بيحِسي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن

بيحِسي



اڄ برباد ڪئي آهي تو ما جي جهولي

هنئي آهي تو جا هن جي پٽَ کي گولي


ٻڌ هن جون آهون ڪيئَن ڪري ٿي

تو جا وني هن جي آهي رڻ ۾ رولي


کڻي ساھ ٿڌا ڀينرن پئي ويڻ ڪيا

ڪاڄ جي ڀينرن کڻي ڳنڌ جا کولي


دل ۾ دردن جا آيا آهن ڪئي دود دکي

نيڻ وهن، ڄڻ ڪا سمنڊ ۾ آئي آهي ڇولي


ڏاڏل ستلن کي هتي ڪير جاڳائيندو
لڳي راڄ ٻوڙو ٿو جنهن ٻولي مور نه ٻولي​
 
جواب: بيحِسي

دوست ڏاڏل، اوهانجي هن حساسيت کي محسوس ڪندي منهنجي محترمه پڻ هڪ ڪهاڻي لکي هئي اوهان بلڪل ساڳين جذبن کي هڪ مختصر نظم ۾ چئي ڇڏيو آهي ۔۔۔

ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ هيٺ لنڪ آهي؛

http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=4358

هر حساس ماڻهونءَ جا جذبا هڪجهڙا هوندي آهن، بس فقط لفظن جو فرق هوندو ۽ حسن بيان الڳ هوندو آهي ۔۔۔

اسانجا جذبا ۽ احساس پڻ ساڳيا آهن ۔۔۔

لک ٿورا ۔۔۔
 
Back
Top