ادا ڦلپوٽا ڊاٽ ميٽرڪس جي قيمت اها وري ڪڏهن کان ٿي ۔۔۔۔۔۔ ان قيمت ته انڪ جيٽ پرنٽر ملي ٿو۔۔۔ نئون ڊاٽ ميٽرڪس ته لڳ ڀڳ 16000 ۾ پوي ٿو ۽ استعمال شده به 10000 ۾ پوندو۔۔۔
خير ادا پرنس توهان کي واقعي ادا ابوزين جي ڳالهه وانگر پنهنجي مقصد کي به واضح ڪرڻ گهرجي ۽ گڏ اهو به ٻڌايو ته توهان روزانو ڪيتريون پرنٽس ڪڍندو۔۔۔ ؟ ۽ ڇا اهي رنگين هجڻ گهرجن۔۔۔؟ ته جيئن سنگت بهتر صلاح ڏئي سگهي۔۔۔
انڪ جيٽ جو پهريان ته رنگين پرنٽر جو ٽونر ننڍو ٿيندو هيو ۽ وڏي مشڪل سان 20 پنا ئي گهٽي سگهندو هو ۽ بعد ۾ ري فل ڪري هلائڻ سان پرنٽنگ جي ڪوائلٽي متاثر ٿيندي هئي پر هاڻي خبر ناهي ته ڪهڙي چائنا ڪِٽ نالي پرزو لڳائڻ کان پوءِ پرنٽ سستي ٿي پوي ۔۔۔ ان بابت به جيڪڏهن سنگت کي ڪا خبر هجي ته آگاهي ڏيندا۔۔۔