سلمان تاثير جي قتل جا محرڪ، نتيجا ۽ اثر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سلمان تاثير جي قتل جا محرڪ، نتيجا ۽ اثر​



    ڪامريڊ خادم ٿھيم

    سلمان تاثير جو قتل نه ته شروعات آھي ۽ نه ئي وري پڄاڻي ، دراصل ھي قتل سياسي قتل جي تاريخ جو صرف ھڪ تسلسل آھي ۽ جيڪڏھن ان نقطي تي اتفاق ڪجي ته سلمان تاثير جوقتل ذاتي رنجش، مذھبي جذبي يا ڪنھن داخلي نفرت جو نتيجوناھي پر ھي قتل پنھنجي جوھر ۾ مڪمل سياسي قتل آھي ته پوءِ ان جا پاڪستان جي مستقبل جي سياست تي گھرا سياسي اثر پوندا ـ ڪنھن به انسان جو قتل بذات خود ڪو مقصد نه پر ڪنھن مقصد جي حصول خاطر ھڪ انسان جو ٻئي انسان خلاف انتھائي قدم ھوندو آھي ـ سلمان تاثير جي قتل پويان پڻ سياسي مقصد ڪارفرما آھن ـ بيشڪ پاڪستان جي قيام لاءِ مذھب کي دليل طور استعمال ڪيو ويو پر اھا به ھڪ حقيقت آھي ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ پاڪستان کي مذھبي رياست قرار نه ڏنو ويو ۽ پاڪستان کي ھڪ مخصوص مذھبي رياست پھريون دفعو 1973 جي آئين تحت قرار ڏنو ويو يعني آئين جي آرٽيڪل نمبر 2 ذريعي پاڪستان کي ھڪ مذھبي رياست ۾ تبديل ڪيو ويوـ 73 جي آئين جي آرٽيڪل نمبر 2 کان پوءِ پاڪستان ۾ مذھب ، “خدا ۽ انسان جي وچ ۾ معاملي” يا ھڪ آفاقي اصول مطابق ته “مذھب ھر شخص جو ذاتي معاملو آھي” جي جاءِ تي مذھب، رياست ۽ معاشري وچ ۾ معاملي جي شڪل اختيار ڪري ويو ۽ اڄ تائين جي معاشرتي تاريخ اھو ثابت ڪيو آھي ته رياست ۽ معاشري جي وچ ۾ ڇڪتاڻ اڻ ٽر آھي ۽ اھو تضاد تسيتائين جاري رھندو جستيائين رياست آھستي آھستي مٽجي نه ٿي وڃي ـ نتيجي ۾ پاڪستان جي رياست سان معاشرتي ٽڪراءُ پڻ اڻ ٽر آھي پر ان ٽڪراءَ کي رياست ۽ معاشري وچ ۾ فطرتي ٽڪراءَ بجاءِ مذھب خلاف ٽڪراءَ جو رنگ ڏنو ويو ته جيئن گروھي مفادن جي حصول ۽ حفاظت لاءِ دليل ڏئي سگھجن ـ ٽڪراءُ جي ان شڪل جي نيتجي ۾ رياست ۽ معاشري وچ ۾ ٽڪراءَ جي اصل شڪل کي پڻ دٻائي ڇڏيوـ مخصوص مذھبي رياست ھجڻ سبب پاڪستان ۾ فوجي ڪودتا جا رستا ھموار ٿيا، رياست مذھبي فتوا جاري ڪري مذھبي فرقي واريت کي پيدا ڪيو، ته ٻئي طرف معاشري ۾ مذھبي مت ڀيد پيدا ڪري بنيادي انساني حقن جي تصور جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ ويھين صدي جي رياست بابت ان اصول کي پائمال ڪري ڇڏيو ته “ تمام شھري رياست جي نظر ۾ برابر آھن ، تمام شھرين لاءِ رياست جا قانون ۽ قانوني حق ھڪجھڙا آھن ” ضياءَ شاھي مارشلا پاڪستان جي پھرئين فوجي ڪودتا ھئي جنھن 73 جي آئين جي آرٽيڪل 2 کي پنھنجي دليل طور استعمال ڪيو ۽ ان کان پوءِ مسلسل يارنھن سال ضياءَ شاھي آمريت 73 جي آئين ۽ خاص طور تي آرٽيڪل 2 جو سھارو وٺي اھڙا قانون ٺاھيا جن جو بنياد منطق، دليل، معاشرتي گھرجن ۽ معروضي حالتن تي نه پر طاقت ۽ گروھي سياسي مفادن تي رکيل ھئا ـ رياست نه ته الھامي آھي ۽ نه ئي وري آفاقي پر سياسي معاشي ٽڪراءُ جي اعلي ترين شڪل آھي ان ڪري رياست جي ھر قانون پويان سياسي ۽ معاشي مفاد ئي ڪارفرما ھوندا آھن، سياسي ۽ معاشي مفادن جي بدلاءَ جي نتيجي ۾ قانونن ۾ بدلاءُ پڻ اڻ ٽر ٿي ويندو آھي ان ڪري پاڪستان جا قانون به ان اصول ۽ بدلاءَ کان مٿڀرا ڪونھن ـ رياست ۽ معاشري جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ کي ئي سياست چئبو آھي ۽ اھا مداخلت نه صرف ھر شھري جو جمھوري حق آھي پر ساڳئي وقت انساني جبلت جو پڻ حصو آھي ڇاڪاڻ ته انسان جو معاشرتي شعور انسان کي ان قسم جي مداخلت لاءِ ھر وقت تيار رکي ٿو اھڙي انساني جبلت کي روڪڻ آمريت ۽ اھڙي جبلت تي عمل ڪرڻ جي اجازت کي جمھوريت چئبو آھي پر اھي تمام ترڪيبي جزا (سياست، جمھوريت، آمريت ۽ رياستي قانون) سماجي ۽ معاشي ٿين ٿا نه ڪي الھامي، ان ڪري اھي ھميشه ارتقا پذير ۽ تبديلين جي زبردست لپيٽ ۾ رھندا آھن ، پر اھڙي مداخلت جي مذھب يا عقيدي ۾ اجازت نه ھوندي آھي انڪري سياست اختلاف راءِ جي رحجان سان ۽ مذھب يا عقيدو مڪمل يقين تي ٻڌل ٿئي ٿو جنھن ۾ اختلاف راءِ جي گنجائش مڪمل طور تي ختم ٿي وڃي ٿي ـ ڇاڪاڻ ته مذھب يا عقيدو الھامي ٿئي ٿو ان ڪري مذھب کي سياست سان جوڙي ڏسڻ ڪنھن به طرح سان درست ناھي ـ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي لاءِ مسلم ليگ مذھب کي پنھنجي دليل طور استعمال ڪيو پر اھا به حقيقت آھي ته پي پي پي 73 جي آئين جي شڪل ۾ ان دليل کي رياستي طاقت جي شڪل ڏئي ڇڏي ۽ پاڪستان ۾ يورپ جي اونداھين دور ۽ قرون وسطيٰ جي تاريخ جي شروعات ٿي وئي ـ پاڪستان ۾ ھر سياسي عمل مذھبي دليل سان ٿيڻ لڳو جنھن جي نيتجي ۾ پاڪستان جي پوري تاريخ انساني رت سان رنگجي چڪي آھي ۽ اھو سلسلو تيستائين جاري رھندو جيستائين 73 جو آئين لاڳو رھندو ـ پاڪستان جا تمام قانون آئين جي روشني ۾ ٺاھيا وڃن ٿا ۽ ناموس رسالت جو قانون پڻ 73 جي آئين جي آرٽيڪل 2 مطابق ٺاھيو ويو آھي نه صرف ايترو پر انھي آرٽيڪل 2 جي بنياد تي ئي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کي اھو چوڻ جي ھمت ٿي ته “سپريم ڪورٽ پارليامنٽ کان مٿانھون ادارو آھي” اھو جملو دراصل آرٽيڪل 2 جو اڻ ٽر نتيجو آھي جنھن جي نتيجي ۾ پارليامنٽ ثانوي ادارو بنجي ويو آھي ـ جنھن ملڪ ۾ پارليامنٽ جي حيثيت ثانوي اداري واري ھجي ان ملڪ ۾ جمھوريت ۽ عوام جي راءِ فقط ھڪ ڊرامو بنجي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ موجوده مذھبي شدت پسندي جي تاريخ دراصل پاڪستان جي 1973 جي آئين جي تاريخ آھي پاڪستان جي ڏکڻ ۽ اتر سرحدن تي، امام بارگاھن ۽ مسجدن تي خود ڪش حملا ان آئين جو اڻ ٽر نتيجو آھن ان ڪري پاڪستان ۾ ضياءَ شاھي فوجي ڪودتا ، ڀٽي جي ڦاسي، خودڪش حملن جي سياست ، مذھبي رياستي قانون ، بي نظير ڀٽو جي شھادت کان وٺي سلمان تاثير جي قتل تائين ٻين سببن سميت 1973 جو آئين پڻ ھڪ وڏو محرڪ آھي سو چئي سگھجي ٿو ته جنھن الزام تحت سلمان تاثير کي قتل ڪيو ويو آھي ان جي شروعات دراصل 1973 جي آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽو شھيد کان ئي ٿي ـ جيڪڏھن ذوالفقار علي ڀٽو آئين ۾ ترميم ڪري آئين ۾ آرٽيڪل 2 جو اضافو نه ڪري ھا ته ضياءَ کان وٺي ممتاز قادري (سلمان تاثير جو قاتل) تائين مذھب کي دليل طور استعمال نه ڪري سگھن ھا ۽ رياست ۽ معاشري وچ ۾ فطرتي ٽڪراءُ معاشري کي ترقي، منطق ، دليل، سماجي برابري، معاشي انصاف طرف وٺي وڃي ھا بلڪل ائين جيئن اسين پنڌ ھلڻ وقت زمين کي پوئتي اڇلائيندا آھيون ۽ رد عمل ۾ زمين اسان کي اڳتي ڌڪيندي آھي جنھن جي نتيجي ۾ اسين ھزارين ميلن جا فاصلا طئي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آھيون ـ 73 جو آئين معاشري جي ارتقا سامھون ديوار چين وانگر بيٺل آھي ـ سلمان تاثير جو ناموس رسالت قانون بابت موقف اختيار ڪرڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي بطور سياسي جماعت جنھن تنظيمي ويڳاڻپ ۽ سياسي لاتعلقي جو مظاھرو ڪيو اھو نه صرف قابل مذمت آھي بلڪه پيپلز پارٽي جي تاريخ اھڙي قسم جي ويڳاڻپ ۽ سياسي لاتعلقي سان ڀري پئي آھي ـ 1983 ۽ 1986 جي تحريڪ جڏھن عروج تي پھتي ۽ عوام فيصلا ڪن ويڙھ لاءِ مورچا سنڀالي ورتا ته پيپلز پارٽي موقعي پرستي جو شڪار ٿي سمجھوتي بازي جا رستا ڳولڻ لڳي ۽ ان عظيم تحريڪ کي منزل تائين پھچائڻ بجاءِ ناڪام تحريڪن جي تاريخ جي ورقن حوالي ڪري ڇڏيو ـ ان کان وڌيڪ افسوس ناڪ مثال خود پارٽي جي باني جو وٺي سگھجي ٿي جڏھن ڪال ڪوٽڙي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو شھيد شديد تنھائي جو شڪار ھو ڇاڪاڻ ته سندس پنھنجي پارٽي پي پي پي موقعي پرستي ۽ سمجھوتي بازي کي چنبڙي ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ پيپلز پارٽي جا مھندار ڪاڪ ٽيل پارٽيون انجواءِ ڪري رھيا ھئا پر حال جو مثال خود محترمه بي نظير ڀٽو جو قتل آھي قاتل جي ھر روپ سان سمجھوتي بازي ڪئي وئي ته جئين اقتدار جا مزا ماڻي سگھجن ـ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ، پاڪستان جي اھا واحد پارٽي آھي جنھن کي سلمان تاثير جي موقف جي گھرائي، شدت ۽ تبديلي جي اھڃاڻ طور احساس ھئو ان ڪري ڪميونسٽ پارٽي ھنگامي طور 25 ڊسمبر 2010 تي پنھنجي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس ديري مراد جمالي بلوچستان ۾ گھرائي ورتو ۽ اجلاس ۾ هيٺئين قرارداد منظور ڪئي وئي، “جنرل مشرف سزا يافته نواز شريف کي سعودي عرب حوالي ڪري ڇڏيو ۽ عدليا خاموش رھي پر ھڪ غريب ۽ بي قصور آسيه بي بي کي اھا رعايت حاصل نه ٿي سگھي ـ صرف ھڪ اخباري بيان جي بنياد تي ته صدر پاڪستان آصف زرداري آسيه بي بي کي آزاد ڪري ڇڏيندو، لاھور ھائي ڪورٽ تڪڙو ايڪشن کڻندي صدرپاڪستان کي ان فيصلي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ـ اھو پھريون دفعو ٿي رھيو آھي ته توھين رسالت جي ملزم بابت گورنر ۽ صدر پاڪستان جي سطح جي ملڪي سربراھن ايڪشن ورتو آھي ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته موجوده حڪمرانن کي پڻ پاڪستان جي 1973 جي آئين جي شق نمبر 2 جي سختي محسوس ٿي رھي آھي جنھن جو مظاھرو ناموس رسالت جي قانون ۾ ترميم ڪرڻ ذريعي ڪيو وڃي پيوـ سڄي پاڪستان ۾ آسيه بي بي کي بي قصور قرار ڏيڻ لاءِ احتجاجي مظاھرا ٿي رھيا آھن ھي عمل جيڪو رياستي ادارن ۽ معاشري ۾ ھڪ ئي وقت نظر اچي رھيو آھي پاڪستان ۾ سيڪيولر تحريڪ ۾ تيزي اچڻ جون نشانيون ٻڌائي رھيوآھي ، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان کي گھرجي ته ان تحريڪ کي منظم ڪري ۽ فيصلاڪن شڪل طرف وٺي وڃي ۽ ان مقصد لاءِ ڪميونسٽ پارٽي کي وسيع تر سيڪيولر جمھوري قوتن جو محاذ تشڪيل ڏيڻ گھرجي ـ” ته ٻئي طرف پنھنجي سياست لاءِ مذھب کي دليل طور استعمال ڪندڙ قوتون پڻ سرگرم عمل ٿي ويون نه صرف سياسي طور ملڪ گير احتجاجي مظاھرا ۽ شٽر بند ھڙتالون ڪيون ويون پر غير انساني حرڪتن تائين ڪرندي سلمان تاثير بابت واجب القتل جي فتويٰ جاري ڪري ڪروڙين رپين جو انعام جو پڻ اعلان ڪيو ويو ته رياست جيڪا ھر شھري جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ذميوار آھي بي وس نظر آئي ته حڪومت جيڪا عوام آڏو جوابده آھي تماش بين بڻي رھي ۽ پيپلز پارٽي جنھن جو جيالو پنھنجي پارٽي لا۽ ھر قسم جي قرباني ڏئي رھيو ھو پيپلز پارٽي بطور سياسي جماعت تنظيمي ويڳاڻپ ۽ سياسي لاتعلقي جو شرم ناڪ مظاھرو ڪيو ۽ اھو عمل ايترو ئي حيرت انگيز ۽ افسوس ناڪ آھي جيترو محترمه بي نظير ڀٽو جو پوسٽ مارٽم جي ضروري قانوني ۽ اخلاقي عمل کي روڪڻ يا ان کان انڪار ڪرڻ آھي ـ جان سان مارڻ جي ڌمڪي بابت پاڪستان ۾ قانون موجود آھن ته پوءِ سلمان تاثير کي ڌمڪين ڏيڻ وارا قانون جي پڪڙ کان ڇو محفوظ رکيا ويا ؟ جڏھن ھڪ اھڙي جماعت جيڪا تنظيمي ويڳاڻپ ، سياسي لاتعلقي، سمجھوتي بازي ، موقعي پرستي جي دلدل ۾ ڦاٿل ھجي اھا جماعت پاڪستان ۽ ان جي عوام کي ڪئين دھشت گردي، معاشي بدحالي، سياسي ناانصافي، بي روزگاري وغيرهه جي دلدل مان ڪڍي سگھي ٿي؟ ان ڪري پاڪستان جي عوام کي ھاڻ اڳتي وڌڻ جي ضرورت آھي جيڪو عوام گذريل چاليھن سالن کان پيپلز پارٽي سان گڏ آھي پر افسوس پيپلز پارٽي عوام کان سواءِ باقي سڀني سان گڏ آھي ـ پي پي جي اھا روش ھڪ طرف پيپلز پارٽي کي خارجي ۽ داخلي طور زبردست ھاڃو رسائي رھي آھي ته ٻئي طرف عوام دشمن قوتن کي ڏينھون ڏينھن مضبوط ڪري رھي آھي ـ 1973 جي آئين جي خالقن ۽ محافظن ۽ پنھنجي سياست جي لاءِ مذھب کي دليل طور استعمال ڪندڙ قوتن کي اھا ڳالهه سمجھڻي پوندي ته بدلاءَ ۾ ئي بقا آھي ۽ معروضي حالتن پٽاندڙ پاڪستان جي آئين کي سيڪيولر ۽ جمھوري آئين ۾ نه بدلايو ويو ته پاڪستان جي بقا ھڪ سواليه نشان بنجي ويندي ـ
    بشڪريه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو