صحافي سلطان محمود چانڊيو جا قاتل اڃا به آزاد ڇو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاجز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2011۔

  1. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    صحافي سلطان محمود چانڊيو جا قاتل اڃا به آزاد ڇو؟
    تحرير ؛ عبدالرحمان رند
    ميرپورخاص پريس ڪلب جي شهيد ڪيل صدر حاجي محمود سلطان چانڊيو جي قتل کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي صحافين پاران هلندڙ احتجاج بعد جسقم پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ 4 جنوري تي احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو هنيو ويو، طئه ڪيل پروگرام تحت جسقم جو چيئرمين بشير خان قريشي شام 3 وڳي جمڙائو موري پهتو ته ڪارڪنن جي وڏي انگ مرڪزي ڪلچرل سيڪريٽري نجف لغاري، ضلعي صدر اڪرم قمبراڻي، مصطفيٰ ڪوري، ذيشان لغاري ۽ ٻين آڌر ڀاءُ ڪيو، کيس جلوس جي صورت ۾ چاندني چوڪ آندو ويو، جتي هزارين ماڻهو ۽ سڄي ضلعي مان آيل صحافين جو وڏو انگ موجود هو، جتان جسقم چيئرمين بشير خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، صحافي راشد سليم جي اڳواڻيءَ ۾ پيادل هزارين ماڻهن جي ريلي نعرا هڻندي ڀان سنگهه آباد، سول اسپتال چوڪ، اسٽيشن روڊ کان ٿيندي ميونسپل ڪمپليڪس پهتي، جتي بشير خان قريشي هزارين ماڻهن سميت روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيو، جتي 3 ڪلاڪن ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين بشير خان قريشي چيو ته شهيد محمود سلطان چانڊيو جي هڪ جاکوڙي صحافي سان گڏ سرگرم سماجي ڪارڪن ۽ باڪردار قومپرست ڪارڪن هو، جنهن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس پاران ڪابه جاچ نه ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته ايڏي وڏي سانحي بعد حد جي ذميوار پوليس عملدار کي معطل يا رورٽ ڪرڻ بدران ترقي ڏني وئي آهي. هن چيو ته شهيد محمود سلطان جا قاتل پوليس گرفتار نه ڪيا ۽ دٻاءُ سبب معاملي کي خراب ڪيو ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا ۽ شهيد جا قاتل پوليس ۽ انتظاميا کان بچي وڃن ته الڳ ڳالهه آهي پر اهي قومي تحريڪ جي غضب کان بچي نه سگهندا. بشير خان قريشي چيو ته 9 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ جسقم پاران شهيد صحافي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا ۽ 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جلسي بعد سن ۾ اجلاس معاملي تي غور ڪري سڄي سنڌ ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته واقعي واري ڏينهن ڪوٽ غلام محمد ۾ قومپرست ڪارڪنن تي گوليون هلائيندڙن کي پوليس پاران ڇوٽ ڏيڻ سان وڏو فساد ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته جسقم شهيد جي ٻارن، خاندان ۽ صحافين سان هر معاملي تي گڏ آهي. ريلي ۽ ڌرڻي دوران پوليس پاران به سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ جسقم جا رضاڪار گارڊ به وڏي تعداد ۾ موجود هئا، ان موقعي تي هزارين ماڻهن شهيد محمود سلطان چانڊيو جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ريلي ۽ ڌرڻي دوران ميرواهه روڊ ۽ ايم اي جناح روڊ عام ٽريفڪ لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ بند رهيا ۽ ٽريفڪ کي متبادل روٽن تي موڙيو ويو، ريلي دوران شهيد صحافي محمود سلطان چانڊيو جا پٽ محمد خان چانڊيو، عبدالرحمان چانڊيو ۽ فهد سلطان چانڊيو به گڏ هئا، جن کي بشير قريشي ۽ قومپرست اڳواڻن پيار ڪندي هر سطح تي ساڻن ساٿ جو يقين ڏياريو، ريلي ۾ جسقم ڪارڪن ۽ صحافين کانسواءِ شهيد محمود سلطان چانڊيو جا ذاتي دوست به وڏي تعداد ۾ شريڪ هئا، ريلي ۽ خطاب دوران جسقم چيئرمين شهيد جي سوڳ سبب هار پائڻ ۽ گلن جي ورکا ۽ تاڙيون به وڄائڻ کان روڪيو هو پر ان باوجود ڪيترن ئي عام ماڻهن ريلي تي گلن جون پتيون نڇاور ڪيون
    ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو