ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
شاهه سائينءَ جو سورمو ڄام انڙ سمون
خير محمد ٻرڙو
شاهه لطيف جي سورمن ۽ ڏهن ڏاتارن ۾ ڳڻجندڙ مان ”ڄام انڙ“ تي مختصر نوٽ حاضر آهي. هن کان اڳ ”پنرو بڊاماڻي“ ۽ ”ڄام سپڙ چوٽاڻي“ بابت ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ لکڻيون شايع ٿي چڪيون آهن. تاريخي ۽ حسبي حوالن موجب سنڌ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ جي سمن جو چڱو مڙس ”نرپٽ“ هو، جنهن جي اولاد مان ڄام لاکو گهوراڙو هو. هو هر ماڻهوءَ ڏانهن گهوري ڏسندو هو، جنهن ڪري ماڻهو کيس ”گهوراڙو“ چوندا هئا. سندس والد جو نالو سمو بن لاکو هو، پر ڪن حوالن ۾ انڙ بن لاکو پڻ لکيل آهي. مونجهارو انهيءَ ڪري پيدا ٿيو آهي جو سمن ۾ ٻيا به ڪيترائي انڙ نالن وارا چڱا مڙس ۽ ڄام ٿي گذريا آهن، بهرحال سنڌ جي سورمن مان ڄام انڙ نائين صدي عيسويءَ جي آخري ۽ ڏهين صديءَ جي منڍ ۾، ڌيرڪ پرڳڻي جو حاڪم هو، سندس گاديءَ جو هنڌ ساموئي يا سما نگر هو، جيڪو مهراڻي جي ايراضيءَ ۾ ونگا بازار جي وچ ۾ نئين ڪوٽ جي آس پاس هو، جنهن جو بنياد ڄام لاکي اٺين صدي عيسويءَ ۾ وڌو هو. چيو وڃي ٿو ته، هن انڙ ڄام کي پنهنجي ڀائرن موڙي ۽ منهي قتل ڪيو هو. کيس تماچي نالي پٽ (انڙ انڙاڻي) هو، جنهن جي اولاد مان انڙن جو نسل وڌيو. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته ڄام انڙ پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي پٽ جو نالو ”اُنڙ“ رکيو، ان ڪري پاڻ ”انڙ انڙاڻي“ مشهور ٿيو. کيس انڙ سمون به چوندا هئا. ڄام انڙ، سخي، ڏاتار، سورهيه، سپوت، بهادر ۽ وڏي ڏيا وارو هو. شاهه صاحب هن کي سورمي طور ڳايو آهي. سندس آڏو يا سامهون ٿيڻ جي ڪنهن کي هشمت نه ٿيندي هئي، پر گهرجائو، فقير، محتاج، مڱڻهار، چارڻ ۽ سائل سندس در تي بي ڊپا ايندا هئا. پاڻ اهڙن جي ڏاڍي عزت ڪندو هو. لاکيڻي لطيف، ڄام انڙ جي اهڙي روش بابت هن طرح فرمايو آهي:
انڙ ۾ آس گهڻي، تهان وڏيرو ڊپ،
ايءُ مڱڻهارن مپ، جو نه موٽائي مڱڻا.لڊوڻيا لوڊي ٿيا، وطن منجهه وصال،
اڄ ارتو اکيين، ڪاڪ پيتائون ڪالهه،
ويئي ويچارن وسري، صباح جي سنڀال،
پرينءَ کي پسي ٿيا، ماموين مثال،
جانب جي جمال، رڱي پس ريٽو ڪيا.
اڄ ارتو اکيين، ڪاڪ پيتائون ڪالهه،
ويئي ويچارن وسري، صباح جي سنڀال،
پرينءَ کي پسي ٿيا، ماموين مثال،
جانب جي جمال، رڱي پس ريٽو ڪيا.
بشڪريه ڪاوش