[justify]نرس دروازي جي ٻاهران ويٺل هڪ فوجي نوجوان کي هٿ کان وٺي ڇڪي اچي هڪ مريض جي بستر تي بيهاريو. ”تنهنجو پٽ اچي ويو“ هن ڪراڙي مريض کي چيو ۽ هوءَ اهو جملو ور ور ڪري چوندي رهي جيستائين ڪراڙي وڃي پنهنجيون اڌ اکيون کوليون. ڪراڙو دل جي سور کان بس ٿڌو ٿي ويو هو، هن ڪمزور اکين سان پنهنجي سامهون آڪسيجن ماسڪ جي اوٽ ڌنڌلگي نظر سان نوجوان کي نهاريو، هن پنهنجو ڏڪندڙ هٿ ان نوجوان ڏانهن وڌايو، فوجي نوجوان پنهنجو مضبوط هٿ ڪراڙي جي هٿ تي مضبوطيءَ سان ڄمائي ڇڏيو ... ۽ ان جي هٿ کي پيار ۽ رحمدليءَ سان زور ڏيندو رهيو. نرس هڪ ڪرسي کڻي ويجهي ڪئي ته جيئن فوجي نوجوان مريض جي ڀر ۾ ويهي سگهي، ۽ ائين اهو فوجي نوجوان سڄي رات ان هلڪي روشنيءَ واري ڪمري ۾ ان مريض جي هٿ کي جهلي ان هٿ کي پيار ۽ پاٻوهه سان مهٽيندو رهيو ... ۽ ڪراڙي کي پيار ڀريا، اميد ڀريا جملا ۽ لفظ چوندو رهيو ... نرس ان نوجوان کي چيو ته هو ٿوري دير آرام ڪري .... هُن جواب ڏنو ته نه، هو بهتر آهي ۽ هو ڪراڙي جي هٿ کي گرمجوشيءَ سان جهلي ويٺو رهيو ... ڪراڙو مريض پڻ نوجوان جو هٿ کي مضبوطيءَ سان جهلي پيو هو ۽ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ساه کڻي رهيو هو ... صبح جو سوير اهو ڪراڙو مريض آخري ساهه کڻي ٿڌو ٿي ويو ...نوجوان فوجيءَ هاڻ بي جان هٿ مان پنهنجو هٿ ڇڏائي نرس کي سڏ ڪيو ... نرس مريض کي چڪاس ڪيو ۽ ڪراڙي مريض کي مئل قرار ڏئي، نوجوان سان ڪراڙي جي موت جو افسوس ڪرڻ لڳي، نوجوان کيس منع ڪئي ۽ سوال ڪيو ته: هي ڪراڙو مريض ڪير هيو؟ ڪير هيو ؟ ڇا مطلب هي تنهنجو پيءُ هيو، نرس حيرانگيءَ مان چيو نه هي منهنجو پيءُ نه هو، مون ته هن ڪراڙي کي ڪڏهن ڏٺو به نه هو ... فوجيءَ جواب ڏنو. پوءِ تو پهريان ڪجهه ڇون ڪڇيو جڏهن مون توکي وٺي وڃي مريض جي مٿان بيهاريو هو. مونکي خبر هئي ته تون مونکي غلطيءَ ۾ گهلي وٺي آئي آهين، پر مونکي اها به خبر هئي ته هن ڪراڙي کي پنهنجي پٽ جي سخت ضرورت هئي، ۽ هن جو پٽ هت نه هيو. مون محسوس ڪيو ته بجاءِ ڪراڙي مريض کي اهو ٻڌائڻ جي ته سندس پٽ هتي ناهي، آءُ سندس هٿ کان وٺي سندس پٽ جي ڪمي پوري ڪئي، آءُ ته هت آيو هيس ته هن اسپتال ۾ داخل استاد فتح خان کي اهو ٻڌايان ته سندس هن جو پٽ سرحد تي وڙهندي شهيد ٿي ويو آهي ... ڀلا هن ڪراڙي جو نالو ڇا هيو؟ نرس اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي چيو، استاد فتح علي. ************* مٿي ڏنل ڪهاڻيءَ جو حاصل مطلب؛ جڏهن ڪنهن انسان کي ضرورت هجي ته پاڻ کي بنا ڪنهن سوچ جي ان سان شامل ڪريو. اسين انسان انڪري ناهيون ته عارضي روحاني جذبي تحت زندگي گذاريون، بلڪ اسين روحاني حقيقت آهيون جيڪي ٿورڙي وقت لاءِ هت انساني روپ ۾ آيا آهيون[/justify]
جواب: انسان ۽ انسانيت سائين نثار مهرباني ڏاهپ ڀريو ونڊ۔ جيڪڏهن اوهان پنهنجي زندگيء جون ڪجه گهڙيون ڪنهن جي لاء وقفف ڪيو ۽ اهي به چڱائيء لاء ته يقينن زندگي پياري لڳندي آهي ۽ ضمير مطمئن رهندو آهي۔ منهنجي نطر ۾ زندگيء جو ٻيو نالو ٻين ڪاڻ جيئڻ آهي۔ ان نوجوان کي ڪردار کي شاباس هجي جنهن مريض کي مايوس نه ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: انسان ۽ انسانيت جي منهنجا دوست، ڪڏهن ڪڏهن اسانکي اهڙا پل ملندا آهن جنهن ۾ اسين پنهنجي انسانيت جو مان مٿاهون ڪري سگهون ۽ هن عارضي حياتيءَ ۾ ڇوٽڪاري جي راهه همواري ڪري امتحان ۾ پاس ٿي سگهون ۔۔۔ لک ٿورا ڳالهه کي سمجهڻ جا ۔۔۔
جواب: انسان ۽ انسانيت سائين نثار سلام محترم نثار ابڙو جهڙو ڏاهو ڳالهي سمجهائي ۽ اسان نه سمجهون اهو ڪيئن ممڪن آهي۔ اوهان جي انداز بيان جي ڪهڙي ڳاله ڪجي۔ اوهان جا ٿورا جو ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ونڊ ڪندا ٿا رهو۔ دعائن ۾ ياد
جواب: انسان ۽ انسانيت سهڻو خيال ۽ ڪردار، جيڪڏهن اسان هڪ لمحي لاءِ اهو فرض ڪريون ته ان پريشان انسان جي جاءِ تي جيڪر اسان هجون ها ته ٻين مان ڪهڙي توقع رکون ها، ساڳي ريت اسان کي ٻين جي ضرورتن ۽ خواهشن جو احترام ڪرڻ گهرجي۔
جواب: انسان ۽ انسانيت ادا نثار تمام بهترين ونڊ آهي ۽ اها ڳالهه ته اسان تي فرض آهي ته اسان هڪ ٻئي لا موڪليا ويا آهيون ۽ زندگي جو مزو تڏهن ئي ماڻي سگهجي ٿو جڏهن ٻين جي ڏک ۽ درد ۾ شامل ٿجي۔ انسانيت جوو اصل مقصد ۽ مطلب به اهوئي آهي۔ سدائين گڏ