
جيڪڏهن توهان جي نظر ڪمزور آهي ۽ توهان عينڪ کان بغير اخبار، ڪتاب يا رسالو پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿا محسوس ڪريو ته هاڻي وڌيڪ پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي ڇو ته Ez Read جهڙي ٽيڪنالاجي اچي چڪي آهي۔۔۔۔۔
هن ڪمپيوٽر جي مائوس نما آلي کي مواد تي رکي پنهنجي ٽي وي سڪرين تي وڏن لفظن جي صورت ۾ ڏاڍو آساني سان پڙهي سگهجي ٿو۔۔۔۔ ان جي لاءِ هن آلي سان ڳنڍيل هڪ وڊيو ڪيبل کي جيڪا آلي سان گڏ ملندي آهي۔۔۔ ٽي وي جي Input ۾ پلگ ان ڪرڻو پوندو آهي۔۔۔
في الحال هي آلو وڏن ترقي يافته ملڪن ۾ وڪري لاءِ موجود آهي جنهن جي قيمت 95۔99 آمريڪي ڊالر آهي۔۔۔۔۔