بينظير ڀٽو

'مختلف موضوع' فورم ۾ رشيدالله طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2011۔

  1. رشيدالله

    رشيدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    ڊاڪٽر سڪندر نيويارڪ ۾ ٽيڪسي هلائي رهيو هو جڏهن 27 ڊسمبر 2007 تي پارڪ ايونيو تي پاڪستان کان سندس ڌيءُ فون تي ٻڌايو ته بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر سڪندر هتي ٽيڪسي بيهاري ڇڏي، اُهو حيران ۽ پريشان هو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ گذاريا.



    پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر هزارين ڄڻن مٿان بينظير ڀٽو جي قتل واري خبر سونامي وانگر گذري هوندي. بلڪل ائين ڄڻ استاد دامن فيض احمد فيض جي لاڏاڻي تي چيو ته ”اسانجي مٿان قيامتون اچي ويون آهن“.



    نيويارڪ ۾ جڏهن بينظير ڀٽو کي سندس دوستن پاڪستان نه ورڻ جو مشورو ڏنو هو جتي سندس زندگي کي خطرو آهي ته شهيد راڻي سندس دوستن سان مذاق ڪندي چيو هو ته ”نيويارڪ ۾ تيز رفتار ٽيڪسي جي هيٺ اچي مري سگهان ٿي“. هن ضياء الحق جي موت تي چيو هو ته ”رب جو شڪر آهي ته اسان مان ڪيترن کي ماڻهن جي سرن تان موت ٽري وئي آهي“.



    پر موت ٽري نه هئي.



    پاڪستان جي دفاعي تجزيه نگار ڊاڪٽر عائشه صديقه جو تجزيو اِهو آهي ته ”بينظير ڀٽو جو قتل اسٽريٽيجڪ قتل هو“.



    15 اپريل 2010 تي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ بينظير ڀٽو جي قتل جون حالتون ۽ حقيقتون معلوم ڪرڻ بعد پاڪستان جي موجوده حڪومت جي درخواست تي قائم ڪيل ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ واري ڏهاڙي يو اين ۾ پاڪستان جي مستقل سفير حسين عبدالله هارون کي گڏيل قومن ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻي هئي.



    اُها پريس ڪانفرنس منٽن ۽ ڪلاڪن تائين ملتوي ڪرڻ بعد هميشه لاءِ ملتوي ڪئي وئي. اِهو به هڪ اتفاق هو ته جنهن ڏهاڙي گڏيل قومن طرفان بينظير ڀٽو جي قتل جي حالتن ۽ حقيقتن تي مبني رپورٽ جو اعلان ٿيڻو هو ساڳئي ڏهاڙي پاڪستاني فوج جي سربراهه جنرل اشفاق پرويز ڪياني به آمريڪي دوري تي نيويارڪ ۾ موجود هو.



    بينظير ڀٽو ڪميشن جنهن جو سربراهه چلي جو هيرالڊو منور هو جيڪو نه رڳو چلي جو اڳوڻي سينيئر سفارتڪار هو بلڪ 11 سيپٽمبر 1973 تي فوجي آمر اگسٽو پنوشي جي هٿان چونڊجڻ بعد حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ وقت مارجي ويل صدر سلواڊور آليندي جي ويجهي ساٿي طور ساڻس ڪم ڪري چُڪو هو.



    چلي ۽ پاڪستان جهڙي ساڳئي قسمت واري ملڪن ۾ ڪيتري ساڳيائي آهي انهيءَ ڪري لاس اينجلس ٽائمز اڳوڻي فوجي آمر جنرل پرويز مشرف کي سندس آرٽيڪل ۾ پاڪستان جو پنوشي قرار ڏنو هو. ۽ ٻنهيءَ آمرن انساني حقن جي لتاڙ سوڌو ساڳئي خوش نصيبي ۽ پروٽوڪول ماڻيو.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بينظير ڀٽو

    ادا سائين ڳالهه ڪر سڌي ته ڪتي چورن سان مليل هئي ۔۔۔ وڏي سرڪار ۽ ننڍي سرڪار ملي ڪري جيڪي سنڌ سان ڪلور ڪيا آهن ۔۔۔ تن جو شاهد ته رب جبار آهي ۔۔۔

    پر اسان به ته کپي کپي ۾ سڀ ڪجهه کپائي وجهونٿا ۽ ترا نڪري وڃن ٿا ۔۔۔ بس ڙي ادا سمجهو ڪي سمجهن ۔۔۔ ڊالر جو ڪمال ۽ دوستن جي مهرباني ۔۔۔

    لک ٿورا رشيد الله صاحب ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو