ممتاز قادري تاثير کي قتل ڪرڻ کان اڳ ڪجهه ملاقاتون ڪيون هيون:وفاقي جاچ ٽيم جي رپورٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ممتاز قادري تاثير کي قتل ڪرڻ کان اڳ ڪجهه ملاقاتون ڪيون هيون:وفاقي جاچ ٽيم جي رپورٽ

    اسلام آباد (بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) گورنر پنجاب جي قتل جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي اسلام آباد جي سربراهي ۾ قائم گڏيل جاچ ڪاميٽي ابتدائي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ممتاز قادري سلمان تاثير جي قتل کان اڳ ڪجهه ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون هيون ۽ ممتاز قادري جو بندش پيل تنظيم سان تعلق ثابت نه ٿيو آهي، ذريعن مطابق ڊي آءِ جي بن يامين جي سربراهي ۾ جوڙيل ايف آءِ اي، آءِ ايس آءِ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ٻڌل ڪاميٽي گورنر پنجاب جي قتل جي ابتدائي جاچ رپورٽ ڪالهه گهرو معاملن جي وفاقي وزير رحمان ملڪ حوالي ڪئي آهي، ان حوالي سان کيس رپورٽ ڏيندي ٻڌايو ويو ۔آهي ته ان حوالي سان جاچ دوران 70 کان وڌيڪ ماڻهن کي جاچ جي دائري ۾ آڻي انهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ گورنر پنجاب جي قاتل ممتاز قادري ۽ گورنر پنجاب جي گارڊن ۽ ٻين 20 جي لڳ ڀڳ اهلڪارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ممتاز قادري جي ڀائرن ۽ والد کي پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪيو ويو آهي، ابتدائي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت تائين ٿيل جاچ دوران گورنر پنجاب جي قاتل ممتاز قادري جو پابندي پيل ڪنهن مذهبي جماعت سان تعلق ثابت نه ٿيو آهي پر ان هوندي به گورنر پنجاب جي ناموس رسالت صه قانون بابت بيان اچڻ بعد ان حوالي سان ڪجهه هنڌ تي ٿيل مذهبي تقريبن ۾ ممتاز قادري شريڪ ٿيو جن ۾ گورنر پنجاب خلاف سخت تقريرون ڪيون ويون هيون، ان کانسواءِ گورنر پنجاب کي قتل کان اڳ ممتاز قادري ڪجهه ماڻهن سان مليو به هو، جاچ ڪاميٽي مڪمل ڪرڻ ۾ اڃا وقت گهري ورتو آهي، هوڏانهن پنجاب جي جاچ ٽيم قتل ٿيل گورنر سلمان تاثير جي قتل جي شروعاتي جاچ رپورٽ مڪمل ڪئي وئي، جاچ رپورٽ ۾ سلمان تاثير جي سيڪيورٽي اسڪواڊ ۾ هڪ رٽائرڊ ٽرئفڪ انسپيڪٽر جو نالو به شامل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پنجاب حڪومت پاران جوڙيل 3 رڪني جاچ ٽيم سيڪيورٽي آرڊر بڻائڻ وارن کان به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، مليل اطلاعن مطابق جاچ ٽيم کي ان وقت حيرانگي ٿي جڏهن ٽيم سلمان تاثير جي سيڪيورٽي اسڪواڊ واري فهرست ۾ ان انسپيڪٽر جو نالو به ڏنو جيڪو 2 مهينا اڳ رٽائر ٿي چڪو هو، جاچ ٽيم سيڪيورٽي آرڊر بڻائڻ وارن کان ان سلسلي ۾ به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ذريعن مطابق شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سلمان تاثير جو سيڪيورٽي شيڊول 2 مهينن کان اپ ڊيپ نه ڪيو ويو هو، ملڪ ممتاز قادري کي 2007ع ۾ ايليٽ فورس جي تربيت ڏني وئي بعد ۾ کيس راولپنڊي جي ايليٽ فورس ۾ شامل ڪيو ويو، کيس 10 ٻين اهلڪارن سان گڏ پنجاب ڪانسٽيبلري ۾ موڪليو ويو هو، ممتاز قادري ماضي ۾ 3 ڀيرا شهباز شريف ۽ 5 ڀيرا سلمان تاثير جي ڊيوٽي تي مقرر رهيو، ذريعن موجب ملڪ ممتاز ٻين وي آءِ پيز ۽ غير ملڪين جي سيڪيورٽي تي پڻ انهن سان گڏ رهيو، پنجاب حڪومت پاران گورنر سلمان تاثير جي قتل جي شروعاتي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي آهي، جيڪا وزير اعلى شهباز شريف حوالي ڪئي ويندي، جاچ رپورٽ قتل ۾ سيڪيورٽي ۾ ٿيل خامين تي مشتمل آهي. بشڪريه ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو