
عمر وڌي وڃي ته ياداشت هڪ مسئلو بڻجي ويندو آهي۔۔۔۔ پارڪنگ لاٽ ۾ پهچي اهو ياد نه رهي ته ڪار ڪاٿي پارڪ ڪئي هئي؟۔۔۔ مارڪيٽ ۾ ٻيهر وڃڻ ٿئي ته جنهن دڪان تان پهريان سامان خريد ڪيو هيو ان دڪان کي جانچڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي۔۔۔۔ اهڙي موقعي تي شرمندگي کان بچڻ لاءِ نيون شيون ٺاهڻ وارن هڪ نئين شي Way Back جي نالي سان ايجاد ڪئي آهي جنهن جي مدد سان توهان پارڪنگ لاٽ ۾ بيٺل کوڙ سارين گاڏين مان پنهنجي گاڏي تائين پهچڻ انتهائي آسان آهي ۔۔۔۔ ڪنهن دوست جي گهر جي درست ڳلي ۾ داخل ٿي سگهو ٿا۔۔۔ مطلب ته ڪابه اهڙي جڳهه جتي توهان ٻيهر وڃو اتي بغير ڪنهن پريشاني جي پهچي سگهو ٿا، بيشڪ توهان کي ياد هجي يا نه۔۔۔۔
هي آلو ٽن قسمن جا مقام پاڻ وٽ محفوظ رکي توهان جي درست رهنمائي ڪري سگهي ٿو ۔۔۔۔ وَي بيڪ ظاهري طور طرفن جي رهنمائي ڪندڙ ڪمپاس وانگر نظر ايندو آهي پر حقيقت ۾ هي هڪ طاقتور GSP (گلوبل پوزيشننگ سسٽم) جي طور تي ڪم ڪندو آهي۔۔۔۔ هي ايترو ته ننڍو ٿيندو آهي جوآساني سان پنهنجي کيسي يا ٻٽون ۾ اچي سگهي ٿو۔۔۔ هن جي موجودگي ۾ توهان ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي گمشده محسوس نه ٿا سمجهي سگهو۔۔۔۔۔
وَي بيڪ کي توهان ڪاٿي به پيدل ويندي استعمال ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ شاپنگ مال، اسٽيڊيم، شهر جو وچ، ڪو پراڻو ڳوٺ، ڪا اجنبي جڳهه۔۔۔ ڪاٿي به هي توهان کي مايوس نه ڪندو۔۔۔۔
هن آلي جي قيمت 95۔89 آمريڪي ڊالر آهي۔۔۔۔