مان ۽ مهنجي سرهاڻ نوٽ هي ناول به اسان جي ڳوٺائي مظهر ابڙو جي تحرير ڪيل آهي پر هن ڪهاڻِ جا ڪردار ڪير آهين شآيد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔شايد ٻڍائڻ ضروري نه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ٓٓٓٓ!! محبت هڪ نفيس ۽ حُسناڪ جذبو آهي. عشق جبلن جي چوٽِيءَ تي پوندڙ پڇم جهڙي برف جو نالو آهي. محبت هڪ ستم آهي، آڳ آهي، جنت آهي، دوزخ آهي، جتي خوشي، درد، اُداسي، ۽ پڇتاءُ رهندا آهن. جڳ مشهور ڏاهي ۽ مفڪر ”رجنيش اوشو“ محبت متعلق پنهنجو فلسفو بيان ڪندي هڪ هنڌ محبت کي اها روحاني آرسي قرار ڏنو آهي جيڪا انسان کي منَ جي مسافت لاءِ تيار ڪري، کيس سندس اصل چهرو ڏيکارڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي. هن چيو آهي ته، ” محبت توهان کي مڪمل ڪري ٿي، ٻي صورت ۾ توهان فقط هڪ خيال ۽ خُواب هجو ٿا.“ هڪ ٻئي ڏاهي ”محبت“ کي روشنيءَ جو هڪ اهڙو لفظ به ڪوٺيو آهي جنهن کي روشن هٿن سان روشنيءَ جي ڪاغذ تي لکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ زندگيءَ جي سمورن اسرارن مان رڳو ”محبت“ ئي اهو اسرار آهي، جنهن ۾ روحانيت جي چاشني ۽ سرور هجي ٿو، ان جي باوجود بدقسمتيءَ سان اسان جي سماج ۾ محبت کي هڪ پاپُ سمجهو وڃي ٿو. جڏهن ته محبت ڪڏهن پاپُ ٿي ئي نٿي سگهي، محبت ته هڪ پاڪيزه جذبو آهي جنهن کي قدرت واري اسان جي سينن ۾ لڪائي رکيو آهي، ان سان ته زندگيءَ کي جِلا ملي ٿي. جيڪا زندگي محبت ۽ پيار کان خالي آهي، اها ڀلا ڪهڙي زندگي آهي؟! مون ذاتي طور محبت کي هميشه خدا جي خوبصورتي سمجهيو آهي. مون محبت کي زندگيءَ جو منشور ۽ هڪ اهڙو ڏيئو ڄاتو آهي جيڪو دل جي تاريڪ قبر کي روشن رکي ٿو. محبت مون لاءِ دل جي لهوءَ مان ٽڙيل گلابن جي گلدستي مثل رهي آهي، جنهن جي سڳنڌ سرير ۾ سمائجي امرتا بخشي ڇڏيندي آهي. محبت مون لاءِ حياتيءَ جو سڀ کان لاڏلو جذبو رهي آهي. مون وٽ ان جو تصور چنبيليءَ جي پتين ۽ معصوم ٻار جي مُرڪ جهڙو رهيوآهي. منهنجي لغت ۾ زندگي بغير پيار ۽ محبت جي بدبختي، تباهه ڪاري ۽ نامراديءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. محبت ڀريل احساسن کان خالي جيون مون لاءِ هميشه تجريدي موت مثل رهيو آهي. محبت ۾ ملاوٽ کي مون دنيا ۾ وڏي کان وڏو پاپ سمجهيو آهي، پر پوءِ به اڄ تائين محبتون مونکي راس الائي ڇو ڪونه آيون آهن!! هر دفعي منهنجي”محبت“ جو قتلام شعوري يا لاشعوري طور منهنجي پنهنجي ئي ”محبوب حَستين“ هٿان ٿيندو رهيو آهي. منهنجي دل کي انتهائن تائين اُجاڙڻ وارا هميشه منهنجي دل جا ڌڻي ئِي رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ڪاش! ڪو هجي، جيڪو اهو جاچي ڏسي ته منهنجي نيڻن ۾ ڪيتريون ويرانيون سمايل آهن ۽ ڪهڙو نه اڌورو پن منهنجي وجود جو مستقل حصو بڻيل آهي؟ چاهتن جي سفر ۾ پاڻ کي اڪيلو ڏسندي هاڻي مون اهو محسوس ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته ، مان محبت جي معاملي ۾ جيترو جذباتي ۽ انتها پسند آهيان، منهنجو بخت شايد ايترو سڳورو نه آهي!! منهنجو ڀاڳ ڏنگو آهي تڏهن ته منهنجي تصوراتي بهشت ۾ هميشه هڪ حور جي ڪمي رهي آهي، ۽ منهنجي جيون جي جهنگل ۾ هڪ هرڻيءَ جي غير موجودگيءَ منهنجي رڳ رڳ ۾ اداسي اوتي ڇڏي آهي. تڏهن ته مان پنهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي راتيون لڙڪن ۾ لوڙهيندو رهيو آهيان، ۽ تڏهن ته محبت جي ڏوهه ۾ مان اڄ به پنهجي اُن محبوبا پاران مليل جُدائيءَ جي لذت ماڻي رهيو آهيان، جيڪا منهنجي زندگيءَ جي خوابن منجهان هڪ ’سُنهرو خُواب‘ هئي، ۽ آهي. محبت جو مسئلو اهو هرگز ڪونهي ته مرد هڪ خاص عورت کي پنهنجي ’جيون ساٿياڻي‘ بنائڻ جا جتن ڪري ، يا عورت ڪنهن خاص مرد کي پنهنجو ’رفيق حيات‘ بنائڻ لاءِ حيلا هلائي، بلڪه محبت هڪ خاص ’رفيق‘ يا ’رفيقه‘ جي سُڃاڻ ۽ قبوليت آهي. محبت اسان کي ڪنهن نامعلوم شيءِ جي تلاش لاءِ مجبور ڪونه ٿي ڪري جنهن کي استعمال ڪري اسان لطف ماڻي سگهون، بلڪه ڪنهن اهڙي نامعلوم شخص جي تلاش لاءِ اُتساهي ٿي، جنهن سان اسان ٻطرفو تعلق، يعني مڪمل انساني تعلق قائم ڪرڻ جِي توقع ڪري سگهون. محبت بُکَ جي اصلاح يافته شڪل جو نالو آهي، اها هڪ اهڙي تسڪين جي تلاش آهي جا فقط غير ذات جي تعلق سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. منهنجو به ڪجهه عرصو اڳ جڏهن مجسم شاعريءَ جهڙي هُن ڇوڪريءَ سان موبائل فون ذريعي اتفاقي تعلق جڙيو هو ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ الائي ڇو هوءَ منهنجي ضرورت کان به وڌيڪ ’ضرورت‘ بڻجي وئي هئي. ان جو سبب شايد هن کي فطرت پاران مليل جهرڻن ۾ وهندڙ پاڻيءَ وانگر مڌر ۽ ستار جي وڄندڙ ڪنهن ڌيمي سُر جهڙو سندس دلڪش آواز هو، جيڪو مونکي ڪنهن منُ موهيندڙ نغمي جهڙو مزو ڏيڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. هوءَ پنهنجي لطافت ۽ نزاڪت جي لحاظ کان شائستگيءَ جو انتهائي تخيل هئي. اڄ به جڏهن مان، هن جي البيلائن، من ڀانوڻين ادائن، عقل، فهم، مقناطيسي سڀاءَ ۽ سندس رُسڻ ريجهڻ جي گهڙين جو تصور ڪريان ٿو ته منهنجي ذهن مٿان چمڪندڙ ستارن جي چادر ڇانئجي وڃي ٿي. هِتي مان هن جي اصل نالي کي هڪ اِسرار جو حصو سمجهندي، سندس فرضي نانءُ ’سُرهاڻ‘ لکڻ پسند ڪندس، ڇوته بغير ڏسڻ ۽ بغير ملڻ جي ٿوري ئي عرصي جي تعلق سان هُوءَ واقعي به منهنجي روح جي سُرهاڻ بڻجي وئي هئي. هوءَ، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره هجڻ سان گڏ هڪ کِلڻي کڙڪڻي، سِڌي سَنواٽي ۽ ٿڌي ڇانوَ جهڙي ڇوڪري هئي، هڪ نفيس روح ۽ شيشي جهڙي صاف شفاف ۽ نازڪ دل جي مالڪ هجڻ سبب مونسان موبائل فون تي ڳالهائڻ دوران ڪنهن دلڪش خوشبوءَ وانگر هورڙيان ئي هورڙيان منهنجي رڳ رڳ ۽ پُور پُور ۾ واسبي وئي هئي. هُوءَ ڄڻ ساهه جيان منهنجي اندر کڄندي ۽ اوتبي رهي هئي. فون تي هن جون دلنشين ڳالهيون دلبراڻي انداز ۾ ٻڌندي منهنجي روح ۾ جگنو چمڪي پوندا هئا، منهنجا خُواب مهڪي پوندا هئا. ماحول ۾ جلترنگ جاڳي پوندا هئا ۽ اچانڪ ڪائنات جهومي پوندي هئي. ايئن لڳندو هو ڄڻ منهنجي ڪا وڃايل شيءِ مونکي واپس ملي وئي هجي. هوءَ جڏهن ڳالهائيندي هئي ته منهنجي تنَ منَ جا سڀئي تناوَ شانت ٿي ويندا هئا، سرابَ جهڙي زندگيءَ جو سمورو ٿڪُ ڇنڊجي ويندو هو ۽ مون لاءِ خوشيءَ جا ڪي ٿانَ کُلندا ويندا هئا. هن جا لفظ ڄڻ ماکيءَ جا ڍُڪ هوندا هئا جيڪي منهنجي روح ۾ لهندا ويندا هئا. هوءَ جڏهن کِلندي هئي ته هر طرف گُلن جِي ورکا ٿي ويندي هئي ۽ آڪاش جي اوچاين ۾ انڊلٺي رنگ ڦهلجي ويندا هئا. هن جي ٽهڪڙن ۾ ستن سُرن جو سنگيت هوندو هو. سندس چوڙين جي جهنڪار جهڙو ترنمي آواز جڏهن منهنجي ڪنن ۾ ٻرندو هو ته ڄڻ مان ڪنهن نرم ملائم ريشمي اُڏند کٽوليءَ سهاري بادلن کان مٿي اُڏرڻ لڳندو هئس. هن جو آواز ٻڌي نه ڄاڻ ڇو منهنجو من ماضيءَ ڏانهن ڊڪڻ لڳندو هو ۽ منهنجي وڃايل محبت ”مهناز“ سان جڙيل سمرتين وٽ پهچي ويندو هو. مهناز، جنهن کانسواءِ منهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي سال هڪ سوڳ وانگر گذريا هئا، جيڪا منهنجي من ۽ وجود ۾ گهر رکندي به منهنجي اکين جي پهچ کان پري رهي هئي، جنهن جي ڏهاڳ جا ڏنڀ منهنجو سنڌ سنڌ ساڙيندا رهيا هئا، ۽ جنهن جي ڦوڙائيءَ جي ڦٽن هڪ عرصي کان منهنجي جيون ۾ سُکَ کي ڪا جاءِ نه ڏني هئي. مونکان منهنجي باقي زندگيءَ ۾ سَهه سياري جي اها رات ڪڏهن به وسري ڪونه سگهندي جڏهن سُرهاڻ سندس ڳوٺ ۾ موبائل فون جو ’نيٽ ورڪ‘ ٺيڪ نه هجڻ سبب دير سان پنهجي گهر جِي ڇت تي چڙهي، تهه پاري ۾ ٿڙڪندي مون سان موبائل تي ڳالهائي رهي هئي. ان وقت ساڻس اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪندي منهنجي ڳلي تائين ڪو گمنام جذبو اڀري آيو هو ۽ دل هٿان مجبور ٿي پهريون ڀيرو ساڻس پنهنجي خاموش ۽ چپ چاپ محبت جو چٽو اظهار ڪري ويٺو هئس. جيتوڻيڪ مان پنهنجي دل ۾ هن لاءِ نامحسوس طريقي سان پرورش پائيندڙ محبت جي اڌوري ڄاڻ ته کيس ڳُجهن اشارن طور ڪجهه شعرن جِي صورت ۾ ڪيترن ڏينهن کان ’ايس.ايم.ايس‘ ذريعي اماڻيندو رهيو هئس، پر پوءِ به اڃا هوءَ پاڻ کي اڻڄاڻ ظاهر ڪري رهي هئي، جنهنڪري اُن رات هن سان ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ بعد کانئس پڇي ويٺو هئس ته، ”منهنجي شاعري ڌيان سان پڙهندي آهين يا ڪونه؟“ موٽ ۾ هن هڪ سرد آههَ سان گڏ ”ها“ ۾ ورندي ڏني هئي.کانئس وڌيڪ پڇيو هئم ، ”سمجهه ۾ به ايندي اٿئي؟“ هن وري به ”ها“ کان علاوه ڪجهه به نه وراڻيو هو. جنهن تي کانئس پڇيو هئم، ”تنهنجي عمر ڪيتري ٿيندي؟“ منهنجي اهڙي سوال تي پهريان هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو هو ۽ پوءِ چيو هئائين ته، ”مرد پنهنجي اصل پگهار ۽ عورتون پنهجي اصل عمر ڪڏهن ڪونه ٻڌائينديون آهن.“ مون به سندس ڳالهه رکندي کيس چيو هو ، ”جي تون به پنهنجي اصل عمر لڪائڻ ٿي چاهين ته ڪجهه سال هيڏانهن هوڏانهن ڪري ئي کڻي ٻڌاءِ.“ منهنجي اصرار بعد هوءَ ڪجهه لمحا ڪنهن ويچار ۾ گُم ٿي وئي هئي ۽ پوءِ اچانڪ ورندي ڏيندي چيو هئائين، ”اٺاويهه سال.“ هن جي جواب جي موٽ ۾ مون بروقت کانئس پڇيو هو ته، ”پوءِ عقل واري ڏاٺ اڃا ڇو ڪونه ڄائي اٿئي؟!“ منهنجي ان سوال تي پهريان ته هن جون وايون ئي بتال ٿي ويون هيون، پر پوءِ پاڻ سنڀاليندي پڇيو هئائين ته، ”ڇا مطلب؟!“ مون ڪنهن وضاحت ۾ وڃڻ بدران وري به هن کان ئي پڇيو هو ته، ”مطلب واقعي نٿي سمجهين يا سڀ ڪجهه ڄاڻڻ باوجود اڻڄاڻ ٿيڻ جي ڪوشش پئي ڪرين؟“ منهنجي پوئين سوال بعد سُرهاڻ پهريان ته ککي وکي ٿي ماٺ ۾ غلطان ٿي وئي هئي، پر پوءِ ڦڦڙن تائين اونهون ساهه ڀريندي، دل جي آخري تهه تائين پيهجي وڃڻ واري دلڪش انداز ۽ جهيڻي آواز ۾ چيو هئائين، ”بغير ڏسڻ ۽ ملڻ جي اهو سڀ ڪيئن ممڪن آهي؟!“ موٽ ۾ مون وري کانئس هڪ نئون سوال ڪندي پڇيو هو ته ، ”ڇا اسان مان ڪڏهن ڪنهن خدا کي ڏٺو آهي؟!“ منهنجي سوال تي هوءَ پٿر وانگر خاموش رهي هئي. مون سندس ذهن کي وڌيڪ سوچڻ جي فرصت ڏيڻ بجاءِ پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو هو، ”جڏهن خدا کي ڏسڻ کانسواءِ اسان نه رڳو کيس هڪ احساس طور محسوس ڪريون ٿا، پر سندس اجنبي هستيءَ سان انتهائي درجي جِي محبت به ڪريون ٿا، ته پوءِ بغير ڏسڻ ۽ ملڻ جي آخر انسان جِي انسان سان محبت ڇو نٿي ٿي سگهي؟!“ منهنجي اهڙي دليل بعد پنهنجي لاجوابيءَ کي لڪائڻ خاطر هڪ گهڻ گهُري ويجهي دوست وانگر هن پهريون ڀيرو مونکي ”توهان“ بدران ”تون“ چئي مخاطب ٿيندي، انتهائي حسرت ڀريل لهجي ۾ چيو هو ، ”تون، اڳواٽ گهرائتو ماڻهو آهين، ۽ مان هڪ عورت هجڻ ناتي ڪنهن ٻي عورت جي گهر تي ڌاڙو هڻي، ڌاڙيل ٿيڻ نه چاهيندس.“ سُرهاڻ جِي سوچ کان واقف ٿيڻ بعد مون کانئس پنهنجي مرضي مڃرائڻ لاءِ مٿس وڌيڪ ڪو به زور نه ڀريو هو، ڇو ته مون ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي ته محبت هڪ اظهاري جذبو آهي، ملڪيتي جذبو ڪونهي. جنهن لمحي اسان ڪنهن ٻئي انساني وجود جي ذاتي حقيقت ۽ آزاديءَ کي تسليم ڪندي ان جو احترام ڪريون ٿا دراصل ان لمحي ئي اسان محبت ڪرڻ جي قابل هجون ٿا. اهو لمحو اُن مقام جي نشاندهي ڪري ٿو جڏهن اسان جي دل جسماني خواهشن لاءِ پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اسان انساني تعلقات جي دنيا ۾ آزاد ۽ عقل تي مشتمل ڪم ڪرڻ جي قابل ٿي پوندا آهيون. بهرحال، سُرهاڻ ۽ منهنجي وچ ۾ ”ٽيليفون ٽاڪ“ جو اهو سلسلو اُتي ئي ختم ڪونه ٿيو هو ۽ اڳتي به روان دوان رهيو هو. هڪ ٻئي جي دلين جي سياحت ۽ جذبن جي اوت پوت ڪرڻ بعد اسان جي گفتگوءَ ۾ هڪ ٻئي لاءِ خلوص سان گڏ ويجهڙائپ به شامل ٿي چڪي هئي. اسان حجابن ۽ اوپرائپ جون سموريون سيمائون پار ڪري ڇڏيون هيون. ۽ هاڻي اسان جي وچ ۾ اهڙو ته ڳنڍُ ڳنڍجي چڪو هو جو هر وقت هڪ ٻئي سان ڀانت ڀانت جون ڳالهيون ڪري زندگيءَ جو لطف پيا ماڻيندا هئاسين. انهن ڳالهين ۾ اسان جي گهرن جون ڳالهيون، اسان جي ڳوٺن ۽ شهرن جون ڳالهيون، اسان جي ٻالڪپڻ جون ڳالهيون، ٻالڪپڻ جي شرارتن، نادانين ۽ بيوقوفين جون ڳالهيون ۽ اهڙيون ٻيون به اڪيچار ڳالهيون شامل هونديون هيون. سُرهاڻ ڳالهائيندي هئي ته مان کيس خاموشيءَ سان ٻڌندو هئس ۽ مان ڳالهائيندو هئس ته هوءَ هڪ چِتي ٿي مونکي ٻڌندي هئي. توڻي جو فون تي اسانجي وات ٽُڪاڻيءَ جو اهو سلسلو روزانو ڪيترن ڪلاڪن تائين هلندو هو، پر پوءِ به اسان جي اُساٽ اُجهڻ جي نه هوندي هئي. مان ته ڳالهين ڳالهين ۾ سُرهاڻ سان سندس ئي متعلق پنهنجا خواب به انتهائي بي باڪيءَ سان شيئر ڪري ڇڏيندو هئس. خوابن جِي واديءَ ۾ ڪڏهن مان سائي پٽَ پٽيهر تي وڻن جي لامن ۾ هن سان گڏ پينگهه لُڏندو هئس، ڪڏهن سندس ڳچيءَ ۾ ٻئي ٻانهون وجهي برسات ۾ ڀِڄندو هئس، ڪڏهن ڪنهن ناوَ ۾ ساڻس گڏ درياءُ پار ڪندو هئس، ته ڪڏهن هن جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي سمنڊ جي ڀِڳل واريءَ تي پسار پيو ڪندو هئس. پاڻ لاءِ کليل اکين سان ڏٺل منهنجا خواب ٻڌي سُرهاڻ اڪثر ٿڌا ساهه ڀريندي چوندي هئي ”خوابَ نگر مان نڪري اچ ۽ آدرشي ٿيڻ بجاءِ حقيقت پسند ٿي وڃ.“ جواب ۾ کيس چوندو هئس، ” آرزو پوري ٿيڻ ته نصيب جي ڳالهه آهي، پر آرزو ڪرڻ ته اسانجي پنهنجي وس ۾ آهي. جي مان پنهنجي من ۾ تنهنجي آرزو رکان ٿو ته ان ۾ تنهنجو ڇا ٿو وڃي؟“ هن جي نصيحت جِي موٽ ۾ مان کيس اهو پڻ ٻڌائيندو هئس ته، ”گلن جيان مهڪندڙ خواب، ستارن وانگر چمڪندڙ خواب ۽ ماڪ مثل برسندڙ خواب منهنجي زندگيءَ جو اثاثو آهن، مان انهن حسين خوابن جي سدائين آڱر پڪڙي هلندو رهيو آهيان ۽ انهن کان سواءِ جيئڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهان.“ منهنجي دليلن اڳيان غلط ، صحيءَ جا ليڪا پائيندي هوءَ دليلبازيءَ جي وڌيڪ ورن وڪڙن ۾ وڪوڙجڻ ۽ مونکي به وڪوڙڻ بجاءِ اهو چئي بحث کُٽائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته، ” تنهنجي عقل کي اڏوهي کائي وئي آهي. توکي اها سمت ڇو نٿي اچي ته ، ڪنهن ڌاري ڇوڪريءَ لاءِ اهڙا خواب ڏسڻ، اهڙا ويچار رکڻ توکي واجب ناهن.“ سُرهاڻ جي ان سوچ کي بي اثر ڪرڻ خاطر کيس جواب ۾ چوندو هئس، ” تون ته منهنجي اندر ۾ رهندي آهين، پوءِ ڀلا ڌاري ڪيئن ٿينءَ؟“ منهنجون ڀاونائون ڄاڻي هوءَ حسرت ڀريل لهجي مان چوندي هئي، ”خوابَ برابر زندگيءَ جو حصو آهن، پر حقيقتون به ڏاڍيون ظالم ٿينديون آهن.“ مونکي اڃا به ڌيرج سان سمجهائيندي وڌيڪ چوندي هئي، ” مان ڄاڻان ٿي تون خوابن سان پيار ڪندو آهين، پر تون نٿو ڄاڻين ته اکين ۾ سجايل خوابن جا پکي جڏهن پلڪن جي ڏانڊين تان اچانڪ اڏامي ويندا آهن ته اکيون ڪيڏيون نه حيران رهجي وينديون آهن!!“ جڏهن مان، سُرهاڻ جي اهڙين هوائي ڳالهين تي پنهنجن خوابن کي گهورڻ لاءِ تيار نه ٿيندو هئس ته مونکي بدِ دل ڪرڻ ۽ منهنجي خيالن کي ڏانوڻ وجهڻ خاطر هوءَ اسان جي روحاني لاڳاپن کان به بيپرواهه ٿي، نهايت تيز و تند لفظن ۾ مونکي ٺاهوڪي ڇنڊ پٽيندي هئي. توڻي جو اُن وقت هوءَ ايترو خيال به نه ڪندي هئي ته، هڪ ديوار تي پٿر اڇلائڻ ۽ هڪ انسان تي پٿر اڇلائڻ ۾ زمين آسمان جو فرق ٿيندو آهي. پر، جيئن ته مونکي هن جِي هر ادا منُ موهيندڙ ۽ دل کسيندڙ لڳندي هئي، تنهن ڪري سندس هر لفظ ۽ جملي جو هڪ عجيب چشڪو ۽ مٺاڻ محسوس ڪندي، کيس ستائڻ خاطر هاسيڪار هن لاءِ پنهنجي تخيل جو سلسلو اڃا به اُتاهون ڪري سڀئي پڌر پار ڪري ڇڏيندو هئس. اهڙن موقعن تي جڏهن هوءَ منهنجي حرڪتن کان بيزاري ظاهر ڪندي توائيءَ ۾ ٽُٻ ٽار ٿي ويندي هئي ته کيس سندس اکيون پورڻ لاءِ چوندو هئس. مون پاران اهڙي فرمائش ٿيڻ تي هوءَ منهنجي منَ جي ڳالهه تاڙي وٺندي هئي ۽ هر ڀيري رُکائيءَ سان ناڪاريندي هڪ مخصوص انداز ۾ چوندي هئي، ” اها ڪهڙي زبردستي آهي؟“ کيس جواب ۾ چوندو هئس ” زبردستن سان زبردستي ئي ڪرڻي پوندي آهي.“ منهنجي اصرار تي جڏهن هوءَ مونکي سندس اکيون بند ڪري ڇڏڻ جو اطلاع ڏيندي هئي ته مان به پنهنجين اکين جا ڇپر واري، تصور جي گهوڙي تي سوار ٿي، فورن هن وٽ پهچي ويندو هئس ۽ هن کي پنهنجي ٻانهنِ ۾ ڀري، کيس پنهنجي محبوب شاعر ’اياز گل‘جي هڪ غزل جو شعر، ” تنهنجا نيڻ چمڻ ٿو چاهيان، ٽيهن ئي سيپارن وانگر.“ٻڌائيندي، پنهنجي چپن کي عقيدت ۽ احترام منجهان واري واري سان سندس ٻنهي نيڻن مٿان سجدا ڪرائيندو هئس. ان لمحي ته منهنجي اهڙي عمل کي منهنجي چريائپ تصور ڪندي ۽ مونکي ’عقل کان پيدل‘ ڪوٺيندي، هوءَ اڪثر ڪال اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيندي هئي، پر پوءِ به مونکان پاڻ پلي رهي نه سگهندي هئي. ••• سُرهاڻ ، جنهن کي مان ڪنهن خاص وجهه کان ’ماسات‘ سڏيندو هئس، جڏهن به مون سان ناراض ٿيندي هئي ته کيس پرڀائڻ لاءِ هن کي سندس لاءِ ئي لکيل پنهنجو هِي غزل ڳائي ٻڌائيندو هئس: مون سان ڪر ڪا بات، رُسين ٿي ڇالئه، او مٺڙي ماسات، رُسين ٿي ڇالئه!! روح سدا ٿو تولئه هِي رانڀاٽ ڪري، تنهنجي هردم تات، رُسين ٿي ڇالئه!! رب جي نانءَ سان گڏ ٻيو تنهنجو نانءُ وٺان، وائي ٻي نه آ وات، رُسين ٿي ڇالئه!! مون کان مُنهن مٽائي تون به ته بستر ۾، جاڳي آهين رات، رُسين ٿي ڇالئه!! جوڳيءَ تنهنجي در تي آهي سينَ هنئي، پيار جِي ڏي خيرات، رُسين ٿي ڇالئه!! يا جڏهن مون مان ڪسرون ڪڍڻ خاطر هوءَ ڪي گهڙيون رابطا معطل ڪندي هئي، ته کيس ترپڻ خاطر پنهنجي هڪ ٻئي غزل جا هيٺيان شعر کيس ’ايس.ايم.ايس‘ ڪندو هئس: مس ڪال ته ڪر جانان، بدحال نه ڪر جانان! تون ڪيئن گذارين ٿي؟ احوال ته ڪر جانان! هِن قرب جي قيديءَ کي، ڪنگال نه ڪر جانان! مان اُجڙي ويندو سانءِ، ڪجهه خيال ته ڪر جانان! جڏهن اڃا به مون لئه هن جي دل ۾ ديا نه جاڳندي هئي ۽ مونکي ٺاهوڪي سيکت ڏيڻ خاطر هوءَ ڪجهه وقت پنهنجو موبائل ئي ”آف“ ڪري ڇڏيندي هئي ته هَوا ذريعي کيس هي پيغام اماڻيندو هئس: جڏهين منهنجي سانوري بند ڪندي آن فون، تڏهين ڄڻ ڪو خون، ٿيندو آ ڪنهن خواب جو. منهنجين آزيُن نيزاريُن بعد ٻيهر رابطو بحال ٿيڻ تي سُرهاڻ بار بار مون کي ”سُڌري وڃ!“ جهڙا الٽيميٽم ڏيندي چوندي هئي، ”دل جو دامن ڇڏي، عقل کان ڪم وٺ. ٻچڙيوال آهين، ڀريو ڀاڳيو گهر اٿئي، مون لاءِ سوچڻ بجاءِ پنهنجي گرهستيءَ تي ڌيان ڏي.“ تنهن پل هڪ ڊگهو ساهه کڻي کيس چوندو هئس، ”مان ته تنهنجي ڳالهه مڃان به کڻي، پر دل کي ڪير سمجهائي؟! ان اڳيان ته ڪو دليل ۽ دعويٰ هلي ئي نٿي.“ منهنجي لاچاري اڳيان مڪر ڪندي وري هوءَ تيز تاب ۾ اچي ويندي هئي ۽ مصنوعي ڪاوڙ مان مونکي وڌيڪ دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيندي، ڪينچيءَ جهڙي تيز لهجي ۾ پڇندي هئي، ” آخر، مان تنهنجي لڳان ڇا؟“ تپندڙ لوهه تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻندي سانتيڪي سڀاءَ سان چوندو هئس، ” تون منهنجي جان، ۽ منهنجي مٺڙي ماسات آهين.“ منهنجي اهڙي ورنديءَ تي هوءَ وڌيڪ بِر ٿي ويندي هئي ۽ آڏي پڇا واري انداز ۾ ڇينڀ ڏيندي چوندي هئي، ” تو، مونکي سمجهيو ڇاهي؟“ ڌيرائتو ٿي چوندو هئس، ” مون توکي پنهنجي سِر جو سائين سمجهيو آهي.“ ڪنهن جلالي صوبيدار جيان سوال مٿان هڪ نئون سوال ڪندي پڇندي هئي، ” تون پاڻ کي سمجهين ڇاٿو؟“ تُرت جواب ڏيندي چوندو هئس، ”تنهنجو غولو ۽ غلام!“ پڇندي هئي، ”آخر سڌرندين ڪيئن؟“ کيس ڀاوَ ڀرئي لهجي ۾ وراڻيندو هئس، ” تون منهنجي سانئڻ آهين، تنهنجي حڪم تي ڪجهه به ڪري سگهان ٿو، پر منهنجي سڌرڻ جو آسرو نه ڪجانءِ، ڇوته منهنجي سڌرڻ جو مدو پورو ٿي چڪو آهي.“ چوندي هئي، ”مونکي معاف ڪر!“ کيس ٻڌائيندو هئس، ”هي فقير معاف ڪرڻ وارو ڪونهي.“ سُرهاڻ جڏهن ڏسندي هئي ته سندس دٻڙ دئونس تي مونکي ڪوئي لوڏو نٿو اچي، ته مونکي ريهي ريبي نيٺ ٿڪجي پوندي هئي. جڏهن مان سندس هر لفظ ۽ هر جملي جي تلخي خاموشيءَ سان سهي ويندو هئس ۽ ڪنهن به طرح کيس وٺ نه ڏيندو هئس ته کيس آخر آڳ قبولڻي ئي پوندي هئي. اهڙي صورت ۾ مونکي نٺر ڀائيندي سڀئي سانگ ڇڏي هوءَ منهنجي پيار جي ”پناهه گاهه“ ۾ موٽي ايندي هئي، سامت جو ساهه کڻي هيڻائيءَ مان چوندي هئي، ”پليز! سڌري وڃ ۽ مونکي وساري ڇڏ.“ موٽ ۾ سندس سوچ کي لغام ڏيڻ خاطر کيس کُتو جواب ڏيندي چوندو هئس، ” تون ساحل تي لکيل ڪا عبارت ڪونهين جو لهر اچڻ سان مِٽجي وڃين، تون بارش جي پوندڙ بوند به ڪونهين جو اچانڪ رڪجي وڃين، تون هَوا جو جهونڪو به ناهين جو اچين ۽ گذري وڃين، تون ننڊ ۾ ڏٺل ڪو معمولي خواب به ڪونهين جنهن کي اکيون کلڻ تي جهٽڪو ڏئي ڀُلائي ڇڏجي. تون ته منهنجي هڪ حسرت آهين، ۽ حسرت اُها شيءِ آهي جنهن کي حياتيءَ جي آخري ساهن تائين ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.“ پاڻ سان سُرهاڻ جو وڙاؤ ۽ وهنوار ڏسي مونکي مون ۾ چاهه وٺندڙ لاڙ جِي اُها شاعره ياد ايندي هئي جيڪا مونکي صادق دل سان چاهيندي هئي، پر مان پوءِ به ساڻس انڪري ڪٺورتا سان پيش ايندو هئس جو هوءَ اڳواٽ هڪ پرڙيل عورت هئي. هوءَ، جيڪاَ اڄ به پاڻ کي ”امرتا“ ۽ مونکي پنهجو ”ساحر“سمجهندي آهي، تنهن جي جذبي جو دل ئي دل ۾ قدر ڪرڻ باوجود مون لڳاتار ساڻس نا مناسب رويو انڪري رَوا رکيو هو جو مون کي پڪ هئي ته مونسان هن جو جيڪو جذباتي لڳاءُ آهي ان جي ڪري سندس شادي شده زندگي ڪنهن به وقت متاثر ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري مون وک وک تي هن جي ارادن کي روڪڻ خاطر کيس بار بار نظر انداز ڪيو هو. مونکي اڄ به چِٽي طرح ياد آهي ته جڏهن مان هن جي ڪال اٽينڊ نه ڪندو هئس ته هوءَ راتين جون راتيون جاڳي موبائيل تي مونڏانهن پئي ”ايس.ايم.ايس“ اماڻيندي هئي، جن ۾ ڪيئي منٿون ميڙون، قسم واسطا ۽ عاجزي شامل هوندي هئي. پوءِ به جڏهن مان هن کي پنهنجو آواز ٻڌائڻ لاءِ چپن تان چونو نه لاهيندو هئس ته هوءَ مونکي منهنجي اولاد جو قسم ڏيئي سندس فرشتن جهڙي معصوم ۽ ننڍڙي پياري ڌيءَ ”ردا“ سان رڳو ٻه منٽ ڳالهائڻ لاءِ راضي ڪرڻ جِي ڪوشش ڪندي هئي. ڇوته جڏهن مان ”ردا“ سان ڳالهائيندو هئس ته موبائل ”هينڊ فري“ ڪري گهڙي کن لاءِ منهنجو آواز هوءَ پاڻ به ٻڌي وٺندي هئي. هاڻي مونکي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳو هو ته ”صنم“ سان ڪيل ڪلورن جا حق حساب شايد قدرت وارو مونکان سُرهاڻ وسيلي وٺائي رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ هاڻي مان اهو مڃڻ تي مجبور ٿي پيو هئس ته دنيا ۾ ”مقافاتِ عمل“ نالي ڪا شيءِ به بلاشڪ موجود آهي! مونکي ياد ٿو اچي ته مونکي سڌارڻ ۽ مونکان پاڻ پلائڻ جي ارادي سان هڪ ڀيري سُرهاڻ پاڻ کي ”انسان“ مان ”پٿر“ بڻائي ٻن ڏينهن تائين پنهجو موبائيل ئي ”آف“ ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي دل سان جيڪا ويڌن ٿي هئي، اها ڪيفيت مون ”ممڪن ناهي!“ جي عنوان سان هڪ نظم لکي، هن طرح قلمبند ڪئي هئي: منهنجي سانئڻ! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، توکان ڌار گذاريندي، تنهايُن جي ڀيڙَ ۾ آخر، پنهنجو پاڻ وڃائي ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، هڪ ئي پل ۾ پنهنجا سُندر خوابَ ۽ سارا هوشَ، حواسَ گنوائي ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، برههَ جي بنواسَ ۾ تنهنجي سارُن کي سنتوش بڻائي، ساهه سندي کي سختيون سڀ سهائي ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، دل کي درد ـ سمونڊ ۾ ٻوڙي، گهاڻي جي پيڙا مان گذري، اکڙيون پولارن ۾ آئون کُپائي ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، برکا رُت جي پهرين بارش ڏينهن اچانڪ، ڪنهن سگريٽ جي ڦُلي وانگر، پنهنجو پاڻ ڇڻائي ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، پاڻ کي تنهنجو پاڇو سمجهي، هوريان هوريان ڪنهن شمع جيان، جلندي پاڻ پگهاري ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، هجر جي ماريل دل کي ماٺ ڪرائڻ خاطر، ڪنهن پل لاچاريءَ عالم ۾، خنجر خُود وهائي ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، درد کي پنهنجو جيونُ ارپي ، ۽ ڪنڌ مونن منجهه لڪائي ، ڪولابا، ڪنٺا ڀي ڪڏهين پائي ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، پڄري پڄري، من پنهنجي کي انڌيارن جو، ڪارو ڪفن ڍڪائي ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، بي چينيءَ جي گونج کان ڏنگجي، پنهنجي اُجڙيل روح جي بستي، پل ۾ پاڻ جلائي ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، توکي چاهڻ جي خواهش ۾، خوابن کان اکڙيون، رستن کان پير به پنهنجا گهائي ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، تنهنجي راهن ۾ اٽڪيل، نمناڪ نگاهن کي بس، ڪنهن ويران جزيري منجهه رُلائي ويهان! ممڪن آهي.... ممڪن آهي، کٽَ تي ليٽي، ويهاڻي کي ٽيڪ لڳائي ، ڏسندي ئي ڏسندي جيون جِي ، هڪ ڏينهن راند ڦِٽائي ويهان! ممڪن آهي.... پر او سانئڻ! کن پل لئه ئي، تنهنجي ياد جي آڱر ڪڏهين، هٿ مان آئون ڇڏائي ويهان! ممڪن ناهي! ممڪن ناهي! ممڪن ناهي! ٻن ڏينهن بعد سُرهاڻ پاران ٽُٽل رابطو بحال ٿيڻ تي لَڙيءَ اڌ رات مهل گهر کان ٻاهر وڃي جڏهن مون موبائيل تي کيس پنهنجو مٿيون نظم ٻڌايو هو ته هوءَ روح تائين ڌونڌاڙجي وئي هئي، سندس دل ڄڻ جنڊ جي پُڙن وچ ۾ چِچِرجي پيئي هئي، هن جي چپن مان اوچتو آههَ ايئن نڪتي هئي ڄڻ ڪو پکي آکيري مان اُڏامي ويو هجي. نظم شروع ٿيڻ کان پورو ٿيڻ تائين هوءَ ڪنهن معصوم ٻار جيان روئندي، حال کان بي حال ٿي وئي هئي. ان رات پهريون ڀيرو مون هڪ پٿر کي پُرزا ٿيندي محسوس ڪيو هو، پهريون ڀيرو اسانجي ٻن دلين ۾ ڌرتي ڦاٽڻ جهڙو هڪ باهمي ڌماڪو ٿيو هو ۽ اسان جي دلين ۾ گڏ ٿيل درد هڪ ئي وقت سُڏڪن جي صورت ۾ ڦاٽي ٻاهر نڪتو هو. اهو پهريون موقعو هيو جڏهن سُرهاڻ ۽ مان گڏجي رڄ ٿي رُنا هئاسين. ساڳي رات سِسِڪيون ڀريندي ۽ مون مٿان پنهنجي ملائڪن جهڙي معصوميت نروار ڪندي سُرهاڻ ٽٽل ٽٽل لفظن ۽ گهٽيل گهٽيل لهجي ۾ مون سان اهو اعتراف پڻ ڪيو هو ته، ”مان توکان نفرت ڪونه ڪندي آهيان، بس رڳو توکان پنهنجي پچر ڇڏائڻ چاهيندي آهيان، انڪري جو تون ڏاڍو جذباتي ۽ سمجهه کان ڏيوالو آهين.“ موٽ ۾ هڪ ئي وقت روئڻ ۽ کلڻ واري گاڏڙ ساڏڙ لهجي ۾ مون کيس چيو هو ته، ”چري! ڀل تون مونکان نفرت ڪندي ڪر، تنهنجي نفرت به مون لاءِ ڪنهن ميراثَ کان گهٽِ ڪونه آهي.“ ••• سُرهاڻ ۽ مان هاڻي ڪيترائي حيلا هلائڻ جي باوجود به هڪ ٻئي کان پنهنجو پنهنجو درد لڪائي ڪونه سگهندا هئاسين، ۽ نه ئي اسان مان ڪنهن کان ڪنهن ٻئي جو سُور ئي سَٺو ٿيندو هو. هاڻي اسان ڳالهين ڳالهين ۾ روئي پوندا هئاسين ۽ روئندي روئندي کِلي ويهندا هئاسين. هڪ ڀيري معاشي حالتون ٺيڪ نه هئڻ سبب منهنجا ڏينهن ڏاڍي تنگدستيءَ وارا گذري رهيا هئا. انهن ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن نه چاهيندي به جڏهن سُرهاڻ سان پنهنجو حال اوري ويٺو هئس ته يڪا يڪ ڪنهن وبا وانگر هن کي به اُداسي وڪوڙي وئي هئي. انتهائي گنڀيرتا ۽ پوري خلوص مان چيو هئائين، ” ڪجهه پئسا مان موڪليانءِ....؟“ سُرهاڻ جي آڇ ٻڌي مون پنهنجو وجود پاڙئون اُکڙندي محسوس ڪيو هو. اکين اندر ڳوڙها زنجيرن ۾ جڪڙجي منهنجي سمورن جذبن تي ڇانئجي ويا هئا. ان پل جڏهن پنهنجي ”جيون ڪتاب“ تي نظر ڦيري هئم، ته اُن جو ”جيون ساٿيءَ“ وارو ورق ڪافي ڌنڌلو نظر آيو هئم. جنهن جي چِٽائيءَ تي غور ڪندي جڏهن اکين ۾ سُرهاڻ جو تصور تري آيو هئم ته اکين ۾ آيل ڳوڙهن جو جهلائو بند ٽٽي پيو هو. اکين جي نميءَ کي آواز ۾ لهڻ نه ڏنو هئم، ۽ اندر جي سمورن جذبن کي لڪائي، پنهنجي خود داريءَ کي ڪرچيون ٿيڻ کان بچائڻ خاطر، هڪ ئي ساهيءَ ۾ سُرهاڻ سان ڪيترائي ڪوڙ ڳالهائيندي، مشڪل سان کيس اها تسلي ۽ دلداري ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو هئس ته، ” منهنجا حالات اڄ تائين برابر ٺيڪ ڪونه هئا، پر سڀاڻي مڪمل طرح درست ٿي وڃڻ جو پڪو پڪو آسرو اٿم.“ پنهنجون ۽ سُرهاڻ جون جذباتي پريشانيون ياد ڪندي، هتي منهنجي من جي ڦرهيءَ تي سياري جي اها دل چِير رات تري اچي ٿي، جيڪا ڪنهن به طرح ڪنهن قيامت کان گهٽ ڪونه هئي. ان رات جڏهن سمورو لوڪ ننڊ جي گهيرٽ ۾ اچي چڪو هو، ۽ سُرهاڻ سندس دل جي گهرايُن مان ڦٽل بي انتها درد کي پنهنجي آواز ۾ اوتيندي، موبائل تي مونکي سنڌ جي سدا حيات شاعر ”شيخ اياز“ جو گيت ”سَکي! پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سواءِ نه ٿيندي....“ ڳائي ٻڌايو هو، ته منهنجو روح بي آب مڇيءَ وانگر تڙپي پيو هو، سيني ۾ ڄڻ ڪنهن بڙڇي وهائي ڪڍي هئي ۽ دل پنهنجي جاءِ تان پٽجي سيني جي قفس ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳي هئي. منهنجو جيءُ اچانڪ جرَ جي ڦوٽي وانگر ڦِسي پيو هو، نيڻ نيسارا ڪري وهي پيا هئا ۽ اندر مان هڪ دردناڪ آههَ ڦاٽُ کائي نڪتي هئي. پوءِ هَنجون هاريندي ڪيتري دير ديوارن سان ٽڪر هڻندو رهيو هئس. انهن غمناڪ لمحن ۾ منهنجي سُرهاڻ ڪهڙين ڪيفيتن مان گذري هئي؟ هِتي اهو بيان ڪرڻ لاءِ نه مون وٽ لفظ آهن نه ئي حوصلو ! ••• سُرهاڻ جي ذات ۾ هڪ بي مثال انفراديت هوندي هئي، جنهن تحت هوءَ هر روز پاڻ به بدلبي رهندي هئي ۽ مونکي به تبديل ٿيڻ لاءِ اتساهي، پنهنجي ۽ منهنجي بي حِسيءَ کي آواز ڏيندي رهندي هئي. هن جِي ڍار ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي هوندي هئي. هوءَ ڪڏهن ته مونکان پل به پري رهي نه سگهندي هئي ۽ ڪڏهن وري مونکي پل ۾ پرائو ڪري ڇڏيندي هئي. هوءَ بادلن وانگر رنگ مٽائيندي دل جي ساز تي نوان نوان ڌڪ هڻندي رهندي هئي. بلڪل شاهه سائين جي هيٺئين بيت وانگر : ڪڏهين طاقيون ڏين، ڪڏهن کُلن در دوستن جا، ڪڏهن اچان، اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نِينِ، ڪڏهن سِڪان سڏَ کي، ڪڏهن ڳجهاندر ڳرهين، اهــــــــــڙا ئـــــي آهـــيـــن، سـڄـڻ منـهنـجا سُپرين. هوءَ ڪڏهن ته مون کي پنهنجو راز محرم سمجهندي ڏاڍي مشتاقانه انداز ۾ مونسان گهڻيون پرچاڻيون پئي ڪندي هئي، پر ڪڏهن وري بنهه بي مروت ٿي مون کي پنهنجو ڪجهه به مڃڻ کان مُڪري ويندي هئي. ڪڏهن هن جي پيار جِي پالوٽ پالوٽبي هئي ته محبت جا درياءَ وهائي ڇڏيندي هئي، پر ڪڏهن مون پاران "I love u so much." چوڻ يا لکڻ تي پنهنجي موبائل ۾ خاص طور مون لاءِ ”فِيڊ“ ڪري رکيل "I hate you so much" جو ’ايس.ايم.ايس‘ ورائي ورائي مونڏانهن پئي موڪليندي هئي. هڪ ڀيري خيرپور لڳ ٺيڙهي شهر ۾ ”نيشنل هاءِ وي“ پيدل ڪراس ڪندي، ساڳي وقت موبائل تي سُرهاڻ ڏانهن ”ايس.ايم.ايس“ به لکندو پئي ويس، ته ڀر مان ڪنهن وڏي گاڏيءَ جي حادثاتي بريڪ سبب پيدا ٿيل چرڙاٽن مونکي اوچتو ڇرڪائي وڌو هئو. هوش سنڀالڻ تي پتو پيو هئم ته مون پاران بي ڌياني ۽ لاپرواهيءَ سان روڊ ٽپڻ سبب هڪ ٽرڪ سندس ڊرائيور پاران زور سان ڏنل بريڪ جي باوجود ڏامر سان ٺهيل روڊ تي ليڪا ڪڍندي ذري گهٽ منهنجي سِر تي اچي ڪڙڪي هئي. ٽرڪ جي ڊرائيور ان وقت ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿيندي مونکي انتهائي سُريليون راڳڻيون پئي ٻڌايون. مون اها ڳالهه جڏهن سُرهاڻ سان شيئر ڪئي هئي ته غصي مان هوءَ به مون مٿان باهه ٿي وئي هئي ۽ ٽرڪ جي پٺاڻ ڊرائيور کان به وڌيڪ مند جِي ٻڌائيندي چيو هئائين ته، ”روڊ تي موڳن وانگر نه گهمندو ڪر، خدا عقل ڏنو اٿئي ، سالم دماغ سان اول ساڄي پاسي ۽ پوءِ کاٻي پاسي ڏسي رستو پار ڪندو ڪر.“ هن جي صلواتن سان پنهنجا ڪن ٺارڻ بعد مون کيس حسرت واري انداز مان چيو هو ته، ” جي توڏانهن پيار جو آخري ”ايس.ايم.ايس“ اماڻيندي مونڏانهن موت اچي ها ته مونکي باقي ڇا گهرجي ها؟“ مون پاران ايئن چوڻ تي اوچتو بَن ۾ باهه لڳي وئي هئي، ڄڻ ته ککر ۾ کڙو لڳو هو. پوءِ ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽُ کائيندي سُرهاڻ منهنجي اهڙي ته لاک لاٿي هئي جو ٻڌائڻ ۾ به مونکي هٽڪ محسوس ٿي ٿئي. ••• سُرهاڻ، جيڪا اڪثر پنهنجي هٺ ڌرميءَ سان منهنجي دل آئيني وانگر ڀور ڀور ڪري ڇڏيندي هئي، هڪ ڏينهن ڳالهين ئي ڳالهين ۾ حڪم ٻڌائي ويٺي هئي ته، ” مان جتي به هوندس اُتي تون نه ايندين، تون ڪڏهن به مونسان ملڻ جي ڪوشش نه ڪندين، مان جنهن راهه تان گذرندس تون اهو رستو مٽائي ويندين. ايتري تائين جو اگر مان تنهنجي شهر ۾ ايندس ته تون پنهنجو شهر ئي ڇڏي ويندين.“ هن جي عدالت پاران مليل فيصلو ٻڌڻ ۽ قبولڻ بعد مون کيس ان ظالماڻي سزا جو سبب سمجهائڻ جيِ استدعا ڪئي هئي، جنهن تي جک کائيندي انتهائي اُڻ تڻ وچان پڇيو هئائين، ”ڇا مرضي اٿئي، سڀني جي سامهون اچي مونسان هٿُ ملائيندين ڇا؟“ سُرهاڻ وٽ پنهنجي سزا جو سبب ڄاڻندي منهنجي منهن مان کِل جو ڦوهارو ڦُٽي پيو هو. مان سڄو پيار ۾ ڀرجي ويو هئس. وڏي مشڪل سان کِل ضبط ڪندي کانئس پڇيو هئم، ”ڇا تون ان ڳوريءَ ڳالهه لاءِ پريشان هئينءَ، منهنجي جان؟!“ موٽ ۾ فرشتن جهڙي سادگي ۽ معصوميت مان هُن ”ها!“ ۾ ورندي ڏني هئي. جنهن تي مون کيس آٿت ڏيندي چيو هو ته، ”پريشان نه ٿي، ڇوته پڙهيا لکيا مرد ۽ عورت پاڻ ۾ هٿ نه ملائيندا آهن، اُهي سکڻو سلام ڪندا آهن. اسان کي به اگر قسمت ملايو ته پري کان هڪ ٻئي کي سلام ذريعي کيڪارينداسين ۽ پوءِ سڀني جي سامهون اکين سان اکيون گفتگو ڪنديون ۽ سوالن، جوابن جا خال اکين جون صدائون پاڻهي پُر ڪري وٺنديون.“ ••• شروع ۾ سُرهاڻ، منهنجا حوصلا پُست ڪرڻ ۽ مونکي پسرائڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن بود ۾ ڀرجي منهنجي جوءِ کي ”ڀاڀي“ ڪوٺيندي هئي، کيس اهڙو موقعو اڪثر تڏهن ملندو هو جڏهن رات جي وقت مان کيس موبائل تي پنهنجي شاعري ڳائي ٻڌائيندو هئس. ان ويل وڏا وڏا چنچل ٽهڪ ڏئي پهريان چوندي هئي، ”بس ڪر، پاڙو اوڙو نه اُٿئي.“ مٿان وري شيطاني ڪندي، ڊيڄارڻ واري انداز ۾ چوندي هئي، ”پٺيان ڀاڀي ٿي اچئي.“ هن جي ان مستيءَ تي مان کيس شعر وسيلي سمجهائيندي چوندو هئس: سياڻي ٿي او نينگري! ڪر تون ڪين خطا، عاشق کي ٿي ادا چوين توکي بخشيندو نه خدا. هوءَ اها ڳالهه اڪثر خوش خلقيءَ سان لنوائي ڇڏيندي هئي ، ۽ اڃا به کينچل کان باز نه ايندي هئي. تڏهن کيس پيار مان دڙڪو ڏيندي چوندوهئس، ” جي ٻيهر اهو لفظ ورجايئي ته ڀاڪي پائيندوسانءِ.“ ان تي هوءَ اڪثر ٽهڪڙو ڏئي نهڪر ڪندي چوندي هئي، ”بس ڪيم، ڪونه ٿي چوان.“ اڳتي هلي ڪنهن موقعي تي کئونس خاطر جي ٻيهر ساڳيو لفظ هٿيار طور هلائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته ”پرل ڊسٽ“ چانهن جي اشتهار ۾ مڙس پاران زال کي چيل جملي، ” تنهنجي ٻانهنِ ۾ پرل جو ڪنگڻُ!“ جي موٽ ۾ زال طرفان ادا ڪيل ڊائلاگ،”اشارو سمجهي ويس، مهمان ٿا اچن.“ واري اسٽائيل ۾ کيس چوندو هئس، ”اشارو سمجهي ويس، ڀاڪيءَ جو موڊ ٿيو اٿئي.“ جنهن تي هوءَ ششدر ٿي موضوع مٽائڻ تي مجبور ٿي پوندي هئي. هوءَ جڏهن مون سان ڳالهائڻ کان ڦسراٽ ڪندي هئي ته کانئس پڇندو هئس، ”آفيس ۽ فيلڊ ۾ روزانو ڪيترن ماڻهن سان ڳالهائيندي آهين، پنهنجي مٺڙي ماسات لاءِ تو وٽ ٽائيم ئي ڪونهي؟“ مون کي ساڙڻ لاءِ چوندي هئي پنجويهن ٽيهن ماڻهن سان ڳالهائيندي آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جو تعداد سئو به ٿي ويندو آهي.“ مان جڏهن سُرهاڻ کي موبائل تي ”فلائنگ ڪِس“ موڪلي، کانئس ”پهتي، نه پهتي؟“ پڇندو هئس ته هوءَ اڪثر”لعنت بيشمار!“ جو زوردار نعرو لڳائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن موٽ ۾ مان به بنا رک رکاوَ جي کيس چئي ڏيندو هئس ته، ” تون منهنجي زندگي آهين، پر اهڙي زندگيءَ تي لعنت هجي.“ کيس صفا سوڙهو پوندو هئس ته آڪڙ ما ن چوندي هئي، ” بي عزتي ڪندي سانءِ.“ پڇندو هئومانس، ”هونءَ وري ڪهڙي عزت ڪندي آهين؟“ هوءَ جڏهن منهنجي موبائل جو بئلنس بچائڻ لاءِ بار بار ”خدا حافظ“ چئي ڪال ڪٽڻ جي ڪندي هئي ته کيس حڪم واري انداز ۾ “No and Never” چوندو هئس. جنهن تي هوءَ موٽ ۾ “By for ever” جو ورد ورجائيندي چوندي هئي، ”هاڻي هفتو ڪال نه ڪجانءَ، پوءِ مهينو ۽ بعد ۾ سال. تيستائين پاڻهي سڌري ويندين.“ هوءَ جڏهن فيمليءَ ۾ هجڻ سب مونسان نه ڳالهائي سگهندي هئي ته کيس چوندو هئس، ” آواز نٿي ٻڌائي سگهين ته کنگهراٽ ئي ڪري ڏيکار.“ جواب ۾ هوءَ هورڙيان ٻه چار لاڳيتا کنگهراٽ ڪري مون کي کلڻ ۽ خوش ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪندي هئي. هوءَ جڏهن ڊيوٽيءَ بجاءِ گهر ۾ هوندي هئي ۽ ڪوٺي جي ڇت تي چڙهي، گهر وارن کان چوريءَ مون سان ڳالهائيندي هئي ته ڀئونتري ۾ اڪثر گڏهه جي هينگڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ ايندو هو. پڇندو هئومانس، ”اهو ڪهڙو راز آهي؟ جواب ۾ ٽهڪ ڏئي چوندي هئي، ” اهو راز نه، اسانجي ڳوٺ جو ٽريڊمارڪ آهي.“ ڪڏهن ڪڏهن انتهائي ويجهڙائپ محسوس ڪندي سُرهاڻ کان پڇندو هئس، ” ڇا توکي لڳي ٿو ته پاڻ رڳو ٻن مهينن جا واقف آهيون؟“ چوندي هئي، ” ها، مان سمجهان ٿي ته منهنجي نمبر تي هاڻي هاڻي رانگ نمبر ڪال ڪئي آهي.“ چوندو هئومانس، ”چري! پاڻ جنم جنم جا ساٿي آهيون. هن کان اڳ اسان عالمِ ارواح ۾ ڪٺي هئاسون.“ منهنجي ان ڳالهه تي تڪڙ ۾ چوندي هئي، ” ڪوڙ نه هڻ...ڪوڙ نه هڻ. مان توکي سڃاڻان ئي ڪونه ٿي.“ جڏهن کيس يقين ڏيارڻ لاءِ هن جو ئي قسم کڻندو هئس ته کلندي چوندي هئي، ”منهنجو قسم نه کڻ، مري نه وڃان.“ مان جڏهن سُرهاڻ کي پنهنجي ڪا ڳالهه مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته چلولائيءَ مان هوءَ مونکي ”بِشني ۽ بي ايمان“ ڪوٺيندي هئي. جڏهن مان ڪنهن معاملي ۾ کانئس کيپ کٽي نه سگهندو هئس ته محبت جي محاذ تي پنهنجا سمورا هٿيار ڦٽا ڪندي کيس نيزاريءَ مان چوندو هئس، ”ڀلو ٿيئي، مونکي ايترو ڪَڪِ نه ڪندي ڪر، ڇوته پوءِ جڏهن تون نه هوندي آهين، تڏهن مان ڏاڍو ڪَڪِ ٿيندو آهيان.“ جاري جاري جاري ۔ ۔ ۔