ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
سڄڻن جا سور منزل جي تصديق
ڪُسي نه ڪُسڪيا ورري وري وک وڌي آيا
جنين ڏکن ڏاهو ڪيو تنين سندا سک سهايا
ڏاهن سي ڏيھ پڇايا، جت، جيئن پر تو ٿي پرين
جا نه ڏَڌِي سا ڇا ڏک ڏِسي
سا پرين پسي، جنهن اندر آراڻو
تيئين تيئن ٿِي طالب جيئن جيئن ڏڌي ڏيرن
اڇا ڇڏي اڱڻ ڏاڏل ڏُکايائين ڏکوئيندڙ ڏونگرن
پنڌ نه پڳو پيرن ته هٿ ريڙهيون ڏئي هلي
ڏک مليس ڏاج جڏهن پاتائين پنهون سين پيچ
ياد رهيس ڪيچ، ڏاڏل باقي ڏنائين باھ ڀنڀور کي
ڏنگيل کي ڇا ڏنگجي واڪو ڪيو واسينگن
ڏاڏل سسئي کي سورن بچايو بلائن کان
جنين ڏکن ڏاهو ڪيو تنين سندا سک سهايا
ڏاهن سي ڏيھ پڇايا، جت، جيئن پر تو ٿي پرين
جا نه ڏَڌِي سا ڇا ڏک ڏِسي
سا پرين پسي، جنهن اندر آراڻو
تيئين تيئن ٿِي طالب جيئن جيئن ڏڌي ڏيرن
اڇا ڇڏي اڱڻ ڏاڏل ڏُکايائين ڏکوئيندڙ ڏونگرن
پنڌ نه پڳو پيرن ته هٿ ريڙهيون ڏئي هلي
ڏک مليس ڏاج جڏهن پاتائين پنهون سين پيچ
ياد رهيس ڪيچ، ڏاڏل باقي ڏنائين باھ ڀنڀور کي
ڏنگيل کي ڇا ڏنگجي واڪو ڪيو واسينگن
ڏاڏل سسئي کي سورن بچايو بلائن کان