محمد رمضان منڌرو
سينيئر رڪن
بدين جي نوجوان شاعر ۽ سنڌ سلامت جي ڪارڪن جي شاعري جو هڪ نئون انداز
لهندي سج چوندي رهيو،
هو ڏور ويندو هليو.
وري راه تڪيندي رهيس،
ڪو لمحو گذريو ئي مس،
تيسين ڪتين اڀرندي چيو،
هو ڏور ويندو هليو.
رات ساري خاموش هئي،
تڏهن دل اداس ٿئي ،
جڏهن اجنبي گذرندي چيو،
هو ڏور ويندو هليو.
پهر بي گذرندي رهيا،
گهاءُ گهرا ٿيندا رهيا.
جڏهن ڪوئل ٻوليندي چيو،
هو ڏور ويندو هليو.
هاڻي نه ايندي ويوآسرو لهي
تڏهن هيءَ ڪهاڻي اڌوري رهي،
جڏهن هوا گذرندي چيو،
هو ”ممتاز“ ڏور ويندو هليو.
لهندي سج چوندي رهيو،
هو ڏور ويندو هليو.
وري راه تڪيندي رهيس،
ڪو لمحو گذريو ئي مس،
تيسين ڪتين اڀرندي چيو،
هو ڏور ويندو هليو.
رات ساري خاموش هئي،
تڏهن دل اداس ٿئي ،
جڏهن اجنبي گذرندي چيو،
هو ڏور ويندو هليو.
پهر بي گذرندي رهيا،
گهاءُ گهرا ٿيندا رهيا.
جڏهن ڪوئل ٻوليندي چيو،
هو ڏور ويندو هليو.
هاڻي نه ايندي ويوآسرو لهي
تڏهن هيءَ ڪهاڻي اڌوري رهي،
جڏهن هوا گذرندي چيو،
هو ”ممتاز“ ڏور ويندو هليو.
