پنهنجي خبر

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
پنهنجي خبر ڪانهي




خابرو خبرون نه ڪر ڪانهئي عملن جي اوّطاق

جنين علم عمل جو تنين جي هرطرف هلي هاڪ

ڏاڏل پائي ڳٽ ڳيچيءَ ۾ تو پاتي جا پيراڻي پوشاڪ

ڪانه ويهندئي ڌاڪ جي ڳالهيون ڪرين ڳوٺن ۾۔


ڳالهيون ڪيئي ڳوٺن ۾ وهواھ جا ورتئي واڪ

اٿي هليئين اتان جتي ڦٽ اندر ٿينين ها ڦاڪ

شرم ڪونهئي شڪل ۾ نه ته مٿي پائين ها خاڪ

ڏاڏل” نڀاڳا ناپاڪ جو هٿ نه ورتئي هاديءَ جو
ُ


هٿ نه ورتئي هادي ءَ جو ، توکي چٽو چياؤن

الستبربڪم چئي قالوبلى جو قول ٻڌاؤن

رکي حَوَسَ هنج ۾ گهرين صبح شام دعاؤن

قبول نه ڪياؤن، ٿو معيارون ڏين مالڪ کي


ميارون ٿو ڏين مالڪ کي جو تو صحيح نه سڃاتئي

پرين هئي پاڻ ۾ تهن کي پاڻ ۾ ڪي نه ڪي پاتئي

من عرفه نفسه فقد عرفه ربه قول اهو ڪونَ ڄاتئي

ڏاڏل پير پنهنجو ڦا ٿئي جو دنيا دسي وڌئي ڌوڙُُ


جاري​
 
Back
Top