ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
موت نعمت آهي
موت نعمت آهي موضوع جو حصو ٻيو قارئينِ ڪرام جي خدمت ۾ حاضر آهي اميد ته منهنجي اصلاح ڪندا ، هي ااهي سبق آهن جيڪي مون ڪجھ بزرگن جي محفل ۾ ويهي سکيا آهن جن سان اختلاف هر ڪنهنجو حق آهي ۽ جي ڪو منهنجي اصلاح ڪندو ته آ سندس ممنون ۽ مشڪور رهندس۔
هن موضوع جي پهرين حصي جي ااختتام تي مون علام ااقبال جا ٻه اشعار لکيا ها جن مان اهو تاثر واضع هيو ته محبوب سان ملاقت توڙي ابدي زندگي ماڻڻ جو واحد رستو موت آهي ۔ پر هاڻي هتي هن موضع کي ٻئي رخ سان پڻ ڏسڻ جي ضرورت آهي ، مثال جي موت نه هجي ها ته ڇا ٿئي ها؟ موت آهي ته ان جو فائدو ڇا آهي ؟
مونکي اسپتال جو سترنهن سالن جو تجربو آهي پر ان تجربي جي احوال کان پهريان سڪندرِ اعظم جي مطعلق هڪ مشهور داستان آهي ته جڏهن سڪندرِ اعظم آبِ حيات جي ڳولا ۾ نڪتو ۽ آخر جڏهن آبِ حيات جي چشمي تي پهتو ته هن اتان جو عجيب منظر ڏسي آبِ حيات پيئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هن اتي انهن مااڻهن کي موت گهرندي ڏٺو پر انهن کي موت نٿي آئي سندن هڏين ۾ ساھ ڦاٿل هو سڪندرِ اعظم انهن جو هي حال ڏسي اهي جملا چيا ته، نه ! آؤ هي زندگي نه جي سگهندس ۔ هاڻي پنهنجو تجربو پيش ٿو ڪريان ته مونکي سترنهن سال اسپتال جو تجربو آهي مون پنهنجي ان وقت ۾ عجيب و غريب قسم جا مريض ڏٺا آهن جيڪي بيماري جي ان منزل تي پهتل هوندا آهن جتي زندگي جي دعا انهن کي بد دعا لڳندي آهي جي انهن کي ڪو چوي الله توهان کي وڏي ڄمار ڏئي ته نهن جي اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي ايندا آهن، سندن جواب اهي هوندا آهن ته يار الله پنهنجو ڪري يا اڪثر اوهان ٻڌو هوندو ، الله پنهنجي هلندي هلائي ، بيٺي جو موت ڏئي ، خدا ڪنهنجي مهتاجي نه ڏيکاري ، واھ واھ جي موت ڏئي وغيره آخر اوهان غور ڪيو هوندو ته اهي جملا ڇو چيا وڃن ٿا۔
جي سڪندرض اعظم واري ڪهاڻي فقط ڪهاڻي به آهي ته اها ڪهاڻي به ڪنهن عارف ،سالڪ ئي جوڙي آهي ،ان جي حقيقت اسان جي پنهنجي معاشري تي عبرتي نگاھن سان سامهون نّظر ايندي عبرت جي نگاھ کان سواءِ انسان جي تربيت ناممڪن آهي ان لاءِ حضرت علي عه جو فرمان آهي ته دنيا ۾ مقامِ عبرت ته گهڻا آهن پر عبرت حاصل ڪرڻ واريون اکيون تمام ٿورڙيون آهن ۔ته مون عرض ٿي ڪيو پنهنجي تجربي (جو جنهن تي ڪجھ لکڻ کان پهريان ئي سائين نثار پنهنجو تجربو ونڊي ڇڏيو آهي )۔ سندس مهراني پر مون ائين نٿي لکڻ چاهيو جيئن سائين سمجهيو۔
هيپاٽائٽس سي جي لاسٽ اسٽيج جي مريض جو احوال اهو مريض مون وٽ ٻن سالن کان ايندو هو اڪثر هن جي واپسي بيهوشي جي حلت ۾ ٿيندي هئي آخر ۾ ان جي حالت اها هئي جو جي هن کي چمڙي تي هٿ به هڻدا ها سين ته ان جي چمڙي لهي ايندي هئي، اولاد ته سندس جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ سندس وڏي پٽ جو الفاظ هوندا ها ته ادا بابا جي وچڙي جو خيال به اسان کي سمهڻ نٿو ڏئي پر انهن جا نيڻ هر وقت نير روئندا ها ۔ ڪير چاهيندو ماسواءِ نافرمان اولاد جي ته والدين جهڙيون ڪيم هستيون انهن کان جدا ٿين پر آخر ۾ اهو به ٻڍڻ ۾ آيو پروردگار تون انهن جي حق ۾ اهو ڪر جيڪو تنهنجي نظر ۾ بهتر آهي ته مونکي هي شعر ڏاڍو ياد ايندو هو
ڪون سھ سڪتا هي حياتِ جان ودان ڪي سختيان
زندگي پر موت ڪا ڪتنا بڙا احسان هي (حصو ٻيو)