دوستو! انسان جو دوست ته ڪير به ٿي سگهي ٿو، انسان جو دوست انسان به ٿي سگهي ٿو (ڪهڙي به حيثيت جو هجي) ته جانور به ٿي سگهي ٿو، ڪتا، ٻليون، طوطا، گهوڙا ۽ ٻيا پالتو جانور به انسان جا دوست ٿي ويندا آهن ۽ ڪيترا ڀيرا ته انهن جانورن دوستيءَ ۾ پنهنجي جان نڇاور ڪئي آهي ۔۔۔
خئير ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن منهنجي گهر ۾ هڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ اسانجي هڙ هلي وئي ۽ ڪراچيءَ ۾ موجود هوندي سڄي گهر جي کاڌ خوراڪ لاءِ صرف ڪي هزار هيا نه نوڪريون ۽ نه ڪو ڌنڌو ۽ نه وري ڪو ٻيو آسرو، ان اوچتي نقصان سبب آءُ سخت پريشان ٿي ويو هيس ۔۔۔ نقصان تمام وڏو هيو جنهن جو پورائو ڪرڻ ايترو آسان نه هو ۔۔۔ بس ائين سمجهو ته اهڙن نقصانن سبب يا ته ماڻهون چريو ٿي پوندو آهي يا قاتل ۔۔۔
خئير مون اها حالت پنهنجي هڪ مسڪين دوست سان ڪئي هو هڪ وين جو ڊرائيور هو، مونکي چيائين ته يار نثار! آءُ ٻي ڪا مدد ته نٿو ڪري سگهان ها جنهن ڪمپنيءَ اوهانجي هڙ گم ڪئي آهي انجي هڪ لڪل اسٽور جي خبر اٿم هل ته هلي اتان سامان کڻي اچجي ته من اوهانجي خاندان کي ڪجهه ڏينهن لاءِ فائدو ٿئي ۔۔۔ آءُ بک تي هيس سو ان دوست جي وين کڻي اهو اسٽور کولي ان ۾ موجود 50 يا 60 هزار جو سامان کڻي آياسون ۽ اهو سامان وڪڻي آءُ ڪجهه مهينن لاءِ گهر جو خرچ گڏي ڪري ورتو، ذهني پريشانيءَ کان نجات حاصل ڪيو ۔۔
مطلب ته ان دوست جي مدد سبب آءُ ٻڏ تر مان مان نڪري آيس ۽ هڪ نئون رستو ملي ويو ۔۔۔ ۽ وقت باقي زخم به جهڪا ڪري ڇڏيا آهن ۔۔۔
مٿي ڏنل تصوير پڻ اهڙي ئي ڪنهن صورت جي ترجماني ڪري رهي آهي ... ڪيئن؟
جنهنکي رب رکي تنهن کي ڪير چکي ۔۔۔