ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڪاڇي جي تاريخ هڪ مختصر جائزو + ( ڊاڪيومينٽري )
سنڌ لاء ڇا لکجي، بقول تاجل بيوس ته ۔۔۔ ( سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان۔ ) سنڌ جي تاريخ لاء ته ڪي اڻ کٽ دفتر گهرجن، جو ويهي سنڌ جي شهر شهر ڳوٺ، ڳوٺ، واهڻ ، واهڻ ندي،ندي،گهٽي، گهٽي، هر هڪ وڻ، هر هڪ وڻ جي پتي، پتي، ۽ سنڌ جي ڪچي ڀينڊن تي لکجي۔
هي سنڌ ڪا اڄوڪي نه آهي پر هي ته صديون پراڻي سنڌ آهي، جنهن جي محبت لاء شاه صاحب فرمايو آهي ته۔۔۔ سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار۔۔۽ وري شيخ اياز صاحب هيئن چيو آهي ته ۔۔۔۔ سهندو ڪير ميار او يار سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، شيخ اياز صاحب کان علاوه بخاري صاحب ۽ سنڌ جي ٻين شاعرن به سنڌ کي ناهي وساريو۔ سنڌ جي تاريخ جي شيدائي۔۔ رحيمداد خان مولائي شيدائي صاحب ته هڪ ڪتاب جو نالو ئي جنت السنڌ رکيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ بابت مولائي صاحب لکيو آهي۔ ۽ سنڌ لاء پنهنجي محبت جا گل نڇاور ڪيا آهن، سنڌ جو نالو ”سنڌو درياءَ“ تان پيو، جيڪو ان جو اصل ۽ شروعاتي نالو آھي آڳاٽي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ان نالي مختلف وقتن تي مختلف صورتون اختيار ڪيون آھن، جيڪي اصل ۾ بنيادي لفظ “سنڌو” جون مختلف آوازي شڪليون آھن. ، سنڌ جي نالي بابت مختلف محققن جا مختلف رايا آهن
هي اسان جي اها سنڌ آهي جنهن جو هر هڪ شهر اسان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو آهي، ۽ اسان کي گهرجي ته اسان سنڌ جي هر هڪ شهر، شهر ڳوٺ ڳوٺ جي خبر رکون ۽ وٺون، هون ته سنڌ جي هر هڪ شهر جي پنهنجي پنهنجي حيثيت آهي، ۽ پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ آهي، مگر سنڌ جي شهر ڪاڇو۔۔۔ جوهي ضلعه دادو سنڌه کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي
استاد بخاري جو شهر ۽ ضلعو دادو سنڌ لاڙڪاڻه گزيٽيئر موجب 1843ع ۾ قائم ٿيو۔ هي تعلقو پهرين ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو 1901ع ۾ دادو تعلقي کي ڪراچي مان ڪٽي ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ پوء 1931ع ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ دادو کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو، ۽ دادو ضلعي کي ست تعلقن ۾ ورهايو ويو۔ دادو، جوهي ( نوٽ ڪاڇو جوهي تعلقي ۾ اچي ٿو جنهن جو هت وڊيوز ۾ ذڪر پيش آهي ) ، ميهڙ، خيرپورناٿن شاه ، سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولا خان ( محال ڪوهستان ) دادو ضلعي جي اتر ۾ ضلع لاڙڪاڻو، ڏکڻ ۾ ضلع ٽٽو، اولهه ۾ کير ٿر جبلن جون قطارون ۽ اوڀر ۾ نوشهروفيروز، نواب شاه، ۽ حيدرآباد اچي وڃن ٿا، 2004ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت ۾ دادو کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي، ۽ دادوء جي ٽن تعلقن سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولاخان کي گڏي ڪري هڪ الڳ ضلعو، ڄام شورو ضلعو بنايو ويو آهي۔ دادو شهر لاء اهيو چيو وڃي ٿو ته هي شهر سورهين صدي جي وچ ڌاري آباد ٿيو هوندو، هن شهر تي نالو سيد دادو شاه عرف دادن شاه جي نالي تي رکيو ويو آهي، ۽ دادو کي پهرين دادن شاه جا ڀاڻ ڪري سڏيندا هئا۔ ۽ دادو شهر جي آدمشماري تقريبن 140000 ٻڌائي وڃي ٿي، ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۔جهڙوڪ ۔۔۔ علامه آء آء قاضي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ، محترم سائين غلام مرتضه شاه جي ايم سيد ، تاج محمد صحرائي، علڻ فقير محسن ڪڪڙائي ، احمد ّخان مدهوش، ڪماالدين سولنگي، عبدالله شاه ، لياقت جتوئي، عبدالحميد جتوئي، منظور سخيراڻي، پير الاهي بخش، پير مظهرالحق، ڊاڪٽر قربان جهتيال، سڪينه سمون ٽي وي اداڪارا ، محمد سليم سولنگي، ماستر محمد اسماعيل وگهيوولد محمد قاسم وگهيو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد بخش سميجو ٽي وي پروڊيوسير ، نور محمد شاه لاشاري ٽي وي اداڪار ، سيد ثابت علي شاه سنڌي مرثئي جو پهريو شاعر، عوامي شاعر ۽ عظيم انسان [URL="http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=3220"]احمد شاه استاد بخاري [/URL] (بقول ممتاز علي وگهيو ۔۔۔۔۔۔۔۔ دادو سان آ دل منهنجي دادو ۾ آ منهنجو ساه ، جنهن ۾ جيترو رکان چاه آ اوترو اڌورو ارواح ۾ )
دادو هڪ خوبصورت ۽ ٿڌي تفريحي۽ تاريخي ماڳ ( گورک ) سان پڻ مالا مال آهي۔ ۽ ڪاڇو به سنڌ جي خوبصورت استاد بخاري جي ضلعي دادو جي تعلقي جوهي سان تعلق رکي ٿو جنهن جو ذڪر اسان هت ڪنداسين۔۔۔۔ سنڌ جي مشهور عالم، ليکڪ، محقق ۽ اديب مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ۔۔( قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهون ) ۾ لکي ٿو ته جبل جي وٽ يا ڪڇ واري ملڪ کي ڪاڇو چيو ويندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌو درياهه جي ساڄي ۽ کير ٿر جابلو سلسلي جي کاٻي پاسي حمل ڍنڍ کان منڇر ڍنڍ تائين ڦهليل وارياسي، جابلو ۽ چيڪي مٽيءَ واري ڌرتي جنهن کي ڪاڇي جو نالو ڏنو ويو آهي. نئين گاج جي مست الست ۽ گجگوڙ ڪندڙ وهڪرن وچ ۾ ڪاڇو، صدين کان وٺي سنڌ ڌرتيءَ تي پنهنجي نرالي سڃاڻپ سان ساهه کڻي رهيو آهي، ڪاڇو جنهن جي زرخيزيءَ جو گهڻي ڀاڱي سانگ سارنگ جي ساٺ تي آهي، ڪاڇي جي تاريخ، ڪيتريون ئي اڳرايون هلائون ۽ ڪاهون ڏٺيون آهن، ڪاڇو جنهن ۾ مزاحمتي ڪردارن جي اڳرائين خلاف مهاڏو اٽڪائڻ واريون ڪيتريون ئي ڪٿائون اتهاس ۾ موجود آهن. ڪاڇي جي وک وک تي انهن مزاحمتي ڪردارن جي پيرن جا نشان موجود آهن. ڪاڇو جنهن جي ڪک مان ڪيتريون ئي شعور واريون هستيون جنم وٺي تاريخ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪاڇي جا شاعر، اديب، راڳي، سماج سڌارڪ، ڏاها ۽ مزاحمتي ڪردار وقت جي هر ڏاڍ جي اکين ۾ اکيون وجهي گهوريندا ۽ کيس گهائيندا رهيا آهن. ڪاڇي جون جابلو ٽڪريون ۽ وارياسا پٽ چيڪي مٽيءَ واريون زرخيز زمينون ۽ ساوا کيت، اڄ به اهڙي شاهدي ڏئي رهيا آهن. ڪاڇو سدائين علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي سجاڳيءَ جو مرڪز رهيو آهي. ادبي حوالي سان احمد خان مدهوش۔۔۔۔(عوامي شاعر احمد خان مدهوش 5 اپريل 1931ع ۾ هڪ بيل گاڏيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد حاجي فقير شغلي سندس جنم تي شاعري ڪئي هئي. احمد خان مدهوش، سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ شاعري ڪئي. سندس 2 ڪتاب ”نظر ۾ نظر بند“ ۽ ”دل جون ڳالهيون“ ڇپجي پڌرا ٿيا. کيس عوامي شاعري سبب شاهه عبدالطيف ڀٽائي ، حضرت قلندر لال شهباز، حضرت سچل سرمست، سگهڙ جلال کٽي، حضرت شهيد مخدوم بلاول، استاد بخاري سميت 25 ايوارڊن سان نوازيو ويو) ، عزيز ڪنگراڻي۔۔۔۔۔(عزيز ڪنگراڻي هڪ بهترين ڊرامه نويس سان گڏ هڪ تاريخدان ۽ محقق آهي پاڻ نثر کان علاوه شاعري به ڪندا رهندا آهن، سندس مضمون ۽ ڪالم اخبارن کانسواء ماهوار نئين زندگي ۾ پڻ سايع ٿيندا رهندا آهن، عزيز ڪنگراڻي پيشي جي حساب سان سان جوهي ڪاليج ۾ ليڪچرر آهن۔ ) طالب لغاري۔۔۔۔ (طالب لغاري ڪاڇي جا بهترين شاعر آهن پاڻ بلڪل سادا ۽ فقير صفت انسان آهن سندس شاعري به لاجواب شاعري آهي، مون ته سندس واتان ئي سندس شاعري دادو شهر ۾ هڪ اسٽيج پروگرام ۾ ٻڌي هئي جنهن پروگرام کي منان عباسي عرف ماما لالو ڪيو هو)۔۔، حميد سومرو، اڪبر جسڪاڻي۔۔۔(اڪبر جسڪاڻي جيڪو ”بتين واري ناني“ ناول جو خالق هو، جنهن کي پنهنجي ناني غربت ۾ بتيون ٻاري پالي نپائي وڏو ڪيو اڪبر جسڪاڻي جيڪو هڪ نماڻو، معصوم قسم جو اديب هو جنهن سنڌي ٻارن لاء هميشه رسالو گل ڦل سينگاري ڪڊيو،جنهن به گل ڦل پڙهيو هوندو گهٽ مان گهٽ اهو ته اڪبر جسڪاڻي کي وساري نه ٿو سگهي۔ سندس موت به هڪ عجيب واقعو هو جنهن کي بيان به ڪري نه ٿو سگهجي، ) ، خليل عارف سومرو، سڪندر سرواڻ سومرو، ڪرم رستماڻي، ابن لائق سومرو، سائين بخش رند، شمن لاشاري، خادم ٿهيم، گلزار تبسم، منظور ٿهيم کان ويندي اسير امتياز تائين، قلم، ڪارن جو قافلو، علم شعور جون ڄاٽيون ٻاري اڳتي وڌي رهيو آهي۔۔۔ سنڌ جي سدا بهار ۽ سدا حيات شاعر، مفڪر حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جن ڪاڇي لاء فرمايو آهي ته ( سنگهارن ساري،ساٿي ڏج سنيهڙا،،، سا هيڪلي گهاري،منڌ ڪاڇي ڪنڌيئن ) جوهي ڪاڇي سان تعلق رکندڙ شاعر (طالب لغاري) ڪاڇي لاء هيئن ٿو چوي۔۔۔ ( تون هونئن به مرندين ڪاڇي ۾،،، اڄ ناهر وانگر ڇال ڏئي،،، تون آءُ پهاڙيءَ پاڇي ۾،،، تون هونئن به مرندين ڪاڇي ۾.) سنڌ جو جڳ مشهور شاعر انور قمبراڻي وري ڪاڇي لاء هي الفاظ استعمال ڪيا آهن۔ ( گج، گج گوڙ، ڪاڇا ٻوڙ،، يار وطن ول آوي،، ) جنهن کي سنڌ جي جڳ مشهور فنڪار جلال چانڊئي بهترين انداز ۾ ڳايو آهي۔
ڪاڇي بابت هڪ مختصر ڊاڪيومينٽري وڊيوز رپورٽ
http://www.youtube.com/watch?v=k1ElEFFxeCw
http://www.youtube.com/watch?v=O8xz5AuXKFk
http://www.youtube.com/watch?v=xC9FGJA_ND0