جذباتي نه ٿيندس، هاڻي اهو ئي ٿيندو جيڪو ڪراچي وارا چاهيندا: ذوالفقار مرزا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جذباتي نه ٿيندس، هاڻي اهو ئي ٿيندو جيڪو ڪراچي وارا چاهيندا: ذوالفقار مرزا
    [​IMG]
    ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته هاڻي اهو ٿيندو جيڪو سڀ ڪراچي وارا چاهيندا. هاڻي مان جذباتي نه ٿيندس. گورنر پنجاب جي قتل کان پوءِ سيڪيورٽي جا ڪيترائي نوان پاسا سامهون آيا آهن. جمع ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن کان سوال ڪيو ويو ته ڇا متحده سان مفاهمت ٿي وئي آهي.؟ ذوالفقار مرزا چيو ته اسان جو جهيڙو هيو ئي نه ته مفاهمت جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اسان ناراض به ٿيندا آهيون ۽ هڪ ٻئي سان ملندا به رهندا آهيون. هن کان پڇيو ويو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ٻيهر شروع ٿي وئي آهي. ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ هن صحافين کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان مون کي جذباتي بڻائڻ چاهيو ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گورنر پنجاب جي قتل کان پوءِ سيڪيورٽي جا نوان رخ سامهون اچي ويا آهن. هن چيو ته اسان وي آءِ پيز ڊيوٽي تي مقرر اهلڪارن جي ڊبل اسڪريننگ ڪرائي رهيا آهيون، انهن جي موبائيل فون جو رڪارڊ ۽ بيڪ گرائونڊ چيڪ ڪرايو پيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت ڪنهن دٻاءُ تي پئٽرول جي اگهن جي قيمتن ۾ اضافو واپس نه ورتو آهي. بشڪريه عوامي آواز

    نوٽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هن جملي تي تبصرو ڪيو (هن چيو ته گورنر پنجاب جي قتل کان پوءِ سيڪيورٽي جا نوان رخ سامهون اچي ويا آهن )
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جذباتي نه ٿيندس، هاڻي اهو ئي ٿيندو جيڪو ڪراچي وارا چاهيندا: ذوالفقار مرزا

    اڙي ادا مڙس ٿي ڀاڙي ته پٽڪو به بار ۔۔۔۔ الله مالڪ آهي ۔۔۔ ويٺا رنگ ڏسو ۔۔۔ باقي پنهنجو ته ايمان آهي ته پاڪستان ۾ نه امن ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نه ٿيندو ۔۔۔ جيستائين پاڪستان قائم آهي اهو سلسلو ائين ئي هلندو ۔۔۔ هڪڙا چور ويندا ته ٻيا ايندا ۔۔۔ اسين اهڙا جو اهڙا ۔۔۔ حالت خراب ۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جذباتي نه ٿيندس، هاڻي اهو ئي ٿيندو جيڪو ڪراچي وارا چاهيندا: ذوالفقار مرزا

    ها ادا ، ڏسنداسين .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو