ سرڙا تنهنجا اوسارن
    هي ارهي سرهي دانهن ڏجان
    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!

    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
    ڪنهن انڌوڪار انڌا ڪيا هن
    ٿا ماڻهو توکي شاهه چون
    ۽ تنهنجي راڳ رسالن کي
    ٿا آيت سمجهي ڪنڌ هڻن
    تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن
    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!


    http://www.youtube.com/watch?v=SGJ971oYiJ0

    سنڌ سلامت تي ممتاز وگهيو پاران انور پيرزادي تي ونڊ ڪيل ليک پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو۔

    انور پيرزادي جي فرزند امر پيرزادي پاران لکيل نظم ۽ رضوان گل جي ڊزائن ڪيل

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو