• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ورڊ مان ڪورل ڊرا ۽ ڦوٽوشاپ

ابو زين

سينيئر رڪن
اڄ هن ٽيوٽوريل ذريعي توهان کي ورڊ مان ڪورل ڊرا ۽ ڪورل ڊرا مان ڦوٽو شاپ ۾ سنڌي متن آڻڻ جو طريقو ٻڌائيندس. سڀني کان پهريائين ڪنٽرول پينل ۾ وڃو ۽ هي پرنٽر انسٽال ڪريو:
LaserMaster Unity 1200XL v47.0

اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، اهو هن متحرڪ تصوير ۾ ڏسو:

wordtophotoshop.gif

جواب: ورڊ مان ڪورل ڊرا ۽ ڦوٽوشاپ

واه ادا واه

تمام بهترين ٽٽوريل آهي اهڙي بهترين نموني سمجهائڻ تي توهان جي جس هجي

جهڙي نموني سان توهان ويڊيو تيار ڪئي آهي ان جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي

مهرباني ادا

سدائين گڏ
 
معاف ڪجو فقير سائين، ويڊيو نه، متحرڪ تصوير آهي.
 
جواب: ورڊ مان ڪورل ڊرا ۽ ڦوٽوشاپ

ادا عبدالحفيط اهو مسئلو اوهان وٽ شايد ٻن وجهن جي ڪري ٿي سگهي ٿو هڪ ته نيٽ اسپيڊ جي گهٽ هئڻ ڪري ٻيو ته توهان اميج شيڪ سائيٽ کي کوليو ته شايد توهان وٽ اهو مسئلو نه ايندو۔
 
جواب: ورڊ مان ڪورل ڊرا ۽ ڦوٽوشاپ

ادا فاروق پرنٽر ڀلي نه هجي توهان فقط ڪنٽرول پينل ۾ وڃي پرنٽر تي ڊبل ڪلڪ ڪري ايڊ نيو پرنٽر تي ڪلڪ ڪيو پوء اڳتي ايندڙ هدايتن تي عمل ڪندا وڃو ته پرنٽر انسٽال ٿي ويندو۔ڀلي اوهان وٽ پرنٽر موجود نه هجي ليڪن ان طرح سان توهان پرنٽ ٽو فائيل جي آپشن ذريعي ڪورل ڊرا لاء فائيل تيار ڪري سگهو ٿا۔
 
مهرباني ادا رحيم
 
ادا مان ته ونڊوز 7 پيو استعمال ڪيان جنهن ۾ اهو پرنٽر نظر نه ٿو اچي پو ان جو ڇا ڪجي ۔۔۔ ؟؟ مونکي ان جي تمام گهڻي ضرورت آهي۔۔
 
ادا مان ته ونڊوز 7 پيو استعمال ڪيان جنهن ۾ اهو پرنٽر نظر نه ٿو اچي پو ان جو ڇا ڪجي ۔۔۔ ؟؟ مونکي ان جي تمام گهڻي ضرورت آهي۔۔
ادا ان سلسلي ۾ هن موضوع کي پڙهو اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔
 
اميد آهي ته سائين ذيشان رشيد صاحب جن جي وضاحت سان ادا فقير محسن جن جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو۔
 
دوست مٺا! اوهان وٽ ڪورل9 ۾ امپورٽ نه ٿيڻ جا مون کي به سبب نظر اچي رهيا آهن:​
(1) جڏهن پي آر اين واري فائل کي ڪورل 9 ۾ امپورٽ ڪريو، ته​
PS, EPS, PRN - PostScript​
واري ايڪسٽينشن کي سليڪٽ ڪري، پوءِ امپورٽ ڪندا ته اوهان وٽ فائل کُلندو۔​
(2) يا وري ڪورل ۾ امپوٽ نه ٿيڻ جو سبب اهو هوندو ته اوهان پرنٽ ڏيڻ وقت مٿي ڄاڻايل پرنٽر کي سليڪٽ نه ڪيو هوندو​
هڪ سبب اهو پڻ ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن اوهان جي ورڊ واري فائل ۾ ڪي عربي سيمبول هوندا ته اهو فائل اوهان جو امپورت نه ٿيندو، بلڪه ڪورل ۾ ايرر ڏئي سگهي ٿو۔​
 
اڄ هن ٽيوٽوريل ذريعي توهان کي ورڊ مان ڪورل ڊرا ۽ ڪورل ڊرا مان ڦوٽو شاپ ۾ سنڌي متن آڻڻ جو طريقو ٻڌائيندس. سڀني کان پهريائين ڪنٽرول پينل ۾ وڃو ۽ هي پرنٽر انسٽال ڪريو:
LaserMaster Unity 1200XL v47.0

اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، اهو هن متحرڪ تصوير ۾ ڏسو:

wordtophotoshop.gif

مذڪوره پيج ته کولي ئي نه پيو ٻيو ته ونڊوز 7 ۾ مذڪوره پرنٽر موجود نه آهي مهرباني ڪري مدد ڪندا يا انهي سافٽويئر جي لاءِ ڪا سائيٽ ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي مان توهان جو شڪر گذار رهندس
 
ادا يا ائين هوندو ته اوهان ڪورل ڊرا ۾ فائيل کوليندا ته اُهي ٻه آپشن ايندا هڪڙو ٽيڪسٽ ۽ ٻيو ڪروز اوهان ڪروز کي سليڪٽ ڪري اُها پي آر اين فائيل اوپن ڪندا.... ته کُلي ويندي.
 
Back
Top