خاموشي قاتلن جي حق ۾ آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خاموشي قاتلن جي حق ۾ آهي

    ڪريم لغاري

    [JUSTIFY]ابن انشاءَ پنهنجي شاعري ۾ اورنگزيب عالمگير جهڙي رُجعتي کي چيو هيو (نا ڪوئي نماز ڇوڙي نه ڪوئي ڀائي زنده ڇوڙا). پنجاب جو گورنر سلمان تاثير ڪير هو؟ سڀ کي اُها خبر آهي هو پاڪستان پيپلزپارٽي جو امير ڪارڪن هيو . سياسي ۽ سماجي حوالي سان مڃيل ترين سيڪيولر ۽ لبرل سوچ رکندڙ ماڻهو هيو ۽ اها به سڀني کي خبر هوندي ته ميڊيا جي ميدان ۾ هن جون سگهاريون اجاره داريون هيون. رڳو معاشي حوالي سان نه بلڪه سندس نجي ادارن ۾ سخت گير ليفٽ کان ويندي تمام گهڻي رجعتي رائيٽ ونگ کي به ڪوريج ملندي هئي. اُتان کان اسان انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪيون ٿا ته گورنر سلمان تاثير جمهوري قدرن جو قائل هيو ۽ تنهن کانپوءِ هو پاڪستان پيپلز پارٽي جي انهن ماڻهن مان هڪ هيو جن ماضي ۾ رائيٽ ونگ جي اسٽبلشمينٽ سان وک وک تي جهيڙيو هيو ۽ انهيءَ رجعت جي مخالفت ڪئي هئي ۽ اها ٺوس تاريخي حقيقت آهي ته پيپلزپارٽي ۽ اسٽبلشمينٽ ٻه متضاد ڌريون آهن. هنن ۾ مفاهمت يا نام نهاد مصالحت ڪڏهن به نٿي ٿي سگهي. هي ٻئي عنصر سائنسي حوالي سان پنهنجي جوهر ۾ برسر پيڪار رهندڙ آهن. هنن جي وچ ۾ مصالحت ڪڏهن به ڪا نه ٿيندي ۽ الميو اهو آهي ته پيپلزپارٽي هر دور ۾ هن متروڪ شده قوتن کي پناهه ڏيڻ چاهي آهي يا هنن کي راضي ڪرڻ لاءِ هنن ڏانهن امن ۽ دوستي جا هٿ وڌايا آهن. پيپلزپارٽي پنهنجي تاريخ ۾ هينئر تاريخي المين جو شڪار آهي. شروعات ڪٿان ٿئي ٿي شين کي سائنسي بنيادن تي پرکينداسين ته حرڪت جي قانون مطابق شيون يا ته اڳيان ڏانهن سفر ڪنديون يا پوئتي هٽنديون.

    مولانا مودودي هڪڙي هٿ ۾ قرآن ۽ ٻئي هٿ ۾ ماني کڻي آيو هيو ته اوهان ڪنهن کي ووٽ ڏيندو ماني کي يا قرآن کي؟ ماڻهن ڇا ڪيو هو اها تاريخ گواهه آهي. نتيجي ۾ پيپلزپارٽي ماڻهن کي ڪيئن مايوس ڪيو؟ پيپلزپارٽي جي پهرين گورنمينٽ ۾ سڀني بنيادپرستن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي بدلي ۾ پي اين اي کي اٿاريو ويو. هنن ئي بنيادپرستن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل گورنمينٽ جو تختو اونڌو ڪيو ۽ بعد ۾ هن کي تخته دار تي پهچائي ڇڏيائون ۽ پيپلزپارٽي ان جو ڪارڪن ۽ ان جو ووٽر ڊگهي ڪنسنٽريشن ڪيمپ ۾ هليا ويا. ڇا رهيو هيو جيڪو جنرل ضياءَ پاڪستان پيپلزپارٽي جي عظيم ورڪرن سان نه ڪيو.
    پيپلزپارٽي جا اڳواڻ پاڻ اها ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ سوچ آهي جيڪا پيپلزپارٽي جي مخالفت ڪري ٿي. جنرل ضياءَ واري سوچ (نفسيات) جيڪا پيپلزپارٽي جي سخت خلاف آهي.بنيادپرست اينڪر، ليکڪ، صحافي ۽ ميڊيا جا وڏا وڏا ادارا ڏسو سڀئي پيپلزپارٽي جي گورنمينٽ کي ويڙهي کڻڻ لاءِ پنهنجا سمورا حربا استعمال ڪندي نظر ايندا. هاڻ جنرل واري نفسيات کي اُهي ادارا عام ماڻهو جي سوچ ۾ تحليل ڪرڻ يا ذهن نشين ڪرائڻ ۾ چڱي ڀلي ڪاميابي ماڻي ويا آهن. اهو صرف انهيءَ ڪري جو پاڪستان پيپلزپارٽي شروع کان غلط فيصلا ڪندي آئي آهي. پيپلزپارٽي ۽ ان جي قيادت سمجهي ٿي ته اسان نيو لبرل پاليسي تي عمل ڪنداسين. عالمي ادارن سان سهڪار ۾ رهنداسين. عالمي ادارن جي چوڻ تي پاليسيون جوڙين ٿا اسين ته ملڪ جو هر ماڻهو اولهه جي ماڻهن جيان سوچڻ شروع ڪندو ۽ سماج مان غير جمهوري رويا ۽ سوچون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون ۽ نتيجي ۾ غير جمهوري ڌريون به پنهنجو موت پاڻ مري وينديون! انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سماجي حوالي سان جمهوري فڪر ۽ سوچ کي اڳيان آڻبو ته غير جمهوري ۽ رجعتي ڌرين جو تاريخي موت هوندو. مگر حقيقي ڪهاڻي پيپلزپارٽي کي سمجهه ۾ ڪو نه ٿي اچي. هي ساڳيو اولهه جنهن طرز جي جمهوريت جي اسان کي ڳالهه ٻڌائي وڃي ٿي، اهو اولهه جڏهن اسان جي ملڪ جي عسڪري توڙي سياسي قوتن کي روس خلاف طالبان ذريعي ويڙهائي رهيو هو ته تڏهن به انهيءَ سامراج جي پنهنجي ذاتي توڙي سندس اتحادين جي سماجن ۾ جمهوري ڍانچا هيا . عالمگير سامراج کي فقط پنهنجا معاشي مقصد عزيز هيا، هن تڏهن اسان مٿان خوني آمريت مڙهي هئي ۽ اڄ وري هو اسان جي ماڻهن لاءِ جمهوريت ۽ روشن خيالي کي کڻي آيا آهن. پهرين ڳالهه ته جمهوريت جيڪا سرمائيداري سسٽم جو حڪومت ڪرڻ وارو دستور آهي اهو تڏهن نالي ماتر ڪامياب ٿيندو جڏهن انهيءَ دستور کي پنهنجا سماجي ڍانچا ۽ پيداوار جا ذريعا فراهم ڪجن. جيڪو عمل تاريخي طور تي يورپ جا سماج پنهنجي درست وقت تي مڪمل ڪري آيا آهن.

    هتي نيم سرمائيداري آهي، نيم جاگيرداري ۽ اڌ جيئرو اڌ مئل قبيلائي نظام آهي. ڪو به ڏاهو ڪو به دانشور اسان کي اهو واضح ڪري ڏي ته پاڪستان ۾ صرف هڪڙو نظام آهي جيڪو سماجي ڍانچن تي حڪومت ڪري ٿو؟ شايد سائنسي دليل ڪنهن وٽ به موجود نه هوندو.

    خود پيپلزپارٽي وارا جيڪي جمهوري قيادت ٿيڻ لاءِ هر دم تيار آهن انهن وٽ جاگيرون ڪو نه آهن؟ ڀلا مذهبي بنيادپرستي جون حقيقي پاڙون ڪهڙي نظام جي پيٽ ۾ هونديون آهن؟ بقول سموري لبرل تاريخ جي غلام داري ۽ جاگيرداري ۾. سلمان تاثير بيشڪ سرمائيداري جمهوريت لاءِ عظيم جذبات رکندڙ ماڻهو هيو. ڀلا هي پير مير ۽ اڻ پڙهيا وڏيرا سلمان تاثير جيان سوچي سگهن ٿا؟ جيڪي پ پ ۾ گهر ڪيو ويٺا آهن. شايد ائين ته ڪڏهن ٿي به نٿو سگهي. اڄ جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان پوءِ پيپلزپارٽي جي هڪڙي ٻي وڏي ليڊر کي قتل ڪيو ويو آهي ته جوابن ملڪ جو نام نهاد جمهوريت پسند ڌريون مجرمانه خاموشي ۾ وڃائجي ويون آهن. آخر ڇا مطلب آهي انهيءَ رويي اختيار ڪرڻ جو. پيپلزپارٽي جي نااهل لڏي سميت اوهان سڀ جنرل ضياءَ واري ڊريڪولا ٽائيپ فلم جي هن نئين پارٽ کي قبول ڪرڻ تي لهي آيا آهيو يا اوهان سڀئي گڏجي انهيءَ ملايت واري مونسٽر جي آجيان ڪندؤ؟

    ڪيتريون نه نااهل ۽ ننڍڙيون پيون ڏسڻ ۾ اچن اُهي ڌريون جن پنهنجي سموري سياسي تاريخ ۾ پنهنجي پاڻ تي آزادي پسند، ترقي پسند، انسان دوست ۽ جمهوريت جا اصلي حامي جهڙا نالا رکيا ۽ لقب ڏنا. بهرحال انهن تي ڪا به ميار ڪانهي. اسان چند ماڻهو ئي ته هياسين جيڪي هنن کي اسٽبلشمينٽ جي پيرول تي هلندڙ چوندا هياسين. اسان چند ماڻهو بنيادپرستن جي ساٿ واري وڪيلن واري اٿاريل تحريڪ جا سخت مخالف هياسين. جنهن تحريڪ ۾ سول سوسائٽي، پنهنجي پاڻ کي سيڪيولر چورائيندڙ ڌريون ۽ نيشنلسٽ پڻ نواز شريف عرف بنا ڏاڙهي واري طالبان سان گڏ هيا. اسان کي اتي به هنن اهو پئي چيو ته سيڪيولر پيپلزپارٽي نه بلڪه نواز ليگ آهي جيڪا هڪڙي ڊڪٽيٽر جي خلاف آهي.

    جنرل ضياءَ جيڪو ٻج ڇٽيو هيو انهيءَ کي نواز ليگ ۽ رياستي ادارن جيڪو پاڻي ڏنو هيو اُهو هنن کان وسري ويو هيو! هنن کان جماعت اسلامي وسري وئي؟ هتي سيڪولر ازم ۽ لبرل ازم جي ڳالهه ڪرڻ پنهنجي موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر هوندي. پ پ جي قيادت کان ويندي لفاظي ڪندڙ ڌرين تائين سڀئي پري بيهي رهندا ڪير به وچ ۾ ڪو نه ايندو. جيئن سلمان تاثير سان ٿيو، جنهن جي قتل تي جماعت اسلامي جا مولوي اهو برملا اظهار پيا ڪن ته سندس قاتل لکين عاشقن جون دليون خوش ڪيون آهن ۽ ٻئي ڏينهن وري اهي چون پيا ته قاتل جو انفرادي معاملو آهي اها هن جي انفرادي سوچ آهي انهيءَ سان ڪنهن جو به واسطو ناهي. ڇا ڪيو آهي پيپلزپارٽي هتي ڪهڙو اسٽينڊ ورتو آهي؟ گورنر سلمان تاثير جي ڇڏيل آخري پيغام مان هنن پيپلزپارٽي وارن جي گوشا نشيني ۽ نااهلي واضح ٿي وڃي ٿي ته هن آخري لمحن ۾ پنهنجي پاڻ کي ڪيترو اڪيلو محسوس ڪيو هيو، تڏهن هن کي اهو چوڻو پيو ته:

    Even if I am last man standing….


    هتي ائين ئي ٿيڻو آهي. مسٽر جناح ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان اڄ تائين سيڪيولر ۽ لبرل ماڻهن سان اهڙو ئي سلوڪ ٿيو آهي.

    هيٺ سماج ۾ جيڪي پيداوار جا ذريعا آهن اهي قديم آهن ۽ انهن مٿان جديد مافيا جو قبضو آهي. مسٽر جناح سرمائيداري انقلاب جو قائل هيو مگر جاگيردار ۽ بيوروڪريسي انهيءَ رستي ۾ رڪاوٽ هيا، جيڪا رڪاوٽ جيئن جو تيئن پنهنجي جڳهه تي قائم آهي. رهي ڳالهه انهيءَ سرمائيدار بورجوا انقلاب جي. انهيءَ انقلاب جي موٽر فورسز يورپ ۽ آمريڪا هيا جتي هاڻ اهو نظريو پنهنجي موت پاڻ مرڻ لڳو آهي. سرمائيداري جي بحران لاطيني آمريڪا جي تحريڪ کي ڏسجي ته خبر پوندي ته هاڻ هي اسان کي سواءِ بارود جي ڪجهه به نٿا ڏيئي سگهن، جيئن پاڻ مٿي بيان ڪيوسين ته هو پاڻ سماجي حوالي سان سمورا مرحلا طئي ڪري آيا آهن ۽ اسان کي ڪڏهن طالبان جهڙي بلا ڪنڌ ۾ هڻن ته ڪڏهن روشن خيالي ۽ لبرل ازم جي تحريڪ تي اڪسائين ٿا. نااهل ۽ متروڪ شده رياستي مشينري ۽ سامراجي هٿ چراند جي ڪري اسان هڪڙي ڊگهي تاريڪي ڏانهن ڌڪجي ويا آهيون. اونداهه جي هيراڪن سلمان تاثير کي قتل ڪرائي اسان کي نياپو موڪليو آهي ته رياست اندر جيڪا پ پ کي سپورٽ ڪندڙ اسٽبلشمينٽ جي ڌر آهي اها تمام ڪمزور آهي ۽ سلمان تاثير جي قتل کانپوءِ جيڪا خاموشي آهي اها اونداهه جو اهڃاڻ آهي. جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو ته ساڄي ڌر ملان عمر واري انقلاب سان اسان مٿان ڪڙڪي پوندي. ساڄي ڌر جون پاڙون هن رياست ۾ آهن ۽ هن رياست جي ڍانچن ۾ آهن سو تنهن ڪري هي ان وقت تائين زهر اوڳاڇيندا رهندا جيستائين هي ڍانچا آهن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هي ڍانچا ايترا ته ڪمزور آهن جو ستاويهن ڊسمبر تي محترمه بينظير جي شهادت کانپوءِ عوام انهن کي اڌ ڪلاڪ ۾ سمهاري ڇڏيو هو. مگر فطري طور تي متبادل سياسي قوت کي جيئرو ڪري وڌو جيڪا جاڳڻ کانپوءِ پنهنجو پراڻو ڪم وري نئين سر شروع ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي ماڻهن کي بک بدحالي ۽ رجعت تحفي ۾ ڏيندي رهندي ته نتيجي ۾ ماڻهو پنهنجي منظم سياسي طاقت جو اظهار ڪنهن ٻئي پليٽ فارم تي ڪندا، جيڪو تاريخ جو عظيم ترين فيصلو هوندو.
    [/JUSTIFY]

    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو