راهول رام ڀيماڻي [justify]دنيا جي تيز رفتار ترقي سان گڏ ڪيترائي ملڪ پنهنجي تعليمي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهن ۽ اهڙيون تعليمي پاليسيون جوڙي رهيا آهن جيڪي مثبت نتيجا ڏئي رهيون آهن، پاڪستان ۾ ان حوالي سان ڪي خاص قدم نٿا کنيا وڃن ۽ جيڪو تعليمي نظام آهي اهو به ڪاپي ڪلچر ۽ اسان جي معاشري جي سڀ کان وڏي برائي ڪرپشن ۽ سفارش جي ور چڙهي تباهي ڏانهن وڌي رهيو آهي، ٻين ملڪن ۾ تعليم جي حوالي سان نصاب کان وٺي امتحانن تائين مختلف نوان طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا، ڀارت ۾ به امتحانن جي حوالي سان ڪجهه تبديليون آنديون ويون آهن، آنڌرا پرديش رياست ۾ اڪيڊمڪ امتحانن ۾ به جمبلنگ سسٽم، بار ڪوڊنگ ۽ گريڊ سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن سان اتي ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن ۾ بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ۽ انٽر ميڊئيٽ ۾ 90 سيڪڙو نتيجا بهتر آيا آهن، اتي 75 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن کي اي گريڊ ڏنو ويندو آهي، اتي اڪيڊمڪ ڪانسيپٽ يعني تعليمي تصور اهو ڏنو وڃي ٿو ته شاگردن کي درسي ڪتابن تي مهارت حاصل هجي ۽ شاگرد وڌ کان وڌ مارڪون حاصل ڪن، ان حوالي سان شاگردن جي پڙهائي ۽ انهن جي ماحول تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، اسان وٽ جيئن شاگردن جا والدين توڙي استاد وڌيڪ مارڪون ڏيارڻ لاءِ تعليمي بورڊن يا يونيورسٽي جي استادن سان رابطا ڪري سٺا گريڊ ڏيارڻ جون ڪوششون ڪن ٿا، ڀارت جي اتر پرديش رياست ۾ ان بابت ماڻهو سوچي به نٿا سگهن، جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ئي تعليمي سرشتي سان ڳنڍيل هئا، انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ ڀارت پنهنجي سطح جو تعليمي نظام به آندو آهي پر اسان وٽ گهڻو ڪري اهو ئي پراڻو نظام هلي رهيو آهي، ڀارت ۾ هاڻي ته ايس ايس سي (نائين ۽ ڏهين) ۽ ايڇ ايس سي (يارهين ۽ ٻارهين) جي داخلائن لاءِ به شاگردن جي ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي ۽ اسين ته اڃان اتي پهتا آهيون جو يونيورسٽي ۾ انٽري ٽيسٽ به هاڻي متعارف ٿي آهي، ڀارت ۾ سمورن پروفيشنلز ڪورسز ۽ ٽيڪنيڪل تعليم لاءِ ته انٽري ٽيسٽ لازمي ڏيڻي پوي ٿي ته جيئن شاگرد جو معيار جاچي سگهجي، اهي انٽري ٽيسٽ وارا امتحان به رياستي سطح تي ورتا وڃن ٿا، سڄي ڀارت ۾ ڪيترن ئي ادارن ۾ ان سرشتي سان داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ڪجهه ادارن ۾ آن لائن داخلائون به ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته ڀارت آءِ ٽي جي تعليم ۾ انتهائي اڳتي آهي، ڀارت ۾ شاگردن جي مختلف شعبن ۾ دلچسپي ڏسي داخلائون ڏيڻ کانپوءِ امتحان ڏيڻ وقت ان کان فارم ۾ اهو به پڇيو وڃي ٿو ته هو اڳتي هلي چٽاڀيٽي جو ڪهڙو امتحان ڏيڻ چاهي ٿو ۽ ان امتحان لاءِ کيس اڳواٽ ئي تياري ڪرائي وڃي ٿي ۽ جڏهن اهي شاگرد پنهنجي تعليم مڪمل ڪري وٺن ٿا ته کين چٽا ڀيٽي جو امتحان ڏيڻ وقت سولائي ٿئي ٿي، ڀارت ۾ هاڻي بزنس مئنيجمينٽ جي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ اهڙي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڪيترائي شاگرد پنهنجي ملڪ ۾ روزگار حاصل ڪرڻ سان گڏ پرڏيهه ڏانهن به هليا ويا آهن، جتي کين بزنس جي ڊگري هجڻ سبب تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ روزگار آساني سان ملي وڃي ٿو، ڀارت ۾ بزنس ۽ ٻين شعبن جي تعليم ڏيندڙ ادارا ان حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪن ٿا ته جيئن ماڻهن کي اهڙن شعبن بابت ڄاڻ حاصل ٿئي ۽ اهي ان طرف مائل ٿين.[/justify] ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: اسان جي تعليمي نظام ۽ ڀارت جي ايجوڪيشن سسٽم ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ سائين منهنجا، ڦاٿي کان پو ڦٿڪي ڦٿڪي هاڻ ته ساهه به وڃڻ وارو آهي ۔۔۔ پر ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ۔۔۔ پاڪستان زنده آباد، باقي عوام ۽ ان جون ضرورتون مرده آباد ۔۔۔ جي نعري تحت پاڪستان جون پاليسيون ٺهن ٿيون ۔۔۔ ۽ چورن جا بئنڪ بيلنس اصل ڀرجي هاڻ ڦاٽڻ لڳا آهن ۔۔۔ خئير آهي اسان جاهل ئي ڀلا ۔۔۔ پيارو پاڪستان ته زنده آهي نه ۔۔۔ هندستان ۾ جيڪا اقتصادي ۽ تعليمي ترقي ٿي رهي آهي ۽ عدالتي نظام پڻ سگهارو ٿي ويو آهي جنهنجو مثال يا ڀيٽ پاڪستان سان ڏيڻ ۔۔۔۔ناممڪن ؟؟؟ ڏسجي ته ڪيستائين ٿو اهو ظلم هلي ۔۔۔ رب سڻائي ڪري، باقي، عوامي سياسي تبديلي ايندي مستقبل قريب ۾ نظر نٿي اچي ۔۔۔
جواب: اسان جي تعليمي نظام ۽ ڀارت جي ايجوڪيشن سسٽم ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ادا ونڊ جي مهرباني۔ باقي افسوس آهي جو جيتري تاڪيد اسان جي دين ۾ تعليم لاءِ ڪئي وئي آهي اهڙي ڪنهن به دين ۾ ڏسڻ ۾ نٿي اچي، پر ان جي باوجود اسان جا اهي هيڻا حال۔ الله سائين ڪو پنهنجو ٻاجهه ڪري، باقي ادا نثار جي ڳالهه وانگر ڪا تبديلي ايندي نظر نٿي اچي۔