سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ ڪراچي ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي سهڪار سان سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ متاثرين جي سار سنڀال لاء لڳل سچل ڳوٺ جي ڪئمپن ۽ ڀرپاسي جي گهرن ۾ رهندڙن متاثرين لاء امداد جي ڪمن ۾ مدد ڪندڙ امدادي ڪارڪنن ۽ ڊونرس کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جي سلسلي ۾ 8 جنوري 2010 تي روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ پروگرام ڪيو ويو. هن پروگرام ۾ سچل ڳوٺ ۽ ڪراچيء جي مختلف علائقن مان وڏي انگ ۾ مردن ، عورتن توڙي ٻارڙن شرڪت ڪئي.

    ٻوڏ دوران سنڌي ماروئڙن کي ڪراچيء ڏانهن اچڻ واري سڏ کانپوء تقريبن 8500 هزار ماڻهن سچل ڳوٺ جي مختلف اسڪولن ۾ قائم ڪئمپن ۾ پناه ورتي هئي. ان کانسواء گهرن ۾ به 5000 ماڻهن رهائش اختيار ڪئي هئي. سِگا جي ٽيم ان سموري وقت ۾ مختلف ڊونرس کان مددد وٺي مفت رهائش جو انتظام ، مفت خوراڪ ، سامان ۽ مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۽ دوائن جو بندوبست ڪيو. ان سموري عرصي ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن به حصو ورتو. سنڌ سلامت به وقت به وقت پنهنجي فورم تان مدد جي درخواست ڪندي رهي هئي.

    جيتوڻيڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ سنڌ سلامت بابت بريفنگ لاء ادا طاهر سنڌيء کي خصوصي دعوت ڏنل هئي پر ڪجنهن ذاتي مجبوريء سبب هو اچي نه سگهيو. پروگرام لاء ٺاهيل بئنرس ادا ابو ذين جي ڪيل ڪوششن سان ٺاهيا ويا هئا. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.

    [​IMG]

    [​IMG]

    سنڌ سلامت جو هيٺيون پمفليٽ آيل سڀني مهمانن کي پيش ڪيو ويو​
    [​IMG]

    پروگرام جو خاص مهمان سِگا جو چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب ۽ خاص مهمانن ۾ عبرت گروپ جو سرواڻ قاضي اسد عابد ، هئنڊز جو چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد جن هئا.

    پروگرام جي باقائده شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جيڪا روشن تارا اسڪول جي ٻارڙن پيش ڪئي. انکانپوء شاه جا بيت ، ڀليڪار ٽيبلوز به پيش ڪيا ويا. مهمانن کي گلدستا پيش ڪرڻ کانپوء سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽيء جي چيئرمين غلام رسول ٻٻر مهمانن کي ڀليڪار ڪئي. تنهن کانپوء سِگا سچل ڳوٺ جي جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنه رليف ڪئمپن ۾ سِگا پاران ڪيل خدمتن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي.

    پروگرام دوران مختلف ڊونرس ۽ سهڪاري امدادي ڪارڪنن کي مڃتا شيلڊس ڏنيون ويون جيڪي مختلف مهمانن جي مبارڪ هٿن سان ڏنيون ويون. مڃتا ايورڊ وٺڻ وارن شخصيتن جي لسٽ هيٺ ڏجي ٿي :

    ايوارڊ حاصل ڪندڙن جو تعارف

    سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ متاثرين جي سهائتا لاءِ سگا سچل ڳوٺ شاخ جي خدمتن ۾ ڪجهه مخير شخصيتن مالي مدد ڪئي، ڪن مختلف قسم جو سامان ڏنو، ته ڪن وري پنهنجو بي بها وقت ڏنو. انهن سڀني جي سهڪار کان سواءِ اسان لاءِ هي ڪيمپون هلائڻ ناممڪن هيو.
    زنده قومون ۽ سڄاڻ معاشرا پنهنجي محسنن ۽ بي لوث خدمتگارن جا هميشه قدردان رهيا آهن. ڇو نه اسان به مهذب معاشرن جي روايت کي برقرار رکندي، سگا سچل شاخ جو مانُ وڌائيندڙ ڪجهه شخصين کي تعريفي شيلڊون ڏئي سندن خدمتن کي ساراهيون. سگا شاخ طرفان سندن اها مڃتا يقينن ٻيهر کين اسان طرف موڙيندي.
    امدادي ڪيمپن جي هن مانڊاڻ کي مچائڻ لاءِ تمام گهڻن همدردن جو ساٿ رهيو ، پر ڪجهه شخصيتن جو خاص ذڪر ڪرڻ تمام ضروري آهي، جن جي ڪري اسان هن اهم ۽ يادگار ڪم کي احسن طريقي سان نڀائي سگهياسين:

    1. ٻوڏ متاثرين لاءِ امدادي سرگرمين ۾ تمام گهڻو تعريف جو ڳو ۽ گهڻ رخو ڪردار سگا جي سينيئر ساٿي ۽ سچل ڳوٺ جي بااثر شخصيت جناب تاج محمد وساڻ جو رهيو. يقينن سندس سهڪار کان سواءِ هي ڪيمپون بهتر نموني هلائڻ مشڪل هيو.
    2. سگا جو سينيئر ساٿي جناب گاجان خان بلوچ، جنهن جي معرفت سڀ کان پهرين سگا کي کنڊ، چانور ۽ گيهه جي وڏي کيپ ملي.
    3. روڪ رقم ۽ سامان ڏيارڻ ۾ سگا شاخ جي نوجوان ساٿي ۽ سنڌ سلامت جي مينيجنگ ايڊيٽر جناب محمد سليمان وساڻ تمام گهڻو سهڪار ڪيو،. هنن نه فقط پاڻ پر مختلف ڊونرس کان ، سوئي سدرن گيس جي وومين ايسوسيئيشن ، سوئي سدرن گيس جي آفيسرس ايسوئيشن ، سوئي سدرن گيس جي آء ٽي ۽، بلنگ ۽ ميڊيڪل ڊپارٽمينٽ کان به سهڪار ورتو. سندس قدر ڪرڻ تمام ضروري آهي.
    4. سانئڻ ڊاڪٽر شيرين ناريجو جن جو گهربل ضرورت مطابق سامان ۽ اناج پهچايو
    5. ۽ سندن ور جناب ڊاڪٽر مصطفيٰ سهاڳ اسان کي ڪارائتو سامان ڏيڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي.
    6. پروفيسر شفقت الله کوسو جي معرفت گورنمينٽ جناح ڪاليج ناظم آباد جي استادن، سگا کي قيمتي سامان ڏنو ۽ ويهه هزار روڪ به ڏنا.
    7. سگا گلشن حديد شاخ جي جنرل سيڪريٽري جناب خادم حسين ڪانڌڙو جي معرفت نه صرف اسان کي کاڌي پيتي جو سامان ۽ روڪ رقم ڏني پر کوڙ ساريون دوائون به ڏنيون جن سان ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪري سگهياسين ۽ اڃان به دوائون پيون آهن جن کي بعد ۾ استعمال ڪيو ويندو.
    8. سگا يوٿ ميمبر مهراڻ خان چنا جي ڪم کي ساراهڻ گهرجي جنهن ڪيمپ جي پهرين ڏينهن کان وٺي آخري گهڙيءَ تائين مسلسل بنا ناغي جي ڪم ڪيو. روشن تارا اسڪول واري ڪيمپ ۾ سامان جي ورهاست، رڪارڊ رکڻ ۽ خريداري وغيره ڪرڻ ۾ ان جي مدد کان سواءِ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو هيو.
    9. روشن تارا اسڪول جي شاگرد عبداللطيف چنا جي معصوم خدمتن کي ساراهڻ گهرجي هي ٻار ڪيمپ جي پهرين ڏينهن کان وٺي آخري گهڙيءَ تائين مسلسل بنا ناغي جي ڪم ڪيو. روشن تارا اسڪول واري ڪيمپ ۾ سامان جي ورهاست ۽ خريداري وغيره ڪرڻ ۾ انهن ٻنهي جي ساٿ کان سواءِ مون لاءِ ممڪن نه هيو.
    10. عوامي جمهوري پارٽي جي جناب حريف چانڊيو جي سهڪار کي به مڃتا ڏيڻ گهرجي. سندس سهڪار سان اسان کي ڊاڪٽر شيرين ناريجو ۽ ڊاڪٽر مصطفي سهاڳ جهڙا سخي مليا ۽ ڪجهه ٻين همدردن کان به سامان توڙي رقم ڏيارڻ ۾ سهڪار ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين کي سامان جي ورهاست ۾ پڻ مدد ڪئي.
    11. سگا ساٿي جناب سراج احمد ڀٽو جي سهڪار ڪري اسان ٻوڏ متاثرين کي علاج معالجي جون سهولتون احسن طريقي سان مهيا ڪري سگهياسين. ان کي به مڃتا ملڻ گهرجي.
    12. شاخ جي سگا خواتين ميمبرز ، ٻوڏ متاثرين ٻارن توڙي عورتن جي ديني توڙي دنياوي تربيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سگا سچل ڳوٺ شاخ سگا جي اها واحد شاخ آهي جنهن اهڙي سکيا جو بندوبست ڪيو. سگا خواتين ميمبرز نه صرف تربيت وارو پروگرام هلايو پر عيد جي موقعي تي ٻين ڇوڪرين ۽ خواتين کي ساڻ ڪري ٻوڏ متاثر عورتن ۽ ٻارڙين کي چوڙيون پارايون، ميندي لڳائي ۽ ٻيا عيد گفٽ ڏنا. سندن گروپ ليڊر طاهر هارون ڀٽو کي ايوارڊ پيش ڪجي ٿو.
    13. سرڪاري عمدار ڊي ڊي او روينيو جناب محمد خان رند سرڪاري طور ٻوڏ متاثرين جي سار سنڀال، کاڌي پيتي ، علاج معالجي، رجسٽريشن ۽ باعزت طريقي سان سندن واپسيءَ واري ڪم ۾ تمام گهڻو سهڪار ڪيو.
    14. مختيار ڪار جناب مهر علي چاچڙ
    15. اسسٽنٽ مختيارڪارجناب محمد اقبال جو سهڪاري ڪردار به ساراهه جوڳو رهيو.
    16. عوامي آواز اخبار جي شاهه محمد چنا جي سهڪار کي به ساراهڻ گهرجي جنهن لاڳيتو ٽن ڏينهن تائين عوامي آواز اخبار ۾ ۽ سندس زير اثر ٻين سنڌي توڙي اردو اخبارن ۾ پهرين صفحي تي نمايان طور سگا سچل ڳوٺ شاخ جي خدمتن بابت اشتهار ڇاپيو ۽ شاخ جي مدد لاءِ اپيل ڪئي. سندس ان ڪاوش سان اسان کي سچل کان ٻاهر ڪافي شهرت ملي.
    17. سگا ساٿي ۽ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين جناب حاجي علي حسن سومري، پرائمري اسڪول سچل ڳوٺ جي ڪيمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرين جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. سندن کاڌي پيتي، علاج معالجي ۽ واپسيءَ جو به جوڳو بندوبست ڪيو. ان کان علاوه سومري صاحب سگا جي ٻين خدمتن ۾ پڻ سهڪار ڪيو.
    18. سگا سچل شاخ جي نائب صدر جناب سيد منظور احمد شاهه پڻ سگا جي سينيئر ساٿي جناب غلام سرور ڀٽو ۽ سيتا ننگر ريزيڊنس ويلفيئر ايسوسئيشن جي ساٿين سان گڏجي سيتا ننگر ڳوٺ ۾ ٻوڏ متاثرين جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. ان ڪيمپ ۾ سگا شاخ جي ٻين ساٿين جو پڻ کيس ڀرپور تعاون حاصل رهيو.
    19. جنا ب عبدالرئوف بلوچ سيتا ننگر ڪيمپ
    20. جناب محمد سلطان سولنگي سيتا ننگر ڪيمپ
    21. ڳوٺ جي سماجي ورڪر ۽ پيپلز پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري جناب محمد ابراهيم ڀٽي، ڪيمپن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرين جي تمام گهڻي خدمت ڪئي . ان کان علاوه پاڻ سگا جي ڪمن ۾ به گهڻو سهڪاري رهيو.
    22. مها ٻوڏ جي متاثرين جي سچل ڳوٺ ۾ مدد، نه صرف سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن ۽ مختلف سماجي تنظيمن ۽ سياسي جماعتن ڪئي پر سچل ڳوٺ جي عام ماڻهن جو به انفرادي طور بي مثال ڪردار رهيو، سچل ڳوٺ جي رهواسين کي مڃتا ڏيندي سچل ڳوٺ جي نمائنده تنظيم ” سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪاميٽي“ کي به يادگار شيلڊ ڏجي ٿي.

    روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي چيئرمين تاج محمد وساڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيندي روشن تارا اسڪول جي خدمتن جي تفصيلي ڄاڻ ڏني ۽ مهمانن کي اپيل ڪئي ته اسڪول لاء 800 گزن تي مشتمل پلاٽ لاء ٺهندڙ بلڊنگ لاء مدد ڪئي وڃي. ڊاڪٽر شيرين ناريجو صاحبه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنهن به ورڪر يا ڊونر پنهنجي ڀائرن جي مدد ان ڪري ڪئي هئي جو هو اسان جا پنهنجا هئا ۽ اهو انسانيت جي ناتي اسان سڀني جو فرض هو. ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد چيو ته اهو ڪم جيڪو 7 آگسٽ ڇان شروع ڪيو ويو هو اهو اڃان ختم ناهي ٿيو. سخت سرديء سبب اڄ به ٻوڏ ستايلن جا ٻاررا ڪئمپن ۾ مري رهيا آهن . هن چيو ته اسان کي ماڻهن جي مڪمل آبادڪريء تائين اسان کي سندن ساٿ ڏيڻ کپي. سابق صوبائي وزير ۽ پ پ پ جي اڳواڻ عبدالحڪيم بلوچ سِگا ۽ سچل ڳوٺ ، ماروئڙا ڳوٺ ، ايوب ڳوٺ ۽ سيتا نگر جي ماڻهن کي سلام پيش ڪندي چيو ته سندن هن ڏکئي وقت ۾ ڪيل ڪم تعريف کان بالاتر آهي.

    خاص مهمان قاضي اسد عابد سِگا جي ڪيل ڪوششن تي کين سلام پيش ڪندي سموري سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته تعليم ۽ صحت طرف خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن اسان ترقيء جي ميدان ۾ مقابلو ڪري سگهون. قاضي صاحب سگا کي يقين ڏياريو ته هو بغير ڪنهن لالچ جي تعليم لاء پنهنجون ۽ عبرت گروپ جون خدمتون سگا لاء پيش ڪندو. عبرت پاران تعليمي هفتي ملهائڻ ۽ ان جي ڪاميابيء تي به هن سنڌي عوام جا ٿورا مڃيا. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن ڏکين گهڙين ۾ پنهنجي سانگيئڙن جو ساٿ ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪم اڃان پورو ناهي ٿيو اسان کي پنهنجي ماڻهن جي ٻيهر آبادڪاريء واري ڪم ڏانهن خاص ڏيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڻ چيائون ته سگا تعليم جي مد ۾ جيڪي ڪوششون ورتيو آهن ان جو ثبوت روشن تارا اسڪولن جو اهي شاخون آهن جيڪي جاگيرداريء جي اثر هيٺ رهندڙ علائقن ۾ به بهترين ڪم ڪري رهيون آهن. ڊاڪٽر صاحب چيو ته دوست اسان جو ساٿ ڏين ته اسان روشن تارا اسڪول فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آڻيون جنهن جو ڪم صرف ۽ صرف تعليم لاء هجي.
    [/JUSTIFY]

    پيش آهن تقريب جون تصويرون :

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    روشن تارا اسڪول جا ٻارڙا ٽيبلو پيش ڪندي​
    [​IMG]

    ڊاڪٽر شيرين ناريجو صاحبه ، قاضي اسد عابد صاحب کان مڃتا ايورڊ وٺندي​
    [​IMG]

    سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ، قاضي اسد عابد صاحب کان مڃتا ايورڊ وٺندي​
    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب



    ابراهيم ڀٽو ، قاضي اسد عابد صاحب کان مڃتا ايورڊ وٺندي
    [​IMG]

    پروفيسر شفقت الله کوسو ، علي حسين بروهيء کان اوارڊ وٺندي
    [​IMG]

    گاجا خان بلوچ جو اوارڊ غلام حسين بلوچ وٺندي
    [​IMG]

    محترم تاج محمد وساڻ ، قاضي اسد عابد صاحب کان مڃتا ايورڊ وٺندي
    [​IMG]

    شاه محمد چنه ، قاضي اسد عابد صاحب کان مڃتا ايورڊ وٺندي
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب



    ڊاڪٽر مصطفيٰ سهاڳ صاحب ، ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب کان مڃتا ايورڊ وٺندي
    [​IMG]

    محترم غلام رسول ٻٻر صاحب ، ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب کان مڃتا ايورڊ وٺندي
    [​IMG]

    محترم تاج محمد وساڻ صاحب تقرير ڪندي
    [​IMG]

    ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي
    [​IMG]

    جناب عبدالحڪيم بلوچ صاحب خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي
    [​IMG]

    قاظي اسد عابد صاحب تقرير ڪندي
    [​IMG]

    ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب صدارتي تقرير ڪندي
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    ادا توهانجي مهرباني جو مڪمل احوال تصويرن سميت ٻڌايو

    ادا سچ پڇيو ته پروگرام اٽينڊ ڪرڻ جو ارادو هيو پر دوست
    انئي شام جو جوهر موڙ واري علائقي ۾ هنگامان ٿيا ء بسون پڻ جلايون ويون
    صورتحال خراب هجڻ ڪري نه اچي سگهيس

    تفصيلي حال ٻڌائڻ جي مهرباني

    سنڌسلامت جي لاء تواهان جون ڪوششون تعريف لائق آهن
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    محترم وساڻ صاحب، سڀ کان پهريان ته اوهانکي هن سهڻي ۽ پيرائتي ليک جي ونڊ ڪرڻ تي سلام ۽ واڌايون قبول پون۔۔۔

    سنڌ سلامت جي پاران هڪ دفعو ٻيهر سلام ۔۔۔ انهن سنڌي سڄڻن کي جن سنڌ جي بدحال سنڌين جي خدمت ڪئي، انهن کي جي ۾ جايون ڏنيون ۽ پنهنجي رزق مان هڪ ڀاڱو ڪڍي ڀائرن جي حوالي ڪيو ۔۔۔۔

    ٻنهي هٿن جو سلام ۔۔۔

    اوهان جهڙيءَ طرح سان هن پنڊال ۾ سنڌ سلامت جي ترجماني ڪئي آهي ۽ پنهنجي هڙا وڙان خرچ ڪري سنڌ جي هن اوطاق جو مان مٿاهون ڪيو آهي ۔۔۔ ٿوري وقت ۾ بينر ٺهرائڻ، هينڊ بل تيار ڪري وٺڻ ۽ هن مجلس ۾ سنڌ سلامت جي موجودگي جو تصور اڀارڻ ۔۔۔

    ڀلا ڀاڳ ڪري ڇڏيا آهن اوهان هن اوطاق جا ۔۔۔

    اوهانکي به ٻنهي هٿن جو سلام ۔۔۔

    اوهان جهڙي طرح سان سنڌ ۽ سنڌي جي نسبت سان پنهنجي جي کي تڪليفون ڏيو ٿا ۽ ڏونگر ڏاريو ٿا، اميد ته اوهان پڻ پنهنجو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ لکرائي ويندا ۔۔۔

    سنڌ سنڌين جي آهي ۔۔۔ ۽ اوهان جهڙن دوستن کي ڏسي اميدون اڃان روشن ٿي وينديون آهن ته جڏهن سهڻا سٻاجها انسان موجود آهن ته سنڌ امڙ جو مان هميشه مٿاهون رهندو ۔۔۔

    اي رب سنڌين جي ايڪتا قائم ڪر ۔۔۔ سنڌين کي حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جي توفيق عطا ڪر ۽ سنڌ ملڪ کي دنيا جي سرخرو ٿيل قومن جي فهرست ۾ آڻڻ لا نصرت ڏي، بيشڪ تنهنجي ئي هٿ ۾ فتح ۽ نصرت آهي، اسان جون نظرون تنهنجي رحمت جون منتظر آهن ۔۔۔ آمين
     
  7. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    ادا سليمان اوهان کي رب پاڪ سوين سال حياتي عطا فرمائي۔

    اوهان جهڙا دوست اسان سان گڏ آهن ۽ هن ڌرتي تي موجود آهن ته اهو احساس ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏبو ته سنڌ ڪنهن ٻي جي آهي۔

    اوهان کي لک لک واڌايون ايوارڊ ملڻ جون ۽ اوهان جا لک لائق جو اهڙو بهترين ونڊ ڪيو اٿئو تفصيلي رپوٽ پيش ڪري۔

    سدائين گڏ۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    ڪجھ وڌيڪ تصويرون مليون آهن ، سوچيم ته اهي به اوهان سان ونڊ ڪجن۔


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    هيٺين تصوير ۾ مونسان گڏ سنڌ سلامت جو ميمبر غلام مرتضٰ وساڻ به موجود آهي
    [​IMG]

    هيٺين تصوير ۾ سنڌ سلامت جو دوست ادا نويد ڪلوڙ ، نعيم ميمڻ ۽ سليمان وساڻ
    [​IMG]
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي ٻارڙن پاران پيش ڪيل قومي گيت تي ڪيل جهمر

    http://www.youtube.com/watch?v=xymEs5Ssnus
     
  10. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي

    سدائين گڏ
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    ادا عرس مهرباني

    بس يار اوهان جو ۽ ادا طاهر جو ڏاڍو انتظار هو پر اوهان به ڪونه آيا ۽ طاهر به ڪونه آيو۔ سٺي تقريب رهي سنڌ سلامت جو دوست نويد ڪلوڙ ، تسليم ڀٽو ، علام مرتضى وساڻ گڏ هئا۔
     
  12. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    ادا سليمان وساڻ اوهان جا تمام گهڻا ۽ لک ورا جو اوهان ان پروگرام جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي اسان کي تما گهڻِ خوشي ٿي خاص ڪري انهن تصويرن ۾ جنهن ۾ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جا بينر نظر آيا يقينن اها اوهان جي ئي محنت ۽ جفا ڪشي آهي جو اوهان دوستن ايتري محنت ڪئي اوهان جا لک ٿورا ۽ قرب مولا اوهان کي آباد رکي ۽ اڄآ به سنڌ ۽ سنڌين جي حقن ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ جو مواقع فراهم ڪري آمين​
     
  13. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    السلام اليڪم ادا سليمان وساڻ صاحب

    سڀ کان پهريائين ته توهان کي اهڙو پيرائتي احوال ونڊ ڪرڻ تي جس هجي

    ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جون ڪيل ڪوششون سچل ڳوٺ ۽ فلڊ رليف جي حوالي سان انتهائي ڀرپور آهن ان تي توهان کي ابڙي صاحب چواڻي ٻنهي هٿن سان سلام
    سچل ڳوٺ جي پروگرام ۾ سنڌ سلامت فورم جي ترجماني ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    اهڙيون ڪوششون ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    توهان جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن

    سدائين گڏ
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    سائين نثار مهرباني

    يقينن سنڌ جي ماروئڙن جي مدد ڪرڻ وقت سڀني دوستن پاڻ ملهايو هو۔ خاص ڪري سگا، سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي ، پ پ پ سچل يونٽ ، جسقم ، ترقي پسند پارٽي ، عوامي جمهوري پارٽي ، جيئي سنڌ محاذ ، جماعت اسلامي وغيره ۔

    اسان جي ڀائرن کي ههڙي قهري سرديء ۾ اڃان به سهائتا جي ضرورت آهي۔ دوستن کي سندن واهر ڪرڻ ۽ مدد جي اپيل آهي۔

    سنڌ سلامت ته سڀني سنڌين جو فورم آهي ان جي بهتري ۽ ان جي تعارف لاء سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    ادا مهرباني

    اوهان جابه لک قرب جو پوري پروگرام کي سنوارڻ ۾ اوهان به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو۔
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    ادا علي اوهان جا قرب

    سنڌ سلامت جو ميلو جن دوستن مچايو هو اسان ته انهن جي مقابلي ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪم نه ڪيو آهي۔ اها ته اوهان جهڙن دوستن جي حب آهي ۽ سنڌ سان پيار آهي جو هن ساٿ م سڀ گڏ آهيون۔

    بينرن جي سلسلي ۾ ادا ابوزين جا ٿورا جن منهنجي ننڍڙي عرض کي اگهائيندي پنهنجا ڪم ڇڏي رات جو مونکي بينر ڊزائن ڪري موڪليا جيڪي مون صبح جو پرنٽ ڪرايا۔

    دوستن جو ساٿ هوندو ته سنڌ سلامت جي هيء اوطاق به آباد هوندي
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    ادا فقير اوهان دوستن جا قرب

    سنڌ ، سنڌ سلامت ۽ سچل ڳوٺ کي مان گهڻي اهميت ڏيندو آهيان۔ سنڌ پنهنجي ماء آهي ، سچل ڳوٺ ۾ پنهنجو گهر آهي ۽ سنڌ سلامت اسان جي اوطاق آهي۔ جيڪڏهن مان انهن لاء ڪجه ڪيان ته سمجهو مان پنهنجي لاء ۽ پنهنجن لاء پيو ڪيان جو اوهان سڀ منهنجا ڀائر ۽ ساٿي آهيو۔
     
  18. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    ادا محمد سليمان وساڻ ماشاالله توهان ڌرتي جي حلالي پُٽ وارو ڪردار ادا ڪندي سگا واري پروگرام ۾ سنڌ سلامت جي آواز کي ساري دنيا جي سنڌين سان هم آواز ڪرايو، توهان جي تصويري رپورٽ ۽ اکين ڏٺو احوال تمام تمام تمام زبردست رپورٽ لا توهان لکين کيرون لهڻو۔ سنڌ سلامت جا بينر پينا فليڪس وارا تمام شاندار ڏيک ڏئي رهيا آهن۔ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿِي ته ادا محمد سليمان وساڻ توهان سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي پنهنجي لازوال ڪوششن جي بدولت بُلندين تي پهچائي ڇڏيو۔ دوست هي نثارناز سنڌ جو جيتامڙو ۽ ٽي درجي وارو شاعر توهان کي دل جي گهرائين سان واڌيون ڏي ٿو ۽ ٻنهي هٿن سان سلام ڪري ٿو۔ شال جُڙيو هُجين۔
    ترقي جي واٽ هر هنڌ سر عام
    فقط سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام​
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جا ٿورا اوهان سنڌ سلامت جا ڇپر ڇانوَ آهيو۔ هيء هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪئي هئي پوء اوهان جي ڪيل محنتن جي هزاروين حصي جي برابر به ڪونهي۔

    ٻوڏ متاثرين جي سهائتا لاء سگا جون ڪيل خدمتون اڻ کُٽ هيون ، پوء هنن انهن دوستن کي نه وساريو ۽ سندن مان رکندي کين اوارڊ ڏنا۔ سنڌ سلامت جو سهڪار به ساڻن گڏ هيو۔ دوستن جا ٿورا جن سنڌ سلامت کي ماڻ ڏنو۔

    دعائن ۾ ياد ڪجو
     
  20. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

    سڄي سنگت جا شڪر گذار جن هي رپورٽ پڙهي پنهنجا رايا ڏنا۔ سنڌ سلامت هاڻي سچل ڳوٺ ۾ گهڻي مقبوليت ماڻي آهي۔ سگا سان گڏ انهن سڀني سڄڻن کي سلام جن مروئڙن جي ٻوڏ دوران واهر ڪئي،

    سچل جون گهٽيون سنڌي سڄڻن سان ڀريل آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو