عجيب دنيا

'مزاحيه ۽ مرڪائيندڙ' فورم ۾ رشيدالله طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2011۔

  1. رشيدالله

    رشيدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    اسين پاڪستان ۽ ڀارت ۾ شادي جي ڇڙو هڪ ئي شڪل کان واقف آهيون. هڪ مڙس ۽ هڪ زال يا پوءِ هڪ مڙس يا هڪ کان وڌيڪ زالون. شيعه مسلمانن پنهنجي لاءِ متعه جي نڪاح جي واري کولي رکي آهي، جنهن ۾ ٿورڙي وقت لاءِ نڪاح ڪيو ويندو آهي.

    اڄ ڪلههه سعودي عرب ۾ شادي جي هڪ ٻي شڪل تمام گھڻي پاپيولر آهي.انهي شادي جو نالو المسيار آهي.

    المسيار اصل ۾ آهي ڇا؟

    هي شادي جو هڪ اهڙو روپ آهي جنهن ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪري کي انهي ڳالهه جي اجازت آهي ته اهي ڌار ڌار رهندي به هڪ ٻئي سان زال ۽ مڙس جو رشتو رکي سگھن ٿا ۽ پنهنجي سيڄ کي به سجائي سگھن ٿا.

    سعودي عرب ۾ المسيار نڪاح اهي عورتون ڪنديون آهن جيڪي طلاق ڏنل هجن، رنڊيون هجن، يا پوءِ شادي کان پوءِ پنهنجي جواني لنگھائي چڪيون هجن.

    شادي جو اهو روپ شادي نه هجن کان چڱو سمجھيو ويندو آهي.

    انهي قسم جي شادي ۾ عورت جا حق اهي ناهن هوندا جيڪي عام نڪاح ۾ هوندا آهن.

    پر مڙسن لاءِ اها آساني ضرور آهي ته اهي گھڻن خرچن ۽ نخرن کان بچي ويندا آهن.

    اهڙي قسم جي شادي جو هڪ ٻيو فائدو اهو هوندو آهي ته مڙد، ڏاج، بري ،وليمي، دعوتن، پارٽين، بنگلن، ڪارن ۽ هني مون جهڙن مسئلن کان بچي ويندو آهي. انهي ڪري گھٽ آمدني وارا ماڻهو انهي شادي کي شريعت جو تحفو سمجھندا آهن.

    جيڪي ماڻهو شادي ڪري گھر وارن جو بار کڻڻ ڏکيو سمجھندا آهن، اهي انهي شادي کي آسان سمجهندا آهن.

    ٻئي پاسي عورتن جا اهي مزا لڳل هوندا آهن ته انهن کي هر ميل ۽ ملاقات ۽ سيڄ سجائڻ وقت تحفا ۽ مال ڇڪڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. ڪيترائي ماڻهو مسيار نڪاح جي باري ۾ کلي ڪري ڳالهه نٿا ڪري سگھن. ڪيترون عورتون به اندران اندر ئي هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ مڙسن سان تعلق جوڙي وٺنديون آهن.

    انهي قسم جي نڪاح کي شيخ عبدالعزيز بن باز فتوي ڏئي جائز قرار ڏنو آهي.

    انهي قسم جي هڪ شادي جو رواج مصر ۾ به آهي جنهن کي عرفي نڪاح چيو ويندو آهي. عرفي نڪاح عام طور تي رجسٽرڊ ناهي هوندو ۽ نه ئي انهي جي سرڪاري طور تي ڪا تصديق ٿيندي آهي.

    هي سادي نموني جي نڪاح جي شڪل هوندي آهي، جنهن کي ڪوبه مولوي پڙهائي سگھي ٿو.

    جوڙي کي رب کي ضامن مڃي هڪ ٻئي کي زال مڙس جي طور تي قبول ڪرڻو پوندو آهي. انهي موقعي ٻن گواهن جو هجڻ ضروري ناهي.

    انهي نڪاح جي لکت ڪئي ويندي آهي، جنهن تي زال ۽ مڙس دستخط ڪندا آهن ۽ اهي ٻئي گواھ هوندا آهن. انهي نڪاح جون ٻه ڪاپيون هونديون آهن. هڪ زال جي ۽ ٻي مڙس جي.

    انهي نڪاح جي ضرورت انهي ڪري پوندي آهي جو شادي کان اڳ ڇوڪري ڇوڪري جي ميل جي اجازت لاءِ ڪو کيل کيڏيو وڃي. انهي عرفي نڪاح سان جسماني ميلاپ جائز ٿي ويندو آهي ۽ مرد عورت سان ڪيل ڪم جو ذميوار به ناهي هوندو.

    مصر جي سن 2000ع جي قانون مطابق جيڪڏهن لکت پيش ڪئي وڃي ته انهي نڪاح جي طلاق هق مهر جي بنا ئي ٿي ويندي آهي. انهي شادي ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪري جي خاندان جو متفق هجڻ لازمي آهي.

    جيڪڏهن شريعت جي انهي قسم جي نمونن کي ڏٺو وڃي ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ گرل فرينڊ رکڻ به جائز ٿي ويندو آهي.

    ڇا خيال آهي توهان جو ؟؟


    Send This Page
    Print this page
    MOST POPULAR


    پنجاب جو جيالو گورنر
    روشن خيالن لاءِ شٽ اپ ڪال
     
  2. رشيدالله

    رشيدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: عجيب دنيا

    هي لنڪ نيٽ تان ورتل آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو