شيخ اياز جون دعائون (سلسلي وار)

'شيخ اياز' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    دوستون مان هت شيخ اياز رحمةالله عليه جون دعائون ونڊ ڪيا پيو جيڪي هن پهنجي زندگي جي آخري ڏھ سالن ۾ لکيا هئا اميد آهي دوستن کي اهو سلسلو پسند ايندو ۔مهرباني

    [justify]يا رب! مون کي پنهنجي غصي تي غصو ڏي! مون ۾ پنهنجي نفرت لاء نفرت پيدا ڪر! هي منهنجي روح ۾ ڪهڙيون ٽوھ جون وليون ڦهلايون اٿئي؟ مان سراپا دعا هوس! مون ۾ هي بددعائون ڪٿان آيون؟
    يا رب!
    دشمن تي به رحم ڪر! هن کي به عذاب ۾ ، ڪنهن آزمائش ۾ نه وجھ! تون ته رحيم آهين، مان ڪير جو تنهنجي فطرت ۾ گهارا وجهان! مان ڪير جو چوان ته تون ڪنهن لاء قهر جو سيلاب ٿئ؟
    يا رب!

    تون منهنجي ويري تي به ڇپر ڇانو ٿيءُ! جي مان توکي چوان ته هن تي پهاڙ پٽي اڇلاء ته مان کي نه ٻڌ! منهنجي روح کي پنهنجي اٿاھ رحمت جي لهر بڻاء ته ٻاڄھ ڪر، تون جو ٻاجهارو آهين ، بهار جي ڪچي ڪونپل کان به ڪونئرو آهين! منهجي دشمن جي اکين مان لڙڪ ائين اگھ ،جئين آفتاب نرگس جي گل تان ماڪ اگهي ڇڏيندو آهي!

    يا رب!
    وير جو جذبو منهنجو وڏو ويري آهي . ٻي ڪنهن لاء ايذاء رسانيءَ جو خيال به اهو خنجر آهي . جو مان پنهنجي ڇاٿيءَ ۾ کوڙي رهيو آهين.
    مون کي پنهنجي ئي غيض ۽ غضب کان پناھ ۾ رک ۽ مون کي خودڪشي کان بچاءِ!

    يا رب!
    مون کي پنهنجي اخلاق جي خيرات ڏي! مون مان سڀ مدايون نهوڙي ني ۽ مون ۾ هر ڪنهن لاء خير جي خواهش پيدا ڪر!تون هر ڪنهن تي پنهنجيءَ مهر ۽ ميا جي برسات ٿيءٌ! نه فقط مون تي ٻاجه ڪر . منهجي بدخواھ تي به ٻاجه ڪر ۽ هن نيڪ نيتون ائين اڀار. جئين ٿوهر ۾ ڳاڙها گل ڦٽي پوندا آهن ۽ واريا سو لهلهائيندو آهي!

    يا رب!

    مون کي سگھ ڏي ته باقي عمر رڳو تهنجا گيت ڳايان، عارضي ۽ فانيءَ کي پنهنجي ڌيان تان هٽايان ۽ پنهنجي روح جي موسيقيءَ کي تو ۾ ائين سمايان جئين ندي پاڻ کي سمنڊ ۾ سمائيندي آهي. اها منهجي آخري دعا آهي، اها دعا قبول فرماءِ
    آمين ثم آمين
    [/justify]​
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شيخ اياز جون دعائون سلسلو 1

    هي سلسلو مان شيخ آياز جي ياد ۾‌ونڊ ڪيان پيو ۔ هي دعائون مان (شيخ آياز جا آخري ڏھ سال)
    مرتب موسى ڀٽو پبلشر؛ سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ مان ونڊ ڪيان پيو ۔ انشاء الله وقت سر هن مان سلسلي کي جاري رکبو۔
     
  3. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شيخ اياز جون دعائون سلسلو 1

    سائين بهترين

    توهان جي ڀلي تحرير۔ اياز سهڻو شاعر ، وڏو اديب
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شيخ اياز جون دعائون سلسلو 1

    سائين چوهاڻ صاحب اوهان جا لک قرب

    مون ڪجه ڏينهن اڳ ادا طاهر کي عرض ڪيو هو ته هي سال شيخ اياز جي سال طور ملهايو پيو وڃي سو اياز جي نعتيه شاعري ونڊ ڪيو۔ پاڻ اوهان جو ذڪر ڪيائون ته چوهاڻ صاحب وٽ مواد آهي اهي ونڊ ڪندا۔

    اوهان اياز جون دعائون ونڊ ڪري دل خوش ڪري ڇڏي ۔۔۔ مهرباني
     
  5. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: شيخ اياز جون دعائون سلسلو 1

    ادا اوهان جي مهرباني جو ايتري قيمتي ونڊ ڪئي اٿو، ويسي ته مان ڪڏهن ڪڏهن اياز کي پڙهندو رهندو آهيان پر زندگي ۾ پهريون ڀيرو ان جي انهن قيمتي دعائن جي ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو، جنهن جو ذريعو اوهان بڻيو۔ مهرباني اهو سلسلو جاري رکندا۔@};-@};-
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شيخ اياز جون دعائون سلسلو 1

    سائين پسند ڪرڻ لاء مهرباني اوهان جي۔۔۔۔
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شيخ اياز جون دعائون سلسلو 1



    جي ادا بلڪل اها صلاح مونکي ادي طاهر اوهان جي چوڻ مطابق مون سان ڪئي هئي سو مون لبيڪ چئي هي سلسلو شروع به ڪري ڇڏيو آهي ۔اميد آهي ته اوهان کي اهو سلسلو ضرور پسند ايندو ۔ مهرباني
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شيخ اياز جون دعائون سلسلو 1


    جي ادا شيخ اياز الله تعالى هن تي رحمتون نازل فرماء پنهنجي آخري ڏهن سالن ۾ اهي دعايه اشعار لکيا هئا جنهن کي هن جي دوست جناب حافظ موسى ڀٽو صاحب پنهنجي پبلشر مان ڇپرايو هيا سو هن ڪتاب کان اهي دعايه اشعار ونڊ ڪيان پيو ۔اميد آهي ته اوهان دوستن کي اهو سلسلو پسند ايندو۔ انشاء الله
     
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شيخ اياز جون دعائون سلسلو 1

    ٻي قسط


    يا رب!
    غرور ۽ تڪبر اهو سيلاب آهي جو تناور درخت پاڙ‎ؤن پٽي ڇڏيندو آهي. منهنجيءَ دانائيءِ کي هيچمداني ڏي! منهنجي هاٺي کان سوا سڌي رک!

    يا رب!
    منهنجي ڏات ڏينڀوءَ وانگر نه بڻاءِ ان کي پوپٽ جا پر ڏي ۽ رنگ ۽ خوشبو جو شيدائي ڪر!

    يا رب!
    مون کي دارا ۽ سڪندر جي قد وقامت نه گهرجي! مون کي حافظ جو ترنم ۽ خيام جي سرمستي عطا ڪر! مون کي شمس تبريز ۽ روميءَ واري حيرت ڏي ۽ ان ۾ قلندري شان پيدا ڪر! مان پاڻ سان حقارت به نه ڪيان ۽ پاڻ کي حقير به نه سمجهان!

    يا رب!
    هيءَ زندگي مختصر آهي ، پن تي ماڪ ڦڙي وانگر . جو اس ۾ اڏامي وڃي ٿو .ان کي صاف ۽ شفاف بڻاءِ ان ۾ نرمي پيدا ڪر!

    يا رب !
    مون کي حسد جي باھ کان پناھ ڏي! هر حاسد کي پنهنجي دوزخ مان کڍ! هن جي دل تان زنگ مٽائي ،ان کي آئيني وانگر صيقل ڪر!

    يا رب!
    مان تو اڳيان سربسجود ٿي خليل جبران وانگر چئي رهيو آهيان .“مان ڪنهن سهي کي شڪار ڪيان ، ،ان کان اڳي مون کي شينهن جو شڪار بڻاءِ!“

    يا رب!
    هر ڪنهن کي عزت به تون ٿو ڏئين ۽ ذلت به تون ٿو ڏئين ! مون ۾ اها صلاحيت پيدا ڪر ته عزت ڏسي نه اڀامان ۽ ذلت ڏسي دلشڪستو نه ٿيان.
    يا رب!
    تنهجي ساٿ کان سواءِ ، دنيا جو هر ساٿ عارضي آهي. مون کي ايتري سگه ڏي ته جڏنهن مان تنهنجي پٺيان اچان ته پنهنجا پير نه ٿڪجڻ!

    يا رب!
    منهنجا نقش قدم جيسيتائين طوفان ۾ ڍڪجي وڃن ، تيسيتائين مون کي منهنجيءَ منزل تائين رسائي ڏي منهنجا پير اڳي ئي لهو لهان آهن ،انهن کي وڌيڪ آزمائش ۾ نه وجھ!

    يا رب!
    منهنجي تقدير غيب جو حصو آهي. مان ڪير جو ان جي قبل از وقت پيش گوئي ڪري سگهان! منهنجي واڳ تنهنجي وس آهي. مان ڪير جو پاڻ وهيڻو ٿيان!
    يا رب!
    مون کي هلڪي مرڪ عطا ڪر!ٽهڪ تقدير ۾ ڏار وجهي ڇڏيندا آهن ،انهيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا ڊاهي وجهندا آهن. هر قهقهوخنجر وانگر قاتل ٿيندو آهي. مون کي ان جي اڻي کان محفوظ رک!

    يا رب!
    ڪاش!مان تنهنجي حضور ۾ مٽجي ميٽ ٿي وڃان ، پاڻ کي ڪجه به نه سمجهان ، ڪجه به نه کان به ڪمتر سمجهان!

    يا رب!
    مون کي گاھ جي پتي کان به نهٺو بڻاءِ ۽ ان کي هر طوفان کين وڌيڪ مضبوط ڪر!

    يا رب!
    منهنجي زندگي ۽ موت به تون آهين ، حال ۽ مستقبل به تون آهين مون تان پنهنجو هٿ نه هٽاءِ! اهو پوئين گهڙي تائين وڻ تي ساوڻ جي ڪڪر وانگر رهي ۽ ان جي رم جهم ۾ رتي ڀر ڪمي نه اچي!
    آمين ثم آمين
     
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شيخ اياز جون دعائون سلسلو 1

    ٽئين قسط

    يا رب!
    هي منهنجا هيرا جنهن کي چاهين ، ڏي! مون کي بلهي ۽ ڀٽائيءَ جون اکيون ڏي، جي تنهنجي اسرار ۾ پيهي سگهن .! مون کي امير خسرو وانگر ڪنهن نظام الدين اولياءَ سان ملاءِ جئين مان اهو سڪون پائي سگهان، جو دنيا مون کان سازش ڪري کسيو آهي.
    يا رب!
    شاعري شب بيداريءَ جي تخليق آهي ۽ تون ته چنڱي طرح ڄاڻين ٿو ته منهنجي هر ڪتاب جي سرورق تي تهجد جو داغ آهي!
    تون چاهين ته منهنجي هر بيت کي نشاني وانگر ، چمڪائي سگهين ٿو. تون ئي منهنجي ڏات آهين، ۽ جي مون کان منهن ڦيرين ته تون ئي منهنجي مات آهين.
    يا رب!
    مان دنيا جو طلبگار نه آهيان مان توکان اها دين مڱان ٿو جا تو ڪنهن ڪنهن شاعر کي ڏني آهي ، تون منهنجي ڪفر ۽ الحاد کي مٽاءِ منهنجو لفظ لفظ تنهنجي پرستش آهي.
    ان ۾ اها موسيقي پيدا ڪر جنهن سان ڪون و مڪان گونجي رهيو آهي ۽ جنهن جو تخليق ڪار توکان سواءِ نه ٿو ٿي سگهي!
    يا رب!
    منهنجي شاعري کي پيريءَ جي لهس نه اچي . اها سدا گلاب وانگر شگفته رهي ۽ جڏنهن تون ان کي پٽين تڏهن منهنجيءَ ڏات ۾ تنهنجي ذات جي خوشبو ملي.
    يا رب!
    مون کي ايتري مهلت ڏي ته هر گيت ۾ تهنجي گونجار ڦيلائي سگهان ،هر انسان ۾ تهنجو پرتوو ۽ هن کي تنهنجي تخليق سمجهي هن سان محبت ڪيان.
    يا رب!
    منهنجي ساري ديس کي ساڃاھ ڏي ته تهنجي واکاڻ تي ڇاڪاڻ جهڙو سوال نه پڇين.
    هن ديس کي ڪوئي اوهي پهي نه آهي .ڪوئي ڌڻي سائين نه آهي . تون ئي ان جو واهرو ٿي ، ان کي واٽ سمجهاءِ ۽ ان جي راھ مان سڀ روڙا هٽائي ڇڏ!

    تنهجي راھ ۾ اگها به سگها به آهن . جڏا به جاکوڙي آهن ، انهن کي زندگي جي پل صراط تان چيچ کان وٺي پار پهچاءَ .

    تون ئي اپائڻهار آهين، تون ئي پالڻهار آهين ، تون ئي ولھ ۾ اهو الاءُ آهين ،جنهن تي هٿ پير سيڪي. واٽهڙو وڌن ٿا.

    اسان کي اسان جي واٽ سمجهاءِ ، اسان لاءِ ايتريون مشعلون ٿيءُ تارن بريو آڪاس ڌرتيءَ سان ريس ڪري.

    آمين ثم آمين.

    ڪتاب جو نالو؛ شيخ اياز جا آخري ڏه سال
    مرتب موسى ڀٽو
    ڪمپوز . افتخار علي چوهاڻ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو